شعور جو سوجهرو: ٻهراڙيءَ جي نياڻين جي تعليم وقت جي اهم پڪار
ٻهراڙيءَ جي پُرسڪون ماحول ۾ جتي صبح جو منظر ڏاڍو خوبصورت هوندو آهي، پر اتان جي زندگيءَ جي اجتماعي شعور کي جيڪڏهن ڏسجي ته اهو ڏينهون ڏينهن اجهامي رهيو آهي. ڇو ته اتي نياڻين جي تعليم کي ڪابه اهميت حاصل ناهي، جنهن جي ڪري نه حڪومت سنجيدگيءَ سان نياڻين جي اسڪول تي ڪم ڪري ٿي ۽ نه ئي والدين پنهنجي نياڻين جي مستقبل لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچي اسڪولن جي بند ٿيڻ يا استادن جي نه اچڻ بابت سوچين ٿا. نياڻيون شهر جون هجن يا ٻهراڙيءَ جون انهن جو ملڪ جي معيشت ۾ ملڪ جي چرخي ڦرڻ ۾ اوترو ئي هٿ آهي جيترو ڪنهن مرد جو. قدرت انهن کي صرف ان ڪري پيدا نه ڪيو آهي ته انهن جون شاديون ڪري انهن کان ٻار پيدا ڪرايا وڃن، پر اهي سماج جو زنده شعوري حصو بڻجي تعليم حاصل ڪري جيڪڏهن سمجهه واريون هونديون ته اسان جو معاشرو تبديل ٿي ويندو. اهي ڳوٺ، اهي ٻهراڙيون جتي اڄ اسان کي گند ڪچرو، صحت بابت اصول، گهرن کي ڪيئن صاف سٿرو رکجي، عورتن ۾ اها سمجهه نظر نٿي اچي، پر جڏهن عورتون پڙهيل لکيل هونديون ته اسان جا گهر تبديل ٿي ويندا، رستا تبديل ٿي ويندا، اسڪول تبديل ٿي ويندا ۽ اسان سڀني جون زندگيون تبديل ٿي وينديون، پر افسوس جو اڄ به اسان جي ڳوٺاڻي سماج ۾ هن نازڪ صنف کي علم جي روشنيءَ کان محروم رکي، جهالت جي اونداهين ۾ ڌڪيو پيو وڃي. نياڻيءَ کي پڙهائڻ ڪنهن هڪ گهر، هڪ فرد يا هڪ خاندان جو ذاتي معاملو ناهي، پر اهو سڄي سماج جي مري ويل روح کي زنده ڪرڻ جو هڪ مقدس ۽ تاريخي عمل آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ گواهي ڏئي ٿي ته هڪ مرد جي تعليم صرف هڪ فرد جي تعليم هوندي آهي، پر هڪ ڇوڪريءَ جي تعليم نسلن جي ذهني آبياري ۽ فڪري پرورش ڪندي آهي. ماءُ جي هنج ٻار جي پهرين ۽ سڀ کان وڏي درسگاهه هوندي آهي، تنهنڪري جڏهن ٻهراڙيءَ جي هڪ نياڻي پڙهي لکي شعور جي اوچائيءَ تي پهچندي ته هوءَ پنهنجي ٻارن جي اکين ۾ علم ۽ ترقيءَ جا خوبصورت خواب سجائي هڪ اهڙي بااختيار نسل کي جنم ڏيندي، جيڪو سماج کي وهم پرستيءَ، اڻڄاڻائي ۽ پراڻين رسمن جي قيد مان هميشه لاءِ آزاد ڪرائي سگهي. تاريخ جي ورقن تي جڏهن اسان نظر ڊوڙايون ٿا ته سنڌ جي ڌرتي بهادر، ساهسي ۽ علم دوست عورتن جي ڪهاڻين سان مالامال نظر اچي ٿي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سرجيندڙ ڪردارن ۽ سورمين جو مطالعو ڪجي ته معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي عورت صدين کان پنهنجي مٽي، بقا ۽ حقن لاءِ هڪ بي مثال علامت رهي آهي. مارئيءَ جو پنهنجي وطن ۽ ملير جي مٽيءَ سان سچائيءَ جو وچن هجي يا سسئيءَ جو پنهنجي مقصد لاءِ جبل جهاڳڻ جو عزم اهي سڀ ڪردار اها گواهي ڏين ٿا ته سنڌي جي نياڻي چاهي اها شهر سان تعلق رکندي هجي يا ٻهراڙيءَ سان منجهس ڪيتري طاقت، غيرت ۽ مڙسي لڪل آهي. جيڪڏهن اسان جي نياڻي روايتي طور تي پنهنجي اندر ۾ ايڏي وڏي حوصلي جو سمنڊ رکي ٿي ته اڄ جي ٻهراڙيءَ جي ڇوڪري جيڪڏهن علم ۽ قلم جي جديد طاقت سان ليس ٿي وڃي ته هوءَ سماج جي هر ان پراڻي نظام، ڏاڍ ۽ جاگيرداراڻي سوچ جي اڳيان علم جي ديوار بڻجي بيهي سگهي ٿي، جيڪو انساني ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. علم جي هٿيار سان اڄ جي نياڻي پنهنجي تاريخي بهادريءَ واري شعور کي جديد دور جي گهرجن مطابق اڳتي وڌائي سگهي ٿي ۽ سماجي توڙي معاشي ناانصافين جو خاتمو ڪري سگهي ٿي. ان پوري فڪري پسمنظر سان گڏوگڏ، جيڪڏهن اسان پنهنجن ڳوٺن جي موجوده حالت تي نظر وجهون ته اسان جا ڳوٺ اڄ به غربت، پسماندگي ۽ بک جي مٽيءَ ۾ لٽيل آهن، جتي زنده رهڻ ۽ بنيادي ضرورتون حاصل ڪرڻ هڪ وڏو ۽ عذاب بڻيل آهي. اهڙي ڏکي صورتحال ۾ جيڪڏهن نياڻيون تعليم جي زيور سان سينگارجي گهر جي چار ديواريءَ مان هڪ مثبت شعور سان نڪرنديون ته اهي پنهنجي علم، هنر ۽ ذهني صلاحيتن ذريعي پنهنجي خاندان جو وڏو معاشي سهارو بڻجي سگهن ٿيون. جڏهن هڪ نياڻي علم جي طاقت سان معاشي طور خود مختيار ٿيندي ته هوءَ ڪنهن جي اڳيان هٿ ڦهلائڻ يا ڪنهن جي ظلم کي برداشت ڪرڻ بدران، پنهنجي ٻارن جو مستقبل پنهنجي هٿن سان سنواريندي ۽ اها سڃاڻپ هن کي صحت، صفائيءَ ۽ زندگيءَ جي ٻين اهم معاملن ۾ به هڪ سجاڳ انسان بڻائي بيهاريندي. اسان جي ٻهراڙين ۾ اڄ به بنيادي سهولتن، اسپتالن ۽ ليڊي ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ سبب عورتن جي صحت جا مسئلا تمام گهڻا سنگين آهن، پر هڪ پڙهيل لکيل ڇوڪري غذا جي اهميت، ماحولياتي صفائيءَ ۽ بيمارين کان بچاءُ جي جديد طريقن کي بهتر نموني سمجهي پنهنجي گهر کي بيمارين کان بچائي، صحت جي سونهن سان چمڪائي سگهي ٿي. اها تعليم ئي آهي جيڪا نياڻيءَ جي اڪيلي ۽ مظلوم وجود ۾ اهو ساهه ڦوڪيندي آهي، جنهن سان هن جي پوري شخصيت ۾ هڪ نئون حوصلو ڀرجي ويندو آهي ۽ هوءَ پنهنجي انساني حقن کي سڃاڻي، ننڍپڻ جي شادي، مٽي مائٽي جي نالي تي ٿيندڙ سوديبازي ۽ ٻين سماجي ناانصافين جي اڳيان هڪ مضبوط ديوار بڻجي بيهڻ جو شاندار گس اختيار ڪندي آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي ڳوٺاڻي معيشت جو گهرو مطالعو ڪريون ته اسان کي معلوم ٿيندو ته اسان جي ٻهراڙيءَ جي غيرتمند عورت زراعت، ٻني ٻاري ۽ مالونديءَ جي ڪمن ۾ به مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڏينهن رات سخت محنت ڪري ٿي، تنهنڪري جيڪڏهن انهن محنت ڪندڙ، وفادار هٿن کي علم جي شمع ۽ قلم جي طاقت ملي وڃي ته هوءَ جديد زرعي طريقن، ٻجن جي چونڊ ۽ پيداوار وڌائڻ جي طريقن کي سائنسي انداز ۾ سمجهي، زمين جي هنج مان سون پيدا ڪري سگهي ٿي، جنهن مان پوري ڳوٺاڻي معيشت کي هڪ نئون رخ ۽ زبردست ترقي ملندي. نياڻين جي تعليم تي ڪنهن به بهاني سان پابندي مڙهڻ يا کين اسڪولن کان پري رکڻ اصل ۾ پنهنجي مستقبل کي پنهنجن هٿن سان قتل ڪرڻ ۽ ايندڙ نسلن کي اونداهيءَ جي حوالي ڪرڻ جي برابر آهي. اسان کي هاڻي پنهنجي تنگ سوچ کي وسيع ڪرڻو پوندو، اسان کي پنهنجي نياڻين کي رڳو گهر جي ڪمن ڪارين تائين محدود رکڻ واري ذهنيت کي بدلائڻو پوندو ۽ حڪومتي توڙي عوامي سطح تي ڳوٺن جي هر گهٽيءَ، هر پاڙي ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن جا چراغ روشن ڪرڻا پوندا، کين هڪ محفوظ، پرامن ۽ عزت وارو تعليمي ماحول فراهم ڪرڻو پوندو. اچو ته اڄ هن علمي سفر جي شروعات پنهنجي گهرن کان ڪريون ۽ اهو پختو عزم ڪريون ته اسان ٻهراڙيءَ جي معصوم نياڻين جي رستن تان جهالت، تعصب ۽ وهم جا سڀ ڪنڊا هٽائي، اتي علم، ترقي ۽ روشنيءَ جا گلاب پکيڙينداسين ته جيئن هر نياڻي بغير ڪنهن خوف جي پڙهي سگهي، پنهنجن خوابن کي حقيقت جو روپ ڏئي سگهي ۽ پنهنجي عزم ۽ شعور سان پوري ملڪ ۽ قوم جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪري سگهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟