بازار حُسن…!
Bakhtawar Razaq Dars
شاگرد، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪارا
منشي پريم چند جو ناول نيٺ پورو ڪيم…!
ڪتاب جو پهريون ورق پلٽيو، ٻه ڏينهن به وڏا! فنيش.
تمام واندن خيالن کان واندي هيس، بشاش سوچن جي برسات ڪڻي ڪڻي وسي رهي هئي.
منتشر يادون ماضيءَ جي جھروڪن مان ترورا بڻجي ذهن جي ڪئنواس تي وڇائجڻ لڳيون، مون هلڪي سُر سان ڪو نغمو ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪئي! وري بي ربط خيالن جا سلسلا شروع ٿي ويا.
دماغ کي ڌوتاري! ماهوار همسريءَ ۾ ناول تي رِويو لکڻ لاءِ دل کي همٿايم.
اچو ته منشي جي ڪردارن تي، گذريل وارتائن جو اڀياس ڪريون…!
“ڪڏهن ڪڏهن اصول جيئڻ ناهن ڏيندا” ذاتي مشاهدو نه دانشوراڻي راءِ آهي.
ڪرشن چندر جي ايمانداري، سندس واريءَ سان بڻايل گهروندي لاءِ ڇولي ثابت ٿي، بچيو باقي ڪجھه به، اصولن سندس سنسار اونڌو ڪري وڌو.
منشي جي چوي ٿو: “جيڪو نشو عزت ۾ آهي، اهڙو دولت ۽ شهرت کي به ناهي.”
جيسين ايماندار رهيو، تيسين کانئس خائف ماتحت به عزت ۽ قدر جي نگاھ سان ڏسندا هئا.
اھو عمل، تسڪين جو معراج هو، پر سڻڀو گرهه ته هر هڪ کي گهرجي، ماتحتن کي سندس ايمانداري ڪٽر وانگي هرندي هئي.
نيٺ… ڪرشن چندر جي ايمانداري فرسوده رسمن هٿان هارائي وئي.
رواج اڳيان سچائي، حق ۽ اصول ڪنهن جي به ناهي هلندي.
داروغي جي کيس سماجي مجبوري بي ايماني ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو.
ڌيءَ لاءِ چڱو ور هٿ ڪرڻ لاءِ چڱو ڏاج ٿي ڏيڻو پيو چڱي ڏاج لاءِ چڱي رقم ٿي گهرجي.
ان وچ ۾ ڀڳوان ڪرڻي، حد جي ڪرتائن ڌرتائن هٿان
قتل ٿي ٿو وڃي.
مرڊر جي جاچ دوران ملوث ڌر کان پئسا وٺي معاملي کي لئه مٽي ڪرڻ ۽ اڪيلي سر ساري رقم ڦٻائڻ جي جرئت کيس وائکو ڪري وڌو.
ڳالھه ٿاڻي جي ديوارن مان نڪري بالا عملدارن جي ڪنن تائين وڃي پڳي، فوجداري ڪيس لاڳو ٿيو، پنج سال جي قيد با مشقت جي سزا… پويان بي واهر گهر ٻار.
ڪرشن چندر جي ڪرپشن تي، پوري ناول جي ڪهاڻي جو پلاٽ ٻڌل آهي.
هڪڙي برائي، سوين برائين کي جنم ڏئي ٿي.
پر کيس راشي به سسٽم حالتن رواجن ۽ روايتن ٺاهيو.
رشوت وٺڻ کانپوءِ به ڪردار جي سوچ کي شفافيت جو واس ۽ سچ جو لهجو آهي، پر اڪثريت ته ايئن نٿي سوچي نه.!
ھن ڪردار جو ذڪر، طول پڪڙي چڪو آهي.
گنگا جلي!
جيڪڏهن ڪرشن چندر جو چوڻ وٺي، پنج هزار جي رقم، پيشين ۽ وڪيلن تي نه ڀوڳي ها ته سمن جي ڀاڳ جو ستارو عدم جي اونداهيءَ جو حصو نه بڻجي ها!!
غلط فيصلا، غلط حالتن تي غلط رد عمل، اڪثر پڇتاءُ جو باعث بڻبا آهن.
مشرقي عورت ماءُ کان پهرين پتني هوندي آهي.
گنگا جلي خوشيون ته گهوريو، ڌيئرن جو سر به ور تان گهورڻ لاءِ آتي هئي. ان ڏسا ۾ پنج هزار جي رقم ته تمام گهڻي خسيس هئي.
ان ڀڄ ڊڪ ۽ خرچ، ايترو سو ڪيو، ڪڙي مشقت ۽ پنج سال سزا گهٽجي، چار سال ٿي.
لارڊ بانم چيو آهي ته: “وڪيل هڪ اهڙو شخص آهي جو اوهان جي جائيداد اوهان جي دشمنن کان بچائي پاڻ لاءِ رکندو آهي.”
برھمڻ گجا ڌر پرشاد!
سمن جي ور طور، گجا ڌر جي خانداني وقار جي بنا تي چونڊ ٿي. صورت تعليم ۽ معاشي حيثيت نظر انداز ڪئي وئي.
سمن سان پرڻي کانپوءِ گجا دهر جي حالت ان ماڻهوءَ جهڙي هئي، جيڪو چورن جي وچ ۾ اشرفين جي ٿيلھي کوليو ويٺو هجي.
ھو ڪڏهن سمن جي کيري ڪندڙ حسن جو تابع، ڪڏهن سندس موهڻي صورت کان خائف.
هڪ مياڻ ۾ ٻه تلوارون نٿيون رهي سگهن، شڪ جي ڌار يقين کان تکي هوندي آهي.
هڪ رات سمن کي سهيلي جي گهران دير سان موٽڻ تي، گهر جي در تان هميشه لاءِ بيدخل ڪري ٿو ڇڏي.
اهو پڇتاءُ روڳ ٿو بڻجي وڃي، سڀ ڪجھه تياڳي ڀڀوت ملي سنياسي بڻجي بي واهرن جي مدد ٿو ڪري.
ٿورا ماڻهو ضمير جو آواز ٻڌندا آهن ۽ غلطيون تسليم ڪن ٿا. گجا دهر پنهنجي پاپن جو پالن سنياسي ٿي ڪيو.
سمن!
16 ورهين جي هرکڻي ۽ منچلي نينگري.
سندس زبان دل کان وڌيڪ ذوق طلب آهي، هن کي مٺين ڳالھين کان چاشني وڌيڪ مٺي لڳندي هئي.
رنگين ڪپڙا رنگين شڪايتن کان وڌيڪ وڻندا هئا.
گجا دهر جي محتاط طبيعت هن جي عزيز و اقارب کان پريشان رهڻ لڳي.
پنهنجي محنت ۽ محبت جو خاطر خواھ اثر نه ٿيڻ تي بدظن رهڻ لڳو ائين ٻنهي جي وچ ۾ ڪشيدگي ۽ اختلاف وڌڻ لڳا.
سمن جي شوخ طبيعت، انا ۽ خود داري کيس دال منڊي جو رخ ڪرايو.
منشي جي چوي ٿو: “مرد کي ڪو سهارو ناهي هوندو ته چوري ڪندو آهي نامرد کي ڪو سهارو ناهي هوندو ته پنندو آهي، پر جڏهن عورت کي ڪو سهارو ناهي هوندو ته هوءَ بي شرم ٿي ويندي آهي.”
ناول ۾ سڀ کان وڌيڪ سمن جو ڪردار ڀوڳي ٿو، هر ٽرئجڊي ساڻس ٿئي ٿي.
آخر ۾ سمن جو ڪردار اتساهه ۽ جدوجهد جو اھڃاڻ بڻجي وڃي ٿو.
ھوءَ نوخيز نازنين حقيقت جي بٺيءَ ۾ پچي ڪندن بڻجي ٿي وڃي.
سماج سڌارڪ بڻجي، معاشري ۾ تڇ سمجهي ويندڙ، اونداهين گهٽين ۾ رهندڙ مخلوق جي مسيحا بڻجي ٿي وڃي.
ھن سڄي سفر ۾ منھنجيون دلي همدرديون پنڊت پدم سنگھه شرما جي حق ۾ رهيون.
ورنه ڪرشن چندر جي روئداد پڙهي هيئون ابتڙ اچي پيو، اصول پرستي ۽ ايمانداري جي ههڙي گت…! الاس.
شرما جي جو ڊائلاگ سندس ئي نانءُ! “يقين ۽ سچي نيت ۾ برڪت هوندي آهي.”
جيڪڏهن ڪوبه پنهنجي بلند خيالات، مضبوط حوصلي، خالص نيت ۽ سچي دل سان محنت کي فروغ ڏئي، ڪجا اهو مسئلو ڪهڙو ئي ڇو نه هجي، حل ٿيندو ضرور ٿيندو.
بٺل داس جو بنا ڪنهن غرض ۽ لالچ جي پنهنجي قوم لاءِ پتوڙڻ متاثر ڪيو.
سدن سنگھه جهڙي ڇيڳري ڇوڪر جو، شعور جي دنيا ۾ قدم رکڻ، چاچي ۽ پيءُ جي مدد بغير معاشي طور پاڻڀرو ٿيڻ، سماج جي هٿ ٺوڪين رواج کان بغاوت.
سندس بيگاني روح ۾ انساني همدردي جو سرايت ڪري وڃڻ، حيرت انگيز معلوم ٿيو.
منشي هر ڪردار کان خوب ڪم ورتو ۽ کين بلٽيون کارايون! ۽ ڪردارن خوب نڀايو.
ڊاڪٽر شياما چرن جي انگريزي طرز انداز خوب کيرو ڪيو.
سڀندرا جي غير مشروط محبت ۽ ساده دلي دل کي ڀائين وڌو.
ٻيا به کوڙ سارا ڪردار آهن، جيڪي پڻ سوچين ۽ لوچين ٿا.
بازار حسن هڪ سماجڪ ناول آهي.!
پوري ناول ۾ منشي ڪردارن جو ڀرپور بچاءُ ۽ دفاع ڪري ٿو، ڪردارن هٿان ڪيل گناهه غلطيون ۽ اخلاقي جرم ڪرڻ پويان، حالتون مجبوريون ۽ بي وسين جو بهانو بڻائي ٿو. هن ڪٿي به ڪردارن کي وائکو ٿيڻ نه ڏنو. پوري تحفظ ۽ حفاظت سان، اساٽ مان ڇانوري جو سفر طئي ڪرايو.
ناول جي اينڊنگ هيپي آهي.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟