مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مصنوعي ذهانت هڪ نئون بحث!

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

‎انساني تاريخ ۾ جڏهن به ڪا نئين ٽيڪنالاجي وجود ۾ آئي آهي، تڏهن ان سان گڏ اميدن جا ڏيئا به ٻريا آهن ته خدشن جا پاڇا به ڊگها ٿيا آهن. اڄ جي دور ۾ مصنوعي ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) به هڪ اهڙي ئي انقلابي ايجاد آهي، جيڪا زندگيءَ جي لڳ ڀڳ هر شعبي ۾ پنهنجو اثر ڏيکارڻ لڳي آهي. تعليم، تحقيق، ادب، صحافت، واپار، طب ۽ صنعت کان وٺي روزمره جي معمولي ڪمن تائين، هر هنڌ AI انسان جي ساٿي طور موجود آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا اها سهولت، جيڪا اسان جي وقت ۽ محنت بچائي ٿي سا آهستي آهستي اسان جي سوچڻ، ياد رکڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي فطري صلاحيتن کي ڪمزور ته نٿي ڪري؟ تازو آمريڪا ۽ برطانيا جي محققن پاران ڪيل هڪ تحقيق، جيڪا اڃان سائنسي جائزي جي مرحلي ۾ آهي، هڪ اهم سوال اٿاريو آهي. تحقيق موجب جيڪي ماڻهو رياضي يا پڙهڻ سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مسلسل AI تي ڀاڙيندا رهيا، انهن جي فوري ڪارڪردگي ته بهتر ٿي، پر جڏهن اهي مددگار اوزار موجود نه هئا ته نه رڳو سندن نتيجا گهٽجي ويا، پر مسئلن کي پاڻ حل ڪرڻ جو جذبو به ڪمزور ٿي ويو. محققن جو چوڻ آهي ته “مسلسل ڪوشش ڪرڻ” ئي سکيا ۽ مهارت حاصل ڪرڻ جي بنيادي شرط آهي ۽ جيڪڏهن اها عادت ختم ٿي وڃي ته علم صرف معلومات تائين محدود رهجي ويندو، جيڪو هينئر سڀ ڪجھه هلي رهيو آهي. ‎هي بحث نئون ضرور آهي، پر ان جون پاڙون تاريخ ۾ گهڻيون پراڻيون آهن. يوناني فلسفي سقراط لکڻ جي فن بابت خدشو ظاهر ڪيو هو ته ماڻهو پنهنجي يادگيري وڃائي ويهندا ۽ رڳو علم جو ڏيکا ڏيندا. پوءِ جڏهن ڇپائيءَ جي مشين (پرنٽنگ پريس) آئي ته چيو ويو ته اها سماج کي گمراھه ڪندي. ٽيليويزن کي “بيوقوف بڻائيندڙ دٻو” سڏيو ويو، ڪيلڪيوليٽر بابت چيو ويو ته اهو شاگردن کان رياضيائي سوچ کسي ڇڏيندو ۽ گوگل بابت به اهڙا خدشا ظاهر ڪيا ويا ته ماڻهو پنهنجي يادگيري استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏيندا، پر وقت ثابت ڪيو ته انسان انهن سڀني ايجادن سان هم آهنگ ٿي ويو ۽ انهن کي پنهنجي علمي زندگيءَ جو حصو بڻائي ورتو. مصنوعي ذهانت، تنهن هوندي به، ٻين اوزارن کان ڪجهه مختلف آهي. اها صرف هڪ ڪم لاءِ تيار ڪيل ڪل نه آهي، پر اها تقريبن هر ذهني سرگرمي ۾ انسان جي جاءِ وٺڻ جي صلاحيت رکي ٿي. مضمون لکڻ، تجزيو يا ترجمو ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ، ڪوڊ لکڻ يا سوالن جا جواب ڏيڻ، اهي سڀ ڪم هاڻي AI سيڪنڊن ۾ ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن انسان بنا سوچڻ جي هر ذهني ڪم کي AI حوالي ڪندو رهيو ته آهستي آهستي سندس تنقيدي سوچ (Critical Thinking) استدلال، تخليقيت ۽ صبر جهڙيون صلاحيتون متاثر ٿي سگهن ٿيون.
‎بالغ ماڻهن لاءِ جيڪي بنيادي علم ۽ مهارتون اڳ ئي حاصل ڪري چڪا آهن،AI هڪ مفيد اوزار ٿي سگهي ٿي، پر ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ، جن جي ذهني اوسر اڃان جاري آهي، لڳاتار ۽ اجايو استعمال نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. يادگيري، استدلال، تخيل ۽ مسئلا حل ڪرڻ جون صلاحيتون صرف مشق، محنت ۽ مسلسل فڪري جدوجهد سان پيدا ٿينديون آهن. جيڪڏهن هر سوال جو جواب AI کان وٺبو ته پوءِ سکڻ جو عمل صرف نقل ڪرڻ تائين محدود ٿي ويندو. ‎انهيءَ ڪري استادن، والدين ۽ تعليمي ادارن جي ذميواري آهي ته AI کي مڪمل آزادي سان استعمال ڪرڻ بدران ان لاءِ مناسب حدون مقرر ڪن. جيئن ننڍن ٻارن لاءِ ڪجهه شيون عمر جي لحاظ کان محدود هونديون آهن، تيئن مصنوعي ذهانت جي استعمال ۾ به نگراني، توازن ۽ ذميواري ضروري آهي. AI کي استاد جو متبادل نه، پر سکيا جي هڪ معاون حيثيت ۾ ڏسڻ گهرجي. حقيقت اها آهي ته مصنوعي ذهانت نه دشمن آهي ۽ نه ئي نجات ڏيندڙ. اها صرف هڪ طاقتور اوزار آهي، جنهن جو نفعو يا نقصان ان ڳالهه تي دارومدار رکي ٿو ته استعمال ڪندڙ ان کي ڪيئن استعمال ڪري ٿو. جيڪڏهن AI اسان جي سوچ کي وڌيڪ وسيع، تحقيق کي وڌيڪ گهرو ۽ تخليق کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي ٿي ته اها انساني ترقيءَ جو اهم سلو آهي. شايد سڀ کان وڏي عقلمندي آهي ته اسين AI کي پنهنجي ذهن جو مالڪ نه، پر پنهنجي عقل جو خادم بڻايون. ڇاڪاڻ ته جڏهن انسان سوچڻ ڇڏي ڏئي ٿو، تڏهن سڀ کان وڏو نقصان ٽيڪنالاجي نه، پر انسانيت ڀوڳيندي آهي، جيئن سائنس فڪشن فلمن ۾ ڏيکاريو ويندو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو