“19 آگسٽ ورلڊ هيومنٽيرين ڊي” انسانيت لاءِ ضمير کي جاڳائڻ جو ڏينهن
Muhi uddin Jokhio
تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار
دنيا جي ڪئلينڊر تي ڪيئي اهڙيون تاريخون به اينديون آهن، جيڪي رڳو تاريخون ناهن هونديون، پر انسانيت جي ضمير کي جاڳائڻ جا موقعا هونديون آهن. دنيا ۾ ڪيترائي انسان اهڙا آهن، جيڪي ٻين جي سهاري جا منتظر هوندا آهن، ڪنهن مسيحا جي اچڻ جي آس ۾ هوندا آهن ته ڪڏهن ڪو اهڙو فرشتو صفت انسان اچي، جيڪو سندن زخمن تي مرهم رکي، سندن ڏکن ۾ ساٿ ڏئي ۽ سندن اونداهين زندگين ۾ اميد جي روشني ٻاري. انسانيت جو اصل حسن به شايد اهوئي آهي ته جڏهن ڪو انسان ٻئي انسان لاءِ سهارو بڻجي ٿو، تڏهن رشتن، سرحدن، مذهبن ۽ مفادن کان مٿانهون ٿي صرف انسان بڻجي وڃي ٿو.
ورلڊ هيومنٽيرين ڊي (World Humanitarian Day) به اهڙو ئي ڏينهن آهي، جيڪو اسان کي انسانيت جي ياد ڏياري ٿو. ورلڊ هيومنٽيرين ڊي جي شروعات ڪنهن جشن مان نه، پر 19 آگسٽ 2003ع تي بغداد ۾ انسانيت جي خدمت ڪندي جان قربان ڪندڙ 22 انسانن جي ياد مان پيدا ٿيو. واقعو ڪجهه هن ريت ٿيو ته 19 آگسٽ 2003ع تي شام تقريبن 4:30 وڳي هڪ فليٽ بيڊ ٽرڪ کي ڌماڪيدار مواد سان ڀري گڏيل قومن جي بغداد واري هيڊڪوارٽر، Canal Hotel جي ڀرسان آندو ويو ۽ ڌماڪو ڪيو ويو. گڏيل قومن جي تحقيقاتي رپورٽ موجب، ڌماڪيدار مواد جو وزن اندازن 1,000 ڪلو گرام هو. ڌماڪو عمارت جي ان حصي جي ويجهو ٿيو، جتي گڏيل قومن جو عملو ڪم ڪري رهيو هو. نتيجي ۾ 22 ماڻهو مارجي ويا، جن مان 15 گڏيل قومن جا ملازم هئا ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. مارجي ويلن ۾ گڏيل قومن جو عراق لاءِ خاص نمائندو، سرجيو ويرا ڊي ميلو (Sérgio Vieira de Mello)، پڻ شامل هو.
هي هڪ دهشتگرد حملو هو، ان وقت جي تحقيقن ۽ پوءِ جي رپورٽن ۾ عراق ۾ سرگرم ابو مصعب الزرقاوي سان لاڳاپيل جهادي نيٽ ورڪ کي حملي جو ذميوار قرار ڏنو ويو. ان جو بنيادي مقصد عراق ۾ گڏيل قومن جي ڪردار کي نشانو بڻائڻ ۽ ان جي امن ۽ انساني امداد واري ڪم کي روڪڻ يا ڪمزور ڪرڻ هو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل به چيو هو ته حملي جو مقصد عراق ۾ گڏيل قومن جي اداري کي نقصان پهچائڻ هو. هي واقعو ان لحاظ کان انتهائي اهم آهي ته حملو ڪنهن فوجي اڏي تي نه، پر اهڙي اداري تي ٿيو، جيڪو جنگ کانپوءِ عراقي عوام جي مدد، بحالي ۽ سماجي بحاليءَ واري عمل لاءِ ڪم ڪري رهيو هو. هن واقعي انساني امداد ڪندڙن جي ڪم جي خطري واري نوعيت کي دنيا آڏو نئين انداز سان ظاهر ڪيو. ان واقعي کان پوءِ انساني امداد ڪندڙ ڪارڪنن جي قربانين ۽ انهن جي اهميت کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ 11 ڊسمبر 2008ع تي قرارداد 63/139 ذريعي 19 آگسٽ کي World Humanitarian Day قرار ڏنو.
هن ڏينهن جو مقصد صرف فوت ٿيل امدادي ڪارڪنن کي ياد ڪرڻ نه، پر دنيا کي انهن ماڻهن بابت آگاهي ڏيڻ پڻ آهي، جيڪي جنگين، قدرتي آفتن، لڏپلاڻ ۽ ٻين بحرانن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي زندگي، وقار ۽ بقا لاءِ ڪم ڪن ٿا. هن مهم کي گڏيل قومن جو اداروOffice for the Coordination of Humanitarian Affairs (OCHA) هلائي ٿو. ان واقعي تي پهرين سرڪاري تقريب گڏيل قومن جي مرڪزي هيڊڪوارٽر، نيويارڪ، آمريڪا ۾ ٿي، جتي سيڪريٽري جنرل بانڪي مون شرڪت ڪئي. بغداد حملي جي فوت ٿيلن جي ياد ۾ گلن جي چادر چاڙهي وئي ۽ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ساڳئي ڏينهن سئيٽرزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ به پهريون “انسانيت جي ضمير کي جاڳائڻ لاءِ ڏينهن” جي تقريب ٿي. گڏيل قومن جي جنيوا آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل Sergei Ordzhonikidze اتي خطاب ڪيو. گڏيل قومن جي لفظن ۾، هن ڏينهن جو مرڪزي مقصد آهي: “بحرانن کان متاثر ماڻهن جي بقا، ڀلائي ۽ وقار لاءِ آواز اٿارڻ ۽ انساني امداد ڪندڙن جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ.” پاڪستان ۾ اسلام آباد ۾ عالمي يومِ انساني همدردي جي موقعي تي گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت ڪوآرڊينيشن آفيس (اوچا) پاران پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال، انساني امداد ۽ مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي قومي صلاحيت وڌائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. لاهور ۾ پڻ عالمي يومِ انساني همدردي جي حوالي سان سيمينار، ڪانفرنسون ۽ آگاهي واڪون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ انساني خدمت، امدادي ڪارڪنن جي خدمتن ۽ قدرتي آفتن دوران متاثر ماڻهن جي مدد جي اهميت کي اجاڳر ڪيو ويو. انسانيت جي خدمت ۾ اڳيان اڳيان رهندڙ دنيا جي سمورن ڪارڪنن، سماجي ورڪرن، عالمي توڙي ملڪي فلاحي ادارن لاءِ پڻ هي ڏينهن خاص حيثيت رکي ٿو. پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ اهڙن ڪارڪنن کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جيئن ڏورانهن علائقن ۾ جلدي پهچڻ، سيڪيورٽي جا خدشا، کين مناسب خوراڪ جو نه ملڻ، ٽريننگز نه ملڻ ۽ قدرتي آفتن ۾ ضروري مشينن جي کوٽ. سادن لفظن ۾ ائين چئبو ته فلاحي ڪارڪنن کي ڪيترن ئي قسمن جون سهولتون نٿيون ملن، جيڪي کين ملڻ گهرجن، ته جيئن هو به بهتر کان بهتر خدمتون سرانجام ڏئي سگهن. ان کان علاوه، ڪنهن به ڪم لاءِ اتساهه، انعام ۽ ايوارڊ هجڻ گهرجن، جيڪو پڻ انهن ڪارڪنن جو حق آهي، جيڪي پنهنجي جان تري تي رکي زندگيون بچائين ٿا ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن انسانيت کي بچائيندي بچائيندي پنهنجون قيمتي جانيون به قربان ڪري ڇڏين ٿا. هن ڏينهنWorld Humanitarian Day جو مرڪزي مقصد به اهو آهي ته سڄو سال انسانيت خاطر خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي هڪ ڏينهن خراجِ تحسين پيش ڪجي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟