عائشه ڀاواڻي گورنمينٽ ڪاليج جي نالي جي تبديلي، باني محسنن جي خدمتن کان انڪار ۽ حقيقي سڌارن کان پاسو
نومبر 2026ع ۾ سنڌ حڪومت پاران ڪراچيءَ جي شاھراهه فيصل تي واقع عائشه ڀاواڻي گورنمينٽ ڪاليج جو نالو تبديل ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سنڌي مسلم رکڻ جو فيصلو، رڳو هڪ تعليمي اداري جي نالي جي تبديلي نه، پر تاريخي ورثي، فلاحِي خدمتن ۽ حڪومتي ترجيحن بابت اهم سوالَ اٿاري ٿو. اهو فيصلو ملڪيت ۽ انتظامي اختيارن بابت ڏهاڪن کان هلندڙ تڪرار جي پسمنظر ۾ ڪيو ويو آهي، پر ان کان وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها آهي ته حڪومتي ادارن ۾ حقيقي سڌارن، تعليمي سهولتن جي واڌاري ۽ انتظامي مسئلن جي حل بدران نالن ۽ سائن بورڊن جي تبديليءَ کي اهميت ڏني وڃي ٿي.
سڀ کان پهرين اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت جو فيصلو رڳو سرڪاري ڪاليج تي لاڳو ٿئي ٿو، جيڪو سنڌي مسلم ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي، شاھراهه فيصل تي واقع آهي. ساڳئي احاطي ۾ قائم نجي تعليمي ادارو، عائشه ڀاواڻي اڪيڊمي، پنهنجي اصل نالي سان اڄ به بيگم عائشه ٻاواڻي ايجوڪيشنل اينڊ ويلفيئر وقف جي انتظام هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي.
عائشه ڀاواڻي ٻائيءَ جي وارثن 1957ع کان 1961ع جي وچ واري عرصي ۾ وقف ذريعي هي تعليمي ڪمپليڪس قائم ڪيو هو. ان جو بنيادي مقصد ڪراچيءَ جي وڌندڙ آبادي، خاص طور شاگردن ۽ شاگردياڻين کي معياري تعليم جون سهولتون فراهم ڪرڻ هو. هي منصوبو سرڪاري سرپرستيءَ بدران هڪ خانگي خاندان جي سخاوت، سماجي ذميواري ۽ فلاحِي جذبي جو نتيجو هو.
اداري جي تاريخ ۾ 1972ع اهم موڙ ثابت ٿيو، جڏهن وفاقي حڪومت جي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ واري پاليسيءَ تحت خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو. 1986ع ۾ جزوي طور نجي انتظام بحال ڪرڻ واري عمل کانپوءِ اسڪول وارو حصو، جيڪو هاڻي عائشه ڀاواڻي اڪيڊميءَ جي نالي سان ڪم ڪري ٿو، باني وقف جي انتظاميه کي واپس ڪيو ويو. جڏهن ته ڪاليج سرڪاري انتظام هيٺ برقرار رهيو. نتيجي ۾ هڪ ئي احاطي ۾ قائم ٻن تعليمي ادارن جي ملڪيت، انتظامي اختيارن ۽ استعمال بابت مختلف نوعيت جا معاملا پيدا ٿيا.
ايندڙ ڏهاڪن دوران ملڪيت، ڪرائي جي رهتن، انتظامي اختيارن ۽ عمارت جي استعمال بابت تڪرار جاري رهيا، جيڪي عدالتن تائين به پهتا. 2017ع ۾ عمارت کي سيل ڪرڻ واري معاملي تي به تڪرار پيدا ٿيو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي مداخلت ڪرڻي پئي. تنهنڪري موجوده نالي جي تبديليءَ کي انهن پراڻن انتظامي ۽ قانوني تڪرارن کان الڳ ڪري نٿو سگهجي. جيتوڻيڪ حڪومت جو فيصلو سرڪاري ڪاليج بابت آهي، نه ڪي وقف جي انتظام هيٺ هلندڙ نجي اڪيڊميءَ بابت.
بنيادي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن تعليمي اداري جو انتظام سرڪاري تحويل ۾ اچي وڃي ته ڇا ان جي تاريخ، بنياد وجهندڙن ۽ باني محسنن جي سڃاڻپ به ختم ڪري سگهجي ٿي؟ انتظامي اختيارن جي منتقليءَ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته اداري جي قيام ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتن جون خدمتون غير اهم ٿي وڃن. عائشه ڀاواڻي خاندان جي فلاحِي ڪوششن جي نتيجي ۾ قائم ٿيل ڪاليج تان عائشه ڀاواڻي ٻائيءَ جو نالو هٽائڻ، تاريخي احسان مندي ۽ ادارتي ورثي جي احترام وارن اصولن سان مطابقت نٿو رکي.
اهڙا فيصلا مستقبل ۾ ٻين مخير شخصيتن ۽ فلاحِي ادارن کي به عوامي ڀلائيءَ لاءِ پنهنجا وسيلا وقف ڪرڻ بابت بددل ڪري سگهن ٿا. ڇو ته ڪنهن به عطيي يا فلاحِي منصوبي جي پٺيان رڳو مالي مدد نه، پر هڪ سماجي مقصد ۽ ذميواريءَ جو احساس به شامل هوندو آهي. جيڪڏهن سرڪاري انتظام هيٺ اچڻ کانپوءِ باني محسنن جي سڃاڻپ ئي ختم ڪئي وڃي ته اهو ٻين لاءِ به منفي پيغام هوندو.
عائشه ڀاواڻي ڪاليج جي نالي جي تبديلي پاڪستان ۾ حڪومتي ترجيحن جي هڪ اهڙي روش جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن ۾ حقيقي ادارتي ترقيءَ بدران علامتي ۽ نمائشي قدمن کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. مختلف دورن ۾ تعليمي ادارن، روڊن، عمارتن ۽ عوامي يادگارن جا نالا تبديل ڪرڻ کي ڪڏهن مقامي سڃاڻپ، ڪڏهن قومي تشخص ۽ ڪڏهن مذهبي يا نظرياتي وابستگيءَ جي اظهار طور پيش ڪيو ويو آهي، پر نالي جي تبديليءَ سان ڪنهن اداري جو تعليمي معيار، انتظامي ڪارڪردگي يا بنيادي سهولتون پاڻمرادو بهتر نٿيون ٿين. هڪ سائن بورڊ تبديل ڪرڻ لاءِ نه وڏي بجيٽ گهربل هوندي آهي، نه نصاب کي جديد بنائڻو پوندو آهي، نه استادن جي تربيت ۽ نه ئي سائنس ليبارٽرين، ڪتبخانن ۽ ٻين تعليمي سهولتن جي بهتريءَ لاءِ ڊگهي مدي واري رٿابندي ڪرڻي پوندي آهي. جڏهن ته اهي ئي ڪم آهن، جيڪي ڪنهن تعليمي اداري جي حقيقي ترقيءَ جو بنياد بڻجن ٿا. جيڪڏهن ڪاليجن جا ڪلاس روم شاگردن سان ڀريل هجن، نصاب پراڻو هجي، ليبارٽريون غير فعال هجن، صفائيءَ جو نظام ناقص هجي ۽ انتظامي مسئلا سالن کان حل نه ٿيندا هجن ته ڪنهن محسن جو نالو هٽائي نئون نالو رکڻ سان شاگردن کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟
اسلامي اخلاقي اصولن جي روشنيءَ ۾ به اهڙن معاملن ۾ امانت، انصاف ۽ علم جي جستجو کي اوليت ملڻ گهرجي. فلاحِي وقف جي مقصدن ۽ شرطن جو احترام، قانوني تڪرارن جو منصفاڻو حل ۽ شاگردن جي مستقبل کي اوليت ڏيڻ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. رڳو مذهبي يا نظرياتي نالن جي تبديليءَ سان ڪنهن اداري ۾ انهن اصولن تي عملدرآمد ممڪن ناهي.
تاريخي نالن ۽ ادارتي سڃاڻپ جي تحفظ جو سوال رڳو سنڌ تائين محدود ناهي. پنجاب جي لاهور، راولپنڊي، ملتان، فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ سميت ڪيترن شهرن ۾ 1947ع کان اڳ قائم ٿيل تعليمي ادارا مقامي مخير شخصيتن، فلاحِي ٽرسٽن ۽ تعليمي ماهرن جي سهڪار سان وجود ۾ آيا هئا. انهن مان ڪيترن جا نالا آزاديءَ کانپوءِ خاص طور 1972ع جي قومي ملڪيت واري پاليسيءَ دوران تبديل ڪيا ويا. تاريخي نالن جي بحاليءَ بابت اڳوڻن شاگردن، تاريخدانن ۽ سماجي حلقن وقت بوقت آواز اٿاريو آهي. سندن موقف آهي ته ڪنهن تعليمي اداري جو اصل نالو رڳو سڃاڻپ نه، پر ان جي تاريخ، علمي روايت ۽ سماجي ڪردار جو حصو هوندو آهي.
سنڌ هجي يا پنجاب، اهڙن معاملن ۾ ٽن بنيادي اصولن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. پهريون، فلاحِي امانتداري، جنهن تحت عطيو ڏيندڙن جي خدمتن ۽ سندن قائم ڪيل ادارن جي مقصدن جو احترام ضروري آهي. ٻيو، ادارتي وقار، ڇاڪاڻ ته تاريخي نالو اڳوڻن، موجوده ۽ ايندڙ نسلن وچ ۾ هڪ تعلق ۽ تسلسل قائم رکندو آهي. ٽيون، انتظامي ترجيحون، جن جو تقاضو آهي ته تعليم جي شعبي ۾ موجود بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وسيلا ۽ توجهه استعمال ڪيا وڃن.
سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي جي تعليمي نظامن کي اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي وڏي انگ، استادن جي کوٽ، تعليمي معيار ۾ لاٿ، خسته حال عمارتن ۽ بنيادي سهولتن جي اڻهوند جهڙن سنگين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ نالن جي تبديليءَ بدران انهن مسئلن جو حل حڪومتن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي.
سنڌ حڪومت کي گهرجي ته بيگم عائشه ڀاواڻي ايجوڪيشنل اينڊ ويلفيئر وقف سان ملڪيت، انتظامي اختيارن، ڪرائي جي رهتن ۽ گڏيل احاطي جي استعمال بابت سمورا معاملا شفاف، منصفاڻن ۽ قانوني بنيادن تي حل ڪري. ساڳئي وقت سرڪاري ڪاليج ۾ سائنس ليبارٽرين کي فعال بڻائڻ، ڪتبخاني کي جديد سهولتن سان آراسته ڪرڻ، استادن جي کوٽ پوري ڪرڻ، صفائيءَ جو نظام بهتر ڪرڻ ۽ شاگردن کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. عائشه ڀاواڻي اڪيڊمي ۽ سرڪاري ڪاليج جي الڳ انتظامي حيثيتن جو احترام ڪندي ٻنهي جي تاريخي تعلق ۽ باني وقف جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ به ضروري آهي. عائشه ڀاواڻي ڪاليج جو اصل نالو برقرار رکڻ يا ان جي بحاليءَ بابت فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ ماضي پرستي نه، پر تاريخي ديانتداري، ادارتي وقار ۽ سماجي احسان منديءَ جو معاملو آهي. حڪومت جي انتظام هيٺ اچڻ سان ڪنهن اداري جي باني محسنن جون خدمتون ختم نٿيون ٿي وڃن. اسان جي حڪمرانن کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته نوابشاهه جو نالو بدلائي بينظيرآباد رکڻ، لالو کيت کي لياقت آباد ۽ رام باغ کي آرام باغ سڏڻ ڪو انقلابي ڪارنامو ناهي. اهڙيون تبديليون عوامي مسئلن جي حل بدران نمائشي سياست، ذاتي ناماچار ۽ حڪمرانن جي پاڻ پڏائڻ جو تاثر ڏين ٿيون. رڳو جاگرافيائي نالا تبديل ڪرڻ سان نه شهرن جي تقدير بدلجي ٿي، نه عوام جي زندگيءَ ۾ بهتري اچي ٿي ۽ نه ئي تاريخي محرومين جو ازالو ٿئي ٿو. قومون سائن بورڊن ۽ نالن جي تبديليءَ سان نه، پر معياري تعليم، مضبوط ادارن، ذميوار انتظاميه، شفاف حڪمراني، سماجي انصاف ۽ تاريخي ورثي جي احترام سان ترقي ڪنديون آهن. حڪمرانن کي گهرجي ته نالا بدلائڻ ۽ پنهنجي سياسي تشهير جا نوان عنوان ڳولهڻ بدران تعليمي ادارن جي حالت سڌارڻ، عوامي سهولتون وڌائڻ ۽ شهرن جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ کي پنهنجي حڪمرانيءَ جو اصل معيار بڻائين.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟