مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

۽ اوڀايو خان خشڪ سنڌو درياءَ تي ڌاڙي جو ڪيس اڌورو ڇڏي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جيتوڻيڪ هو گھڻي عرصي کان سنڌ سان لاڳاپيل پاڻي مامرن ۽ تڪراري منصوبن تي لاڳيتو لکندو رهيو آهي، پر ويجهڙائي ۾ مختلف فني، علمي، سماجي ۽ سياسي فورمن تي سنڌ پنجاب پاڻي تڪرارن سميت وفاقي حڪومتن جي تڪراري رٿائن تي ڀرپور ڳالھائيندو پڻ رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ھو سنڌو درياءَ سان بي پناهه محبت ۽ عشق ڪري ٿو، سندس 7 ڪتاب رڳو سنڌو ندي جي پاڻي تي ڌاڙن ۽ ڊيمن جي مخالفت ۾ لکڻ اھڙي پيار جو اظهار آهن. سنڌو درياءَ جي وارياسي مٽيءَ جو ڳوھيل ھي شخص اوڀايو خان خشڪ سنڌو درياءَ جي سمنڊ کي ڀاڪرين پائڻ واري حصي کاري ڇاڻ کان ٿورو پھرين گھوڙاٻاري جي ھڪ ڳوٺڙي درويش ۾ جنم ورتو هو. سندس اندر ۾ سنڌو درياءَ جي پاڻي جو گھرو اثر موجود رهيو. بنيادي طور ھو ترقي پسند سوچ رکندڙ ھڪ سياسي ڪارڪن رهيو، جنھن 60 واري ڏهاڪي ۾ ون يونٽ خلاف شاگرد جدوجهد ۾ ڪارڪن کان اڳواڻي ڪرڻ، پمفليٽ لکڻ کان جيل ڪاٽڻ تائين وطن ۽ نظريي لاءِ جاکوڙيو. وري سب انجنيئر طور آبپاشي کاتي ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ستٽيھه سال نوڪري ڪرڻ بعد سپرنٽينڊنٽ انجنيئر جي عھدي تان رٽائر ٿيو. ھاڻي پاڻي جي حوالي سان گھڻو تجربو ۽ گھرو مشاهدو ۽ مطالعو سندس حصي ۾ اچي ويو. نوڪري دوران مختلف ھنڌن تي رھندي سنڌو درياءَ ۽ ان جي سموري آبپاشي نظام جو تمام ويجهو تجربو ۽ مشاهدو ڪيو، جنھن ۾ ھن پاڻيءَ بابت سٺي ڄاڻ ماڻي.
سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سبجيڪٽ تي ٿورا ماڻهو لکڻ وارا آهن، پاڻي ھڪ باقاعدي سبجيڪٽ آهي جنهن بابت سنڌ جي عام ماڻهو کي به ڄاڻ رکڻ گهرجي. رسول بخش پليجو ۽ ادريس راجپوت کانپوءِ اوڀايو خان خشڪ به پاڻي مامرن تي فني مھارت سان سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس وڙھندو رهيو. هن پنهنجي صلاحيتن آڌار تي ھن سنڌو درياءَ تي پاڻي جي ڌاڙن خلاف لکڻ سان ڳالهائڻ به فرض بڻائي ڇڏيو هو. ڪٿي به علمي، ادبي، سياسي، سماجي، گڏجاڻي ، ڪانفرنس يا ميڙاڪو ھجي يا ذاتي محفل ھجي اتي پاڻ سنڌ جي پاڻي مامرن تي بحث مباحثو يا ڳالهه بنا ڊپ ۽ ڊاءُ جي ضرور ڪندو هو. اوڀايو خان خشڪ قلم جي جنبش سان جيڪي ست ڪتاب پاڻي بابت لکيا، تن ۾ سنڌو درياءَ تي اوئل کان پنجاب جي ھٿ چراند، ورھاڱي وقت پاڻيءَ معاملن ۾ سنڌ يا ڪنهن به سنڌي ماڻهو جي نمائندگي نه ھئڻ، سنڌو طاس معاھدي، 1991ع واري ٺاھ ، چولستان ڪئنال سميت سنڌو ۽ ان جي ڀرتو ندين بابت تمام تفصيلي تار وھندڙ سنڌو ندي جيان کرو لکي سنڌ مخالف قوتن جي چالاڪين، سازشن، شرارتن ۽ زيادتين جا پردا چاڪ ڪيا آهن. تڪراري چولستان ڪئنال بابت سنڌ جو پھريون ماڻهو ھو، جنھن ملڪ جي صدر کي چولستان ڪئنالن متعلق بريفنگ ڏيڻ کان اڳ به پاڻ اڪيلي سر ٺٽي پريس ڪلب پهچي ھٿ ۾ چولستان ڪئنال نامنظور سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا لکيل پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو. ان کان ڪجهه ڏينهن بعد قومپرستن سميت سياسي ڌرين چولستان ڪئنالن جي معاملي کي اڀاريو، پر جڏهن اوڀائي خان ٺٽي پريس ڪلب جي اڱڻ ۾ اڪيلي سر بيھي احتجاج ڪيو، تڏهن صحافي کيس حيرت سان ڏسندا رهيا ته ھڪ ٻاھتر سال بيمار پيرسن پاڻي ماھر سنڌو درياءَ تي وڌيڪ پاڻيءَ تي ڌاڙي جون ڳالهيون ڪري پيو جو چولستان ڪئنال جو معاملو ڇا آهي. هن چولستان ڪئنال کي ڪالاباغ ڊيم جو ٻيو نالو سڏيندي ان تي لکيل آرٽيڪل جون فوٽو ڪاپيون صحافين ۾ ورھائي کين چوندو رهيو ته پاڻيءَ جي معاملن ۾ ھي منصوبو سنڌ کي ختم ڪرڻ جو منصوبو آهي، ان تي رڙيون ڪريو، وڙهو ۽ لکو ته سنڌو درياءَ مري ويندو ۽ سنڌ مري ويندي. سندس ڪتابن ۾ ھڪ ڪتاب چولستان ڪئنال کان ڪالاباغ ڊيم نالي به معلوماتي ڪتاب لکيل آهي.
ذاتي زندگي ۾ سنڌ سان سندس عشق رھيو. سنڌ جي تاريخ، سماجيات، ثقافت، ٻولي ۽ ادب سان گڏوگڏ سنڌي ماڻهن جي چوطرف پيو گھمندو ڦرندو رھندو ھو. سندس اوطاق ۾ قائم سندس ذاتي لائبريري مخدوم معين لائبريري ۾ وڏي انگ سٺي ڪليڪشن نظر ايندي رهي آهي. سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا جي تبديل ٿيندڙ نقشي کي ڏسندي ڏسندي هي سنڌ جو عاشق پنهنجون اکيون اوچتو ئي پوري هليو ويو ۽ سنڌو درياءَ تي ڌاڙي تي لکيل تاريخ اڌوري رھجي وئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو