ڊي ايس پي سيوهڻ، ايس پي ڄامشورو، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ آءِ جي سنڌ سيوهڻ ۾ وڌندڙ بدامني جو فوري نوٽيس وٺن
سيوهڻ شريف جنهن کي محبت، امن، روحانيت ۽ انسان دوستيءَ جو شهر چيو ويندو آهي، اڄڪلهه وڌندڙ بدامني سبب خوف ۽ بيچينيءَ جي ور چڙهيل نظر اچي رهيو آهي. اهو شهر جتي هر ڏينهن هزارين عقيدتمند اميد ۽ عقيدت کڻي حضرت قلندر لعل شهباز جي در تي حاضر ٿين ٿا اتي هاڻي ماڻهن جي دلين ۾ عقيدت سان گڏ خوف به جنم وٺڻ لڳو آهي. گذريل ڪجهه وقت کان سيوهڻ ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن خاص ڪري ڪرمپور روڊ، جهانگارا روڊ ڀان،بوبڪ روڊ ۽ شهر جي مختلف حصن ۾ ڦر چوري ۽ رهزنيءَ جا واقعا مسلسل وڌي رهيا آهن روز ڪنهن نه ڪنهن شهري استاد مزدور يا مسافر کي هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل موبائل فون ۽ روڪ رقم کان محروم ڪيو پيو وڃي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هاڻي ته زائرين به محفوظ ناهن رهيا جيڪي سيوهڻ جي ڌرتيءَ تي عقيدت سان اچن ٿا انهن کي به شهر اندر ڦر جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڪيترن ئي واقعن ۾ ڏوهارين نه صرف قيمتي سامان ڦريو آهي، پر مزاحمت ڪرڻ تي ماڻهن کي ڇرن جا وار ڪري زخمي به ڪيو آهي. ڪجهه زائرين رت ۾ وهنجندي اسپتالن تائين پهتا، پر افسوس جو انتظاميا جي ڪن تي جونءِ به نه سُري. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن روحانيت جي هن مرڪز ۾ ايندڙ مهمان به محفوظ ناهن ته پوءِ عام شهري ڪيئن پاڻ کي محفوظ سمجهن؟ سيوهڻ جو نالو صرف هڪ شهر ناهي، پر اهو پوري سنڌ جي سڃاڻپ آهي. هتي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو ايندا آهن، جيڪڏهن هتي بدامني وڌندي رهي ته ان سان نه صرف مقامي ماڻهن جي زندگي متاثر ٿيندي، پر سيوهڻ جي روحاني ۽ تاريخي حيثيت کي به نقصان پهچندو ۽ اتان جي معيشت کي به سخت نقصان پهچندو. زائرين جڏهن خوف، ڦر ۽ تشدد جون ڪهاڻيون کڻي واپس ويندا ته ان جو اثر سڄي شهر جي ساک تي پوندو. استاد جيڪي سماج جا معمار آهن، اڄ پاڻ روڊن تي غير محفوظ بڻيل آهن. ڪرمپور روڊ ۽ ٻين علائقن مان ڪيترن ئي استادن کان ڦر جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. استاد جيڪو پنهنجي علم سان قومن جي تقدير سنواري ٿو، جيڪڏهن اهو ئي خوف ۾ زندگي گذاريندو ته پوءِ سماج ۾ شعور، تعليم ۽ سڪون ڪيئن ايندو؟ بدقسمتي سان لاڳاپيل ادارا ۽ انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل نظر اچي رهيا آهن. پوليس جون ذميواريون صرف چيڪ پوسٽن يا رسمي گشت، وڏيرن جي بنگلن تائين محدود نه هجڻ گهرجن، پر عملي طور ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائڻ ۽ شهرين ۾ تحفظ جو احساس پيدا ڪرڻ به سندن فرض آهي. جڏهن شهري بار بار دانهن ڏين ۽ پوءِ به کين انصاف نه ملي ته پوءِ ماڻهن جو قانون تي اعتماد ڪمزور ٿيڻ لڳندو آهي جيڪو ڪنهن به سماج لاءِ انتهائي خطرناڪ ڳالهه آهي. اسان ڊي ايس پي سيوهڻ، ايس پي ڄامشورو، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ آءِ جي سنڌ کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته سيوهڻ ۾ وڌندڙ بدامني جو فوري نوٽيس ورتو وڃي. ڦر، چوري ۽ ڌاڙن ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ۽ اهم روڊن تي پوليس گشت وڌايو وڃي. خاص ڪري زائرين جي تحفظ لاءِ درگاهه ۽ شهر جي اندر سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا وڃن ته جيئن ماڻهو بنا خوف جي سيوهڻ اچي سگهن. وقت جي اهم ضرورت اها آهي ته سيوهڻ کي ٻيهر امن جو شهر بڻايو وڃي، ڇو ته امن کانسواءِ نه ترقي ممڪن آهي، نه واپار، نه تعليم ۽ نه ئي روحانيت جي اها رونق جيڪا سيوهڻ جي سڃاڻپ رهي آهي. جيڪڏهن اڄ به ذميوار ادارا خاموش رهيا ته پوءِ اها بدامني وڌيڪ خطرناڪ شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. سيوهڻ جي ماڻهن جو اهو ئي آواز آهي ته کين خوف نه، پر امن گهرجي کين لاوارث نه ڇڏيو وڃي هن روحاني مرڪز جي ساک ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هاڻي صرف بيان نه، پر عملي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟