ڇا امِ رباب ۽ عوام، مائي جندو کان وڌيڪ ڪمزور آهن؟
تاريخ 30 جنوري 2026 تي دادوءَ جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ 2018 واري مشھور ٽيڻن خونن جي ڪيس جو فيصلو ڏنو. سمورن اٺن جوابدارن کي 17 جنوري 2018ع ۾ ميھڙ ۾ مختيار چانڊيو، سندس والد ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل الزام کان آجو قرار ڏنو ويو. عدالت ۾ فيصلي جي ٻڌڻيءَ کانپوءِ ماٺار ڇانئجي وئي، پر عدالت کان ٻاھران فريادي جي وڪيل ۽ پنھنجي خاندان جو اڪيلو جيئرو آواز امِ رباب چانڊيو اوچي ڳاٽ بيٺل ھئي. سندس الفاظ فضا ۾ گونجيا: “منھنجا حوصلا بلند آھن، دنيا حيران آھي تھ سنڌ ۾ جاگيردارن کي قتل جو لائسنس ملي ويو آھي، آئون ان فيصلي جي خلاف ھاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪنديس.” ھن وڌيڪ چيو تھ عوام اڳ ۾ ئي ضمير جي عدالت ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي: “اسان ھي ڪيس عوام جي عدالت ۾ اڳ ۾ ئي کٽي چڪا آھيون.” اھا ھار نھ آھي اھا سنڌ جي لٽ ھاڻي زمين ۽ رت ھاڻي درياءَ جي وھڪرن ۾ گونجندڙ ھڪ اھڙي داستان جو نئون باب آھي جيڪو اسان کان سوال ڪري ٿو تھ ڇا امِ رباب ۽ اسان جو عوام مائي جندو کان وڌيڪ ھيڻو آھي؟”