بلوچستان ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان عليحدگي پسند تحريڪون هلي رهيون آهن، جنهن سبب رياست انهن تي ناراضگي جو اظهار ڪندي رهي ٿي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪي سرحدون غير محفوظ رهيون آهن، پر انهن سرحدي علائقن ۾ بغاوتون وڌنديون رهن ٿيون. اها به حقيقت آهي ته اهي سرحدي علائقا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن، ان ڪري بلوچ عليحدگي پسند گروهن ۽ اتان جي عام خلق کي اها شڪايت آهي ته بلوچستان صوبي جا ماڻهو غريب ترين آهن، جيڪي انهيءَ معدني ڌن دولت کان محروم رکيا ٿا وڃن. ايراني سيستان وانگي بلوچستان جو علائقو به پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو صوبو آهي، پر بدقسمتي سان هن صوبي گذريل ڏهاڪن کان وٺي موتمار حملا ۽ خونريزي جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو ڏٺو آهي. ان ڪري اهڙي محرومي جي ڪري اهي پنهنجن پنهنجن ملڪن کان آزاديءَ جو مطالبو ڪندا رهن ٿا، ان ڪري عليحدگي پسند تنظيمن پاران ڏهاڪن کان بغاوت جاري آهي. اهي قومون ان ڳالھ کان ناراض آهن ۽ چون ٿا ته اها رياست جي اجاراداري آهي ۽ علائقي جي معدنيات جو استحصال آهي. ايران به اهڙي طريقي پنهنجي ڪرد، عرب ۽ بلوچ اقليتن جي هڪ ڊگهي باغي تاريخ کي منهن ڏئي رهيو آهي.