ڏاڙهي: دانائي جي نشانيءَ کان دهشت جي اهڃاڻ تائين
سيپٽمبر 2026ع جي پهرين ڇنڇر تي “ڏاڙھي جو عالمي ڏھاڙو” ملهايوويو. هي گڏيل قومن جو ڪو سرڪاري ڏينهن ناهي، پر ڏاڙهيءَ جي ثقافت ۽ ان جي سماجي معنيٰ تي ڌيان ڇڪرائي ٿو. عام طور هن ڏينهن کي فيشن ۽ مردانگي سان ڳنڍيو وڃي ٿو، پر ڏاڙهيءَ جي تاريخ وسيع ۽ پيچيدي آهي. ساڳي ڏاڙهي ڪڏهن دانائي ۽ وقار جي علامت سمجهي وڃي ٿي، ته ڪڏهن شڪ ۽ دهشتگرديءَ جي. تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڏاڙهيءَ کي عمر، تجربي، دانائي، مردانگي ۽ سماجي حيثيت سان ڳنڍيو ويو. مذهبي روايتن ۾ پڻ ڏاڙهيءَ جي اهميت رهي آهي. اسلام، يهوديت ۽ عيسائيت سميت الهامي مذهبن ۾. بهرحال ڏاڙهي رڳو مذهب جي علامت نه رهي آهي. جديد فڪر جي تاريخ ۾ ڪيترائي مفڪر ۽ انقلابي ڏاڙهي وارا هئا. ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلس جون تصويرون اهو ثابت ڪن ٿيون ته انقلاب جي نظريي کي به ڏاڙهيءَ جو ڏاج نصيب ٿيو. علامه اقبال پنهنجي فارسي شاعريءَ ۾ مارڪس جي ڀيٽ حضرت عيسيٰ رضه ۽ حضرت موسيٰ رضه سان ڪئي:
“وه ڪليم بي تجلي، وه مسيحِ بي صليب
نيست پيغمبر و ليڪن در بغل دارد ڪتاب”
(هو بنا صليب جي مسيح آهي، بنا عصا جي ڪليم آهي، پيغمبر ته ناهي، پر بغل ۾ ڪتاب داس ڪيپيٽال اٿس.) اڄ جي حساس ماحول ۾ اهڙي فڪري ڀيٽ ڪيتري قدر خطرناڪ ٿي سگهي ٿي، اهو پاڻ هڪ وڏو سوال آهي تھ “اھڙن ڪٽر ڪافرن” کي نبين سان ۽ پاڪ ڪلام کي داس ڪيپيٽال جھڙي ڪتاب سان ڀيٽجي!
ڏاڙهي، جيڪا ڪڏهن انساني دانائي ۽ وقار جي علامت هئي، سا پوءِ رڳو ظاهري سڃاڻپ جو ذريعو بڻجي وئي. ڏاڙهيءَ کي صرف مسلمانن جي سڃاڻپ سمجهڻ تاريخي اڻڄاڻائي آهي. سک ڌرم ۾ ڪيش (وار نه ڪٽڻ) مذهبي سڃاڻپ جو حصو آهي. 11 سيپٽمبر 2001ع جي حملن کانپوءِ اسلامو فوبيا جي ماحول ۾ ڪيترائي سک، مسلمان ليکجڻ سبب تعصب ۽ تشدد جو نشانو بڻيا. آمريڪي انصاف کاتي جي رڪارڊ موجب 9/11 کانپوءِ مسلمانن، سکن، عربن ۽ ڏکڻ ايشيائي ماڻهن خلاف نفرت ۽ تشدد جا واقعا ٿيا.
ڪنهن شخص جي چهري تي ڏاڙهي ڏسي سندس مذهب، قوميت يا سياسي خيالن جو فيصلو ڪرڻ خطرناڪ تعصب آهي. ڀارت بابت ھڪ ڪھاڻي آهي: وڳوڙن جي دوران ۾ ٻن موالين کي اڌ مڙھيو لاش مليو، جنهن جي منھن کي ڪتا چَٽي رهيا هئا. هو اھو لاش ڪتن کان کسي آخري رسمن لاءِ ِاول هندن وٽ کڻي ويا ته جواب مليو: “هن جي چهري تي هندن وارو تيج (نور) ناهي.” مسلمانن وٽ ويا ته چيو ويو: “هن جي چهري تي اسلام جو نور ناهي.” موالين چيو: “نور يا تيج هجي به ته ڪيئن؟ اهو ته ڪتا چَٽي ويا!” هي قصو سنجيده سوال اٿاري ٿو: ڇا مذهب چهري تي لکيل هوندو آهي؟ جيڪڏهن هجي ها ته غلط سڃاڻپون ڇو ٿين ها؟9/11 کانپوءِ ڏاڙهيءَ جي سماجي معنيٰ ڪيترن ئي مغربي معاشرن ۾ نئون سياسي رنگ اختيار ڪري ورتو. هر ڏاڙهي وارو دهشتگرد ناهي هوندو، جيئن هر ڪلين شيو شخص امن پسند ناهي هوندو. خوف جي نفسيات ظاهري نشانين کي اندورني ڪردار سان ڳنڍڻ شروع ڪري ڇڏيو. دهشتگرديء َخلاف جنگ کي ڪنهن مذهب، نسل يا ظاهري شڪل شبيھه خلاف جنگ بنائڻ سان تعصب وڌي ٿو. دهشتگرديءَ جي سڃاڻپ چهري جي وارن ۾ نه، پر تشدد جي عمل ۽ نظريي ۾ هوندي آهي.
پاڪستاني سياست ۾ پڻ ڏاڙهي، مذهبي سڃاڻپ ۽ ظاهري حليي کي اقتدار کان ڌار رکڻ ڏکيو آهي. ھنگامي بنيادن تي گهُرائي گَهڙائي وزيرا عظم بنايل شوڪت عزيز جي دور ۾ ھن سونھارين سان سينگاريل عالمن ۽ مشائخن جي وچ ۾ چيو: “عوام جي خدمت لاءِ ڏاڙهي ضروري ناهي.” اصولي طور تي اهو درست آهي، پر سوال آهي ته: ڇا ڏاڙهي نه هجڻ خدمت جي ضمانت آهي؟ جنرل ضياءُالحق پاڻ ڪلين شيو هو، سندس دور ۾ پاڻ وڻندي اسلامائيزيشن ۽ مذهبي سياست کي رياستي طاقت ذريعي اڳتي وڌايو ويو. نواز شريف جي دور ۾ “اميرالمومنين” واري سياسي تجويز به تضاد کي ظاهر ڪري ٿي.
عبدالستار ايڌي يا مدر ٽريسا جي هم عصر ڪردارن کي ڏسو ته واضح ٿئي ٿو: انسانيت جو امتحان ڏاڙهيءَ جي ڊيگهه يا ان جي نه هجڻ سان نه، بلڪه عمل جي موجودگي ۽ بلنديءَ سان ٿيندو آهي.
منهنجو جسم، منهنجي مرضي بنيادي طور عورتن جي جسماني خودمختياري سان لاڳاپيل نعرو آهي. جيڪڏهن عورت کي پنهنجي جسم جا فيصلا ڪرڻ جو حق آهي، ته پوءِ مرد کي پنهنجي چهري بابت فيصلو ڪرڻ جو حق ڇو نه هجي؟ مذهبي عقيدي ۽ فرد جي آزاديءَ وچ ۾ فرق رکڻ ضروري آهي. ڏاڙهي رکڻ مذهبي عقيدت ٿي سگهي ٿي، پر ان کي ٻين تي جبر جو ذريعو بڻائڻ الڳ ڳالهه آهي. اهڙي طرح سيڪيولر سوچ جو مطلب اهو ناهي ته مذهبي لباس يا ڏاڙهيءَ جو مذاق اڏايو وڃي يا ان کي دهشتگرديءَ سان ڳنڍيو وڃي. اصول سادو آهي: نه ڏاڙهيءَ جي نالي تي جبر، نه ڏاڙهيءَ جي نالي تي تعصب.
مردانگي کي چهري جي وارن سان پرکڻ پروڙڻ به سطحي عمل آهي. هڪ مرد جي سورھيائي جي ساک، ذميواري يا ايمانداري سندس چهري جي وارن مان طئي ناهي ٿيندي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڏاڙهي وارا به ظالم رهيا آهن ۽ ڪلين شيو به؛ ڏاڙهي وارا به انسان دوست رهيا آهن ۽ بنا ڏاڙهيءَ وارا به. چهرو انسان جي ڪردار جو مڪمل نقشو ناهي هوندو. ڏاڙهيءَ جي تاريخ دلچسپ آهي: ڪڏهن دانائي جي نشاني، ڪڏهن مذهبي عقيدي جي، ڪڏهن سماجي حيثيت جي، ڪڏهن بغاوت جي ۽ ڪڏهن نفرت ۽ شڪ جي علامت پڻ بڻائي وئي، پر ڏاڙهي پاڻ نه دانائي آهي، نه جهالت؛ نه نيڪي آهي، نه برائي؛ نه دهشتگردي آهي، نه ئي امن. ڏاڙهي ڪجهه هارمونز جي اپت آهي؛ ان کي جيڪا معنيٰ ڏني وڃي ٿي، اها معاشري جي سوچ جو نتيجو آهي.
ورلڊ بيئرڊ ڊي جو سڀ کان اهم پيغام ڏاڙهيءَ بابت نه، پر انسان بابت هجڻ گهرجي. جيڪڏهن بغير ڏاڙهيءَ جي مرد پاڪستان جا صدر، وزيراعظم ۽ حڪمران ٿي سگهن ٿا، ته پوءِ عورت جي حڪمرانيءَ تي مذهبي اعتراضن لاءِ ڏاڙهيءَ کانسواءِ ِٻيا ڪهڙا معيار آهن؟ ۽ جيڪڏهن ڪلين شيو ڪنهن مرد جي قابليت ۽ اخلاق ۾ رنڊڪ ناهي، ته پوءِ ڪنهن ڏاڙهي واري کي دهشتگرد ڇو سمجهيو وڃي؟
انسان کي چهري سان نه، پر ڪردار سان پرکڻ سکڻو پوندو. ڏاڙهي هجي يا نه هجي، پٽڪو هجي يا ٽوپي، شلوار هجي يا پينٽ ڪوٽ وغيره. انهن مان ڪو به انسان جي ڪردار ۽ اخلاق جو ضامن يا معيار ناهي. حقيقي دانائي اها آهي ته ظاهر کان اڳ انسان کي ڏٺو وڃي. حقيقي انسانيت اها آهي ته جيڪو شخص مختلف نظر اچي، ان کي دشمن سمجهڻ بدران انسان سمجهيو وڃي.
اسلامي اسڪالر جاويد غامدي جو لکيل ڊائيلاگ فلم خدا ڪي ليئي مشهور آهي: “اسلام ۾ ڏاڙهي آهي، ڏاڙهيءَ ۾ اسلام ڪونھي.” سو ڏاڙهي نه ايمان ۽ انسانيت جي سند آهي ۽ نه ئي ڪفر ۽ دهشتگرديءَ جو سرٽيفڪيٽ.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟