ھزارين سال اڳ موئن جي دڙي جي تھذيب، آرٽ، ڊزائين ۽ تعميرات جو ھنر عروج تي ھوندا ھئا جنھن جي ڪري موئن جي دڙي جي تھذيب کي گذريل وقتن جي ترقي يافتا تھذيبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، جنھن جي ھڪ الڳ سڃاڻپ آھي. اھو ئي سبب آھي جو دنيا جي تاريخ ۾ موئن جي دڙي کي خاص اھميت حاصل آھي ان ئي خاصيت واري سر زمين تي موجود ھاڻوڪي دور جي عروج وارو شھر لاڙڪاڻو به وجود ۾ آيو، جيڪو ھر لحاظ کان تاريخ سان جڙيل آھي، جنھن جي چيڪي مٽيءَ مٿان ڪيترن ئي شخصيتن جو جنم ٿيو ۽ ڪيترائي ان چيڪي مٽيءَ اندر مدفن ٿي امر ٿيل آھن، جيڪي ان سر زمين جو تقافتي ۽ تاريخي ورثو پڻ آھن. اھڙين شخصيتن وانگر ھڪ شخصيت مصور افتخار احمد سومرو جي به آھي جنھن کي آرٽ موئن جي دڙي مان ورثي ۾ مليل آھي جنھن جي فن مان موئن جي دڙي جي چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءِ اچي ٿي جيڪا موئن جي دڙي جي تھذيب جي اھميت جو احساس ڏياري ٿي، جنھن جي آرٽ ۾ موئن جي دڙي جي ناچڻيءَ جي رقص جا عڪس نظر اچن ٿا جنھن جي آرٽ جي رنگن ۾ موئن جي دڙي جا سڀئي رنگ ۽ روپ نظر اچن ٿا، جنھن جي خطاطيءَ جي نمونن مان موئن جي دڙي جي سڪن جي آسيس اچي ٿي.