اميتاڀ بچن جي آتم ڪٿا (قسط اٺين)
15- شادي جي ڪھاڻي، جيا ڀادري جي زباني: جيا ڀادري سان منھنجي شادي واري ڪھاڻي به ڏاڍي دلچسپ آهي، اسان سڀني دوستن، جن ۾ جيا ڀادري به شامل ھئي، گڏيل فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن منھنجي فلم “زنجير” ڪامياب ٿي وئي ته اسان لنڊن گھمڻ وينداسين. جون 1973ع آيو ۽ “زنجير” گھڻي ڪامياب ٿي. اسان لنڊن وڃڻ لاءِ تيار ھئاسين ته منھنجي مائٽن ھڪ شرط رکيو، شرط اھو ھو ته لنڊن وڃڻ کان اڳ توکي جيا ڀادري سان شادي ڪرڻي پوندي ۽ پوءِ اسان ٻنھي ڊسمبر ۾ شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تاريخ طئي ٿي ۽ پوءِ شادي کانپوءِ اسان لنڊن وياسين ۽ شادي کانپوءِ جيا ڀادري پنھنجي مرضي سان فلمن ۾ ڪم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مون پنھنجي آتم ڪٿا لاءِ جيا ڀادري کي شادي جو احوال لکڻ جو چيو ته ھن اسان جي شاديءَ جو احوال ھن طريقي سان لکيو.
مون کي ياد آھي، مون ھن کي پھريون ڀيرو ايف ٽي آءِ آءِ پونا ۾ ڏٺو، ٻئي دفعا مون کيس فلم “گڊي” جي سيٽ تي ڏٺو. ھن سان منھنجو تعارف ھريشي دا ڪرايو. اسان ھڪٻئي کي سلام ڪيو ۽ پوءِ ھو ھڪ ڪنڊ ۾ وڃي بيٺو ۽ مون کي غور سان ڏسڻ لڳو. ان وقت آئون ڏاڍي لڄي پئي ٿيس، دل ۾ چيم، عجيب ماڻهو آھي، ڪيئن نه ٽڪ ٻڌي پيو ڏسي! اسان فلمن ۾ گڏ ڪم ڪرڻ دير سان شروع ڪيو، ھو اڪثر ڪري اتي ايندو رھندو ھو، جتي اسان جي شوٽنگ ھلندڙ ھوندي ھئي. سندس دوست جلال آغا ۽ انور علي کيس ڇڏي ويندا ھئا. ھو پنھنجن دوستن سان اڪثر ڳجھي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندو ھو ۽ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندو ھو. اسان کيس ڏسي پيا مزا وٺندا ھئاسين. جنھن ڏينھن مون پنھنجو پھريون شاٽ فلمبند ڪرايو ان ڏينھن اميتاڀ اتي موجود ھو ۽ ان ڏينهن ھو پنھنجن دوستن سان ڪچھري ڪري رھيو ھو ۽ مون ڏي گھوري رھيو ھو. بمبئي ۾ اسان ٻئي اڪيلا رھندا ھئاسين ۽ اسان جا مسئلا به ھڪ جھڙا ھئا، وقت گذرندو ويو ۽ اسان جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا ويا. منھنجو خيال آھي ته کيس خبر پئجي وئي ھئي ته آئون کيس پسند ڪرڻ لڳي آھيان. مون کي محسوس ٿيندو ھو ته ھو مون کي ڏسي خوش ٿيندو آهي. اسان فلم “ايڪ نظر” لاءِ پونا وياسين ته اسان جي گھڻي ڪچھري ٿي، اتي مون سندس شخصيت جو نئون رخ ڏٺو. ھو سنجيده ۽ بي رخو ٿي ويو، جڏهن مون سندس دوست انور علي سان اھا ڳالھه ڪئي ته ھن چيو، نه نه ائين نٿو ٿي سگهي، اميتاڀ اھڙو ناھي، ھو ته توسان گھڻي محبت ٿو ڪري. خير پوءِ اميتاڀ جي بي رخي جاري رھي. منھنجي عادت آهي ته آئون ڦوٽا کائيندي آھيان ۽ ڦوٽن جو دٻو مون سان ھميشه ساڻ هوندو آهي. ھڪ ڏينھن سيٽ تي مون سڀني کي ڦوٽا ڏنا، جڏھن مون اميتاڀ کي ڏنا ته ھن پھرين دٻي کي ڏٺو، مون ڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ ڦوٽا وٺڻ کان انڪار ڪيائين. سندس ان رويي تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. ڪجھه ڪلاڪن کانپوءِ منھنجي ڪاوڙ لٿي ۽ مون ساڻس ڳالھائڻ شروع ڪيو، پر ھن مون کي ليکيو ئي ڪونه. مون کانئس پڇيو ته ڇا مسئلو آھي، پر ھن ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ پوءِ مون کانئس پري رھڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ٻئي ڏينهن تي شوٽنگ نه ھئي، آئون ۽ منھنجي ھيئر ڊريسر ھوٽل ۾ پنھنجي ڪمري ۾ ھئاسين، مانجهاندي جو وقت ٿي رھيو ھو، اسان منجھند جي مانيءَ جو آرڊر ڏيڻ ئي وارا ھئاسين ته فون جي گھنٽي وڳي، فون تي نادره ھئي، چيائين، ڇا پيا ڪيو. چيم، ڪجھه نه بس ماني کائڻ وارا ھئاسين. چيائين، منھنجي ڪمري تي اچو گڏ ٿا ماني کائون. مون ان وقت ڪنھن سان به ملڻ نٿي چاھيو، پر ھڪ سينيئر اداڪاره جي پيشڪش کي رد ڪرڻ سٺو نه لڳو، ان ڪري ھلي ويس. نادره جي ڪمري ۾ پھتس ته اتي اڳ ۾ ئي اميتاڀ ويٺو ھو. مون کي خبر ناھي نادره کي اسان جي جھيڙي جو ڪنھن ٻڌايو ھو. آئون جيئن ئي اتي ويٺيس ته نادره ڪنھن ڪم جو بھانو ڪري ڪمري مان نڪري وئي. ھوءَ ڪجھه دير کانپوءِ واپس آئي چيائين ته، ھي ڇا توھان اڃان ايئن ئي ويٺا آھيو. ھن ڪنھن به صورت ۾ اسان کي پرچائڻ چاھيو ٿي. چيائين، ڇڏيو ھاڻي ڪاوڙ کي. اسان ٻئي ڳالھين ڳالھين ۾ تيز ٿي وياسين، ھوءَ خاموشيءَ سان ٻڌندي رھي. آخرڪار اميٿاب کي مون کان معافي وٺڻ جو چيائين ۽ ھن نادره کي مان ڏيندي انتھائي احترام ۽ شائستگي سان مون کان معافي ورتي، ان کانپوءِ اسان ٻئي پنھنجن ڪمرن ۾ ھليا آياسين. شام جو اميتاڀ مون کي فون ڪري ٻاھر ھلڻ لاءِ چيو، مون انڪار ڪيو، پر پوءِ گھڻو اسرار ڪيائين ته مون ھا ڪئي. ان زماني ۾ “آئون تنھنجو گھڻو خيال رکان ٿو، ڇا تون به منھنجو خيال رکين ٿي،” اميتاڀ جو تڪيه ڪلام ھوندو ھو، پر اھو اڪثر ڪري مذاق جي موڊ ۾ چوندو ھو ۽ ھن مون کي ڪڏھن به باقاعدي طور شادي جي پيشڪش نه ڪئي. ھو ھميشه مون کي حيران ڪندو رھندو ھو، ھڪ واقعو مون کي ڪڏهن به ڪونه وسرندو. ھڪ دفعي دھلي مان شوٽنگ تان واپس اچي رھي ھئس، منھنجي فلائيٽ مقرر وقت تي نه وئي، آئون ڏاڍي پريشان ٿي ويس، ڇو ته اميتاڀ به انھيءَ ڏينھن طويل شوٽنگ لاءِ وڃي رھيو ھو ۽ اڍائي مھينن تائين اسان جو ملڻ نه ٿئي ھا. مون ھر ڪلاڪ ۾ کيس فون پئي ڪيو، پر ھو ڏاڍو پرسڪون ھو، چيائين ٺيڪ آهي، پوءِ تڏھن ئي ملنداسين جڏهن آئون واپس ايندس. اھو ٻڌي آئون ڏاڍو پريشان ٿي ويس، مون سوچيو ھتي آئون پريشان پئي ٿيان ۽ کيس پرواھ ئي ناھي. جڏھن آئون رات جو بمبئي پھتيس ته سڌو سندس گھر ويس، حالانڪه مون کي خبر ھئي ته ھو گھر نه ھوندو. ملازم دروازو کوليو ته ڏٺم ته ھو ڪرسيءَ تي ويٺو ڪتاب پڙھي رھيو ھو. چيائين، توکي ڇا ٿو لڳي، توسان بغير ملڻ جي ھليو ويندس. ٻئي ڏينهن فون ڪيائين، اسان روز ھڪ ئي وقت فون تي ڳالھائيندا ھئاسين. مون پڇيو، ڪٿي آھيو؟ منھنجو خيال ھو ته ھن شوٽنگ ملتوي ڪري ڇڏي ھوندي، پر سندس جواب ٻڌي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، چيائين لوڪيشن تي آھيان. خير پوءِ ٻڌايائين ته ھو بمبئي ۾ ئي آھي، موزون ڪردار نه ملڻ جي ڪري ڪم نه ڪيائين. ھو ان وقت جڏھن جدوجهد ڪري رھيو ھو، تڏھن به ڪوبه وڏو فيصلو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو ھو. مون اميتاڀ کي جيئن جو تيئن قبول ڪيو آھي، منھنجي خيال ۾ اھو رشتو سالن جي رفاقت کانپوءِ جڙيو آهي. ازدواجي زندگي ۾ ترجيحون تبديل ٿينديون رھنديون آھن. جڏھن آئون ماضيءَ ۾ جھاتي پائي ڏسان ٿي ته اميت مون سان ڏاڍو سٺو سلوڪ رکيو آھي، ماضيءَ ۾ ھو مون سان ھر ڳالھه سليندو ھو، ھڪ ڏينھن فون ڪري چيائين، منھنجي خيال ۾ تون منھنجي بيبي کي ڏسڻ چاھيندينءَ؟ مون سمجھو ته بيبي ڪا نئين ڪار ھوندي، ڇو ته ڪارن جو کيس جنون رھيو آھي. ھو تيز رفتار رکندڙ ڪارن کي پسند ڪندو آھي. وقت سان گڏ ھو تبديل ٿيو آھي، تبديلي ڪا غير فطري ڳالھه ناھي، ڪجھه ڳالھين ۾ ھو اڃان به ساڳيو آهي.. مثال طور: ھو پھرين وڏا ٽھڪ ڏيندو هو ۽ ھاڻ به ڏيندو آهي. گھڻا ماڻھو مون کي چوندا آهن ته اميت ٻين عورتن سان ڪچھري ڪندو آهي، آئون چوندي آھيان اھا ان جي فطرت آھي، پر ھن ھميشه اخلاقيات کي اھميت ڏني آهي، ھن ڪڏھن به منھنجو حق نه کاڌو آهي. اميتاڀ محبت ورھائڻ وارو آھي، هن هميشه محبت ورھائي آھي. اميتاڀ زندگيءَ ۾ ڪڏھن به منھنجي تعريف نه ڪئي آھي. جيڪڏھن وارن جي چوٽي ٺاھيندي آھيان ته چوندو آھي وار کولي ڇڏ، جڏھن وار کليل ھوندا آھن ته چوندو آهي ته چوٽي ٺاھ. ھن ھڪ دفعي چيو ھو، تو ساڙھي ڏاڍي سٺي پاتي آھي. ڪيترن ئي مھينن کانپوءِ جڏهن اسان ڪٿي وڃڻ لاءِ تيار ٿي رھيا ھئاسين ته چيائين فلاڻي ڏينهن تو جيڪا ساڙھي پاتي ھئي، ان ۾ تون ڏاڍي خوبصورت لڳي رھي ھئين، اھا ڇو نٿي پائين. آئون ايئن چئي سگھان ٿي ته اميت ساڙھيءَ جي ساراھ ڪندو آهي منھنجي نه. مون کان اڪثر ماڻھو پڇندا رھندا آھن ته سپر اسٽار سان شادي ڪرڻ کانپوءِ زندگي گذارڻ ۾ ڏکيائي ته نٿي ٿئي؟ انھيءَ جو جواب آھي بلڪل به نه. ڇو ته ھو گھر ۾ سپر اسٽار ناھي ھوندو، بلڪه ھو ھڪ مڙس ھوندو آھي. گھر ۾ ڪڏھن ڪڏھن اسان ڪيترائي ڏينھن ڳالھائيندا نه آھيون، انھيءَ جو اھو مطلب ناھي ته اسان ۾ ڪا رنجش ھوندي آھي. بلڪه ھو پنھنجي ڪم ۾ گھڻو مصروف ھوندو آھي. مون کي سندس مزاج بابت خبر آهي ته ڪيڏي مھل ساڻس ڳالھائڻو آھي. ھو اڪثر پنھنجي مطالعي واري ڪمري ۾ ڪتاب پڙھي رھيو ھوندو آھي يا فون تي ڳالھائيندو رھندو آھي ۽ آئون پنھنجي ڪمري ۾ ڪم ڪرڻ دوران سندس گفتگو ٻڌي رھي ھوندي آھيان، اھو ان ڪري جو کيس ٻڌي سندس موجودگيءَ کي محسوس ڪري سگھان. آئون سندس ٽھڪ ٻڌي سگھندي آھيان، ڪتاب جو پنو اٿلائڻ وارو آواز پڻ ٻڌندي آھيان. جڏھن گھڻي بيچيني ٿيندي آهي ته اٿي سندس ڪمري ۾ ھلي ويندي آھيان ۽ ڪجھه دير ويھي واپس ھلي ايندي آھيان. مون کي جڏھن لڳندو آهي ته اميتاڀ مون کي نظرانداز ڪري رھيو آھي ته اھا خبر الائي ڪيئن پئجي ويندي اٿس، ھو مون کي سڏي پڇندو آھي، ڇا ٿيو؟ ھي سندس پسنديده جملو آھي. جڏھن ھو گھر ايندو آهي ته چوندو آھي، اڄ ڪھڙو ڪم ڪيئي؟ مون کي جھڙو وڏا ڪي ڪم ڪرڻا ھوندا آھن. ماڻھو گھر ۾ ڪھڙا ڪم ڪري سگھي ٿو. بھرحال ھو اھو تڏھن چوندو آهي جڏھن مذاق جي موڊ ۾ ھوندو آھي. اميت مون کي ھميشه حوصلو ۽ ھمت ڏني آھي، جڏھن پريشان ھوندي آھيان ته ھڪدم پريشاني ختم ڪري ڇڏيندو آهي، ھو واحد شخص آھي، جنھن جي ذات مان مون کي بڙ جھڙي گھاٽي ڇانوَ ملي آھي. اڪثر ايئن به ٿيندو آهي، آئون ڪجھه به ناھيان ٻڌائيندي ھو سمجھي ويندو آهي. جڏھن آئون پيٽ سان ھئس، ھو منھنجو تمام گھڻو خيال رکندو ھو، اھڙو خيال شايد دنيا ۾ ڪوبه مڙس نه رکي سگھي. جڏھن اڀيشيڪ ڄائو ھو ته ھو اڪثر مزاحيه موڊ ۾ ھوندو ھو، ھن پنھنجي پٽ سان ھڪ پيءُ وارو نه، پر دوست وارو رويو رکيو ھو. شويتا سان ڳالھائڻ مھل سندس رويو ٻيو ھوندو آھي. جڏھن ته اڀيشيڪ سان ڳالھائڻ وقت ٻيو ھوندو آھي، اڀيشيڪ سان ڳالھائڻ مھل سندس رويو صفا فري ۽ دوستاڻو ھوندو آھي. ٻئي ٻار اميتاڀ جا وڏا نقاد آھن، جڏھن سندس ڪابه فلم ريليز ٿيندي آهي ته اميت جي لباس، وارن ۽ اداڪاري ۽ رقص جو ڀرپور تجزيو ڪندا آهن، اميت ٻارن کان پري ھوندو آھي ته کين گھڻو ياد ڪندو آھي. ڪجھه سال اڳ پيءُ ۽ اولاد جو تعلق ھڪ دلچسپ مرحلي مان گذريو ھو، ڇو ته ٻار وڏا ٿي ويا ھئا ۽ ھو دنيا کي پنھنجي طريقي سان ڏسندا ھئا. ان ڪري ھو اميت کي گيتن، فلمن، ڪپڙن ۽ اسٽائيل وغيره جي باري ۾ ٻڌائيندا ھئا. ھو پڻ ٻڌڻ لاءِ بيتاب ھوندو ھو، ڇو ته ڪپڙن ۽ وارن جي اسٽائيل جي جاچ پڙتال جو وٽس وقت نه ھوندو ھو. شويتا ۽ اميت طبيعت ۾ ھڪ جھڙا آھن، ڪنھن کي به خبر نه پوندي ته سندس ذھن ۾ ڇا آھي. اڀيشيڪ انھن جي بلڪل اُبتڙ آهي. اميتاڀ گھڻو سوچيندو آھي، جيڪڏهن ڪو مائٽ بيمار ٿيندو آهي ته ھو ڪيترائي دفعا بيمار کان پڇڻ ويندو آهي، خود بيمار اميت جي گھڻي پڇڻ ڪري بيزار ٿي پوندو آھي. گھر ۾ اصول ٺھيل آھن، انھن ۾ ھڪ اھو به آھي ته مانيءَ جي وقت سڀ ڀاتي موجود ھجن ۽ ماني کائڻ وقت ھر فرد لاءِ الڳ جاءِ مخصوص ٿيل ھوندي آھي. اميت ميز جي بلڪل وچ واري ڪرسيءَ تي ويھندو آھي، ان جو اھو سبب ڪونھي ته ھو گھر جو وڏو آھي، بلڪه ان لاءِ ته سندس ٽنگون ڊگھيون آھن ۽ کيس گھڻي جڳھه جي ضرورت پوندي آهي. آئون سندس کاٻي پاسي ويھندي آھيان، منھنجو سھرو سندس ساڄي پاسي ويھندو آھي، جڏھن ته منھنجي سس سندس سامھون ويھندي آھي. منھنجي سھري جو عقيدو آهي ته اميتاڀ کي ڏکڻ اوڀر طرف منھن ڪري ويھڻ گھرجي، ڪڏھن ڪڏھن پيءُ پٽ ۾ سنجيده گفتگو ٿيندي آهي، پر ھر دفعي گفتگو ۾ ماين جو پلڙو ڀاري ھوندو آھي. منھنجو سھرو فطرتي طور تي خاموش پسند آھي، ھو تمام گھٽ ماڻھن سان ملندو آهي ۽ سخت ٽائيم ٽيبل مطابق زندگي گذاريندو آهي، ھو روز اميتاڀ جي ڪانه ڪا فلم ضرور ڏسندو آھي ۽ تمام گھٽ ڳالھائيندو آھي، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ھو اڪيلائي پسند پڻ ٿي ويو آهي. آئون سمجھان ٿي ته منھنجي سھري جي ٻنھي پٽن استقامت، نظم ۽ ضبط واريون خوبيون پنھنجي پيءُ کان سکيون آھن. منھنجي سس مون کي ٻڌائيندي آھي ته منھنجو مڙس اميت ۽ سندس ڀاءُ ٻئي ننڍپڻ ۾ ئي ذميدار ۽ فرض شناس ھئا، ان حوالي سان ھو اڪثر ھڪ واقعو ٻڌائيندي رھندي آھي: “جڏھن اسان الھه آباد کان دھلي منتقل ٿي رھيا ھئاسين ته گھر جو سامان ٽرڪ وسيلي گھرايو. جڏھن ٽرڪ ٻئي ڏينهن تي نه پھتي ته پريشان ٿي وياسين، منھنجو مڙس ان وقت ملڪ کان ٻاهر ھو، سوچيم ته ڪار تي چڙھي ٽرڪ جي خبر چار لھان، اميت ان وقت ننڍڙو ھو، پر ھو مون سان گڏ ھلڻ لاءِ تيار ٿيو. پنھنجي پيءُ جي غير موجودگيءَ سبب ھن ۾ ذميواري جو احساس ھو، رستي ۾ اميت ڪار روڪرائي مون کي چانھه پياري.” منھنجو سھرو پي ايڇ ڊي لاءِ ٻاھر ويو ھو ۽ ھن ٽن سالن ۾ ڪورس مڪمل ڪرڻ ٿي چاھيو. ان ڪري ھو تمام گھڻي محنت ڪندو ھو، ھڪ دفعي مون کي ٻڌايائين ته: “روزانو 12 کان 14 ڪلاڪ لکندو آھيان.” لکڻ وقت جڏھن ساڄو ھٿ ٿڪي پوندو ھئس ته وري کاٻي ھٿ سان لکڻ شروع ڪندو ھو. مون پنھنجي طويل ازدواجي زندگيءَ ۾ اميتاڀ کي ڪڏھن به نصيحتون ڪندي نه ڏٺو آھي، ھن پنھنجن ٻارن کي ڪڏھن به نصيحتون نه ڪيون آهن. اميت پنھنجي والدہ سان بي حجاب ٿي ڳالھائيندو آھي، پر گھر کان ٻاھر نڪرڻ مھل ماءُ پيءُ جا پير ڇھي پوءِ نڪرندو آهي. اھا خانداني روايت آهي، پر ڀائر پڻ ھڪٻئي جو گھڻو خيال رکندا آھن. جڏھن ھو پاڻ ۾ ملندا آهن ته بنٽي اميت جي پيرين پوندو آهي. اھا الڳ ڳالھه آھي ته اميت بنٽي کي ايئن ڪرڻ کان روڪيندو آهي، پر ان جي باوجود بنٽي اميت جا پير ڇھندو آھي. اميت پنھنجي ننڍي ڀاءُ بنٽي جو ھميشه خيال رکيو آھي. منھنجي سس ٻڌائيندي آھي، ننڍپڻ ۾ بنٽي جڏھن ڪا شرارت ڪندو ھو ته اھو ڏوهه هميشه اميت پنھنجي مٿي تي کڻندو ھو. ھڪ دفعي اميت ۽ سندس گھراڻو نئون نئون دھلي آيو ھو، سامان اڃان ٻڌو پيو ھو، سيءَ تمام گھڻا ھئا، رات جو وقت ھو، اميت ڏٺو ته بنٽي ستو پيو آهي ۽ سيءَ جي ڪري ڏڪي رھيو آھي، ڪمبل سامان ۾ پيل ھو. اميت پنھنجو ڪمبل بنٽي کي پارائي ڇڏيو. اميت ۾ قرباني ڏيڻ واري خاصيت شروع کان آھي. آئون سمجھان ٿي جيڪڏهن اميت جي زال نه ھجان ھا ته سندس سٺي دوست ضرور ھجان ھا. اميت ڪيترائي دفعا اھا ڳالھه ڪري چڪو آهي ته دوست اھم ناھن. اھو سچ ناھي، آئون اميت جي انھيءَ ڳالھه سان سھمت ناھيان. بھرحال مون ڏٺو آھي اميت جڏھن دوستن سان ھوندو آھي تڏھن ڏاڍو خوش ھوندو آھي. جڏھن اميت جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وئي، تڏھن منھنجي دوست فلم پروڊيوسر رميش مون کي چيو ھو: “اھو بوفورس ڇا آھي؟ منھنجي دل چوي ٿي ته آئون وڃي گرفتاري ڏيان ۽ جيڪي الزام اميت تي ھنيا پيا وڃن، اھي مون تي ھنيا وڃن.” رميش اھا ڳالھه دل سان چئي ھئي، مون کي سندس لھجو اڄ به ياد آھي. سچي ڳالھه اھا آھي ته اميت کي به اھا خبر ناھي ته ھو ڪيڏو سٺو دوست بڻجي سگھي ٿو. ھو تعلقات بھترين نموني نڀائي سگھي ٿو. اميت انتھائي ديانتدار آھي، اھا خبر ملازمن سان سندس سلوڪ مان پوي ٿي. ھو جنھن طريقي سان ڪم ڪرڻ چاھي ٿو، انھيءَ انداز سان ڪم ڪرڻ ناممڪن آهي، ان جو سبب اهو آهي ته ان وٽ وقت ناھي. اميت سان جيڪي ماڻھو گڏ ڪم ڪري رھيا آھن، اھي ساڻس گذريل ويھن سالن سان کان وڌيڪ عرصي سان ساڻس گڏ آھن. اھو تمام وڏو عرصو آھي. ھو انھن کي محبت ۽ عزت ڏيندو آهي، پر ڪم جي معاملي ۾ ڪابه رعايت نه ڏيندو آهي. اميت گھر جي معاملي ۾ پڻ سخت نظم و ضبط جو قائل آھي. ھو ٻين جي گھر وڃڻ بدران گهر ۾ مهمانن جي اچڻ تي گھڻو خوش ٿيندو آهي. اميت سان آئون جڏھن شروع ۾ ملي ھئس ته ھو تمام گھڻو مطالعو ڪندو ھو ۽ پوءِ ڪم جي گھڻائي جي ڪري مطالعي ۾ گھٽتائي اچي ويس، ھاڻي وري گھڻو مطالعو ڪرڻ لڳو آھي، ھو ھڪ ئي وقت چار ڪتاب گڏ پڙھندو آھي. اميت اسان جي صحت متعلق گھڻو فڪرمند رھندو آھي، ان جو وڏو سبب ھو پاڻ بيمار رھيو آھي. بيماري ھن تي تمام خراب اثر وڌو، شروع شروع ۾ تمام گھڻو ڪمزور ھو، پر پوءِ وقت گذرڻ سان مضبوط ٿيندو ويو. ھو مضبوط پنھنجي ڪردار ڪشي جي ڪري ٿيو آھي. ھو جسماني ۽ روحاني طور تي انتھائي مضبوط ۽ سھپ وارو آھي. اميت کي سفر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي، خاص طور تي سامان ٻڌڻ، کولڻ کيس ڪاوڙ ڏياريندو آهي، حالانڪه اھي ڪم ھو پاڻ نه ڪندو آهي. ھو کاڌي ۾ گوشت بدران ڀاڄين کي وڌيڪ اھميت ڏيندو آهي. اميت جھيڙن کي سخت ناپسند ڪندو آهي، اڪثر ڪري جھيڙن کان پري ڀڄندو آھي. مون ڪڏھن به ٻئي جي گلا ڪندي نه ڏٺو آھي، ھو اڪثر ماڻھن جي منفي پاسن کي نظرانداز ڪري مثبت شيون ڏسندو آھي ۽ انھن تي ڳالھائيندو آھي. مون ڏٺو آھي ته ماڻھو اميت تي سڙندا آهن، اميت جي زال ھجڻ جي حيثيت ۾ آئون پنھنجي مڙس تي فخر ڪريان ٿي. اڪثر ماڻھو چوندا آهن ته اميت موقعي پرست آھي، پر منھنجي نظر ۾ ايئن ناھي، ايئن جيڪڏهن ھجي ھا ته اميت ڪڏھن به سياست نه ڇڏي آھي، بلڪه فلمن کان الڳ ٿي وڃي ھا. مون کي اميت جون ڪيتريون ئي فلمون پسند آھن، پر “پروانه”، “سوداگر” ۽ “ملي” گھڻيون پسند آھن. مون کي سندس داخليت پسند ڪردار وڻندا آهن، سندس ننڍا ننڍا ڪردار پڻ وڻندڙ آھن. جھڙوڪ: امر، اڪبر انٿوني وغيره. اميت فلم “نصيب” ۾ به سٺو ڪم ڪيو آهي. جڏھن ته “آخري راستا” ۾ سندس ڊبل ڪردار پڻ ساراھ جوڳو آهي. جيڪڏهن “اگني پٿ” تي کيس نيشنل ايوارڊ نه ملي ھا ته مون کي گھڻو ڏک ٿئي ھا. ھن فلم ۾ ھن بھترين پرفارمنس ڪئي آھي، افسوس ته اھا فلم گھڻي ڪامياب نه رھي. منھنجو ذاتي خيال آهي ته ٽيھه سال گذرڻ باوجود اميت جي فني جوھر مطابق کانئس ڪم نه ورتو ويو آهي، سندس ڪامياب فلمون اڃان اچڻيون آھن.
…(هلندڙ)…
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟