مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اميتاڀ بچن جي آتم ڪٿا (قسط نائين)

Abdul Sattar Laghari استاد، ليکڪ، مترجم

ايم.اي سنڌي، مترجم، مختلف ڪتاب مرتب ڪندڙ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

16- هڪ دلچسپ انٽرويو:
مس يونيورس سشميتا سين ھڪ فلمي رسالي سني بلٽنز لاءِ منھنجو انٽرويو ڪيو ھو، جيڪو ھتي ڏيندي خوشي محسوس ڪري رھيو آھيان.
منھنجي هميشه اھا خواھش رھي آھي ته صحافڻ ٿيان، منھنجي اھا خواھش سني بلٽنز رسالي پوري ڪري ڇڏي ۽ مون کي عظيم اداڪار اميتاب بچن کان انٽرويو ڪرڻ جو موقعو مليو. ھڪ وڏي اداڪار کان انٽرويو وٺڻ منھنجي لاءِ باعث فخر آهي. (سشميتا سين)
سوال: مشھور ماڻھن کي پنھنجي تعريف ٻڌڻ جو نشو ٿي ويندو آھي، توھان کي به اھڙي قسم جو نشو آھي؟
جواب: اسان جا مداح اسان جي آڪسيجن آھن، انھن کان بغير اسان اڌورا آھيون.
سوال: توھان ڪافي وقت فلمن کان پري رھيا ۽ پوءِ وري واپس آيا، ڇا ان جو سبب خوبصورت عورتون آھن؟
جواب: اھو ئي ته منھنجي لاءِ عذاب آھي ته منھنجي پاسي ۾ عورتون ناھن.
سوال: توھان کي خراب ۽ مٽي سان ڀريل اسٽوڊيو ۾ ڪم ڪرڻ ڪيئن لڳو؟
جواب: خراب نه لڳو، مون کي ته فقط پنھنجي ڪم سان دلچسپي آھي.
سوال: توھان فلمن ۾ ٻيھر آيا آھيو، توھان جي ڪم، اداڪاري ۽ فلمن تي وري تنقيد ٿيندي، توھان ان لاءِ تيار آھيو؟
جواب: بلڪل، ھر ماڻھو پنھنجو پنھنجو ڪم ڪري رھيو آھي.
سوال: ھن وقت جڏھن فلمن ۾ ڪيترائي نوجوان ڪم ڪري رھيا آھن ۽ توھان جي فلمن ۾ واپسي ھڪ جرئتمنديءَ ته ناھي؟
جواب: نوجوانن جو پنھنجو مقام آھي، اھو فيصلو ڏسندڙ ڪندا ته مون کي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ گھرجي يا نه.
سوال: توھان ھاڻي سنجيده ڪردار ڪندؤ يا مار موچڙي وار؟
جواب: مون کي جيڪو به ڪم مليو، خوشي سان ڪندس.
سوال: ڇا توھان دليپ ڪمار ۽ عامر خان وانگر پنھنجي لاءِ ڪا حد مقرر ڪئي آھي ته، ايترن فلمن ۾ ڪم ڪندس.
جواب: مائي! اھڙي قسم جي فيصلي جو مون وٽ اختيار ناھي.
سوال: توھان پنھنجي مقبوليت کي ڪيئن برقرار رکندؤ؟
جواب: نه ايئن ناھي، آئون توھان جي سوال سان متفق ناھيان.
سوال: ھر روز شام جو توھان جي گھر وٽ ماڻھن جا ميڙا ھوندا آھن، سوين ماڻھو توھان جي ھڪڙي جھلڪ ڏسڻ لاءِ پريشان ھوندا آھن؟
جواب: ماڻھو مون کي ڏسڻ ناھن ايندا، اصل ۾ منھنجو گھر ڪنڊ تي آھي ۽ اتي ويجھو ھڪ مندر پڻ آھي، سئنيما پڻ ويجھي آھي، ماڻھو ته فقط منھنجي گھر کان گذرندا آھن.
سوال: ايئن ناھي سائين، آئون ھر آچر تي اتان گذران ٿي ۽ ٽريفڪ جام ھوندي آھي، ڇو ته ماڻھو توھان کي ڏسڻ ايندا آهن. ڇا توھان کي خوشي ناھي ٿيندي؟
جواب: آئون ته اتان ٻئي ھنڌ منتقل ٿيڻ جو سوچي رھيو آھيان.
سوال: توھان ھميشه چوندا آھيو ته توهان پنھنجي ٻارن کي وقت نه ڏنو؟
جواب: ھا، منھنجي زندگي جو اھو وڏو پڇتاءُ آھي، جيڪو وڃايو اٿم، اھو ھاڻ حاصل نٿو ڪري سگھان، مون پنھنجي ٻارن جو ننڍپڻ وڃائي ڇڏيو، ھاڻي ھو وڏا ٿي ويا آھن ۽ انھن جو ھاڻي اٿڻ ويهڻ مون پوڙھي بدران پنھنجي ھم عمرن سان آھي.
سوال: توھان جا ٻار، پنھنجا مسئلا سلجهائڻ لاءِ توھان وٽ ايندا آهن؟
جواب: ھا ڪڏھن ڪڏھن.
سوال: جيا توھان کي گھريلو مسئلن کان آگاھ ڪندي آهي؟
جواب: جيا کي خبر آهي ته آئون ڏاڍو مصروف آھيان، پر پوءِ به ڪو وڏو مسئلو گڏجي حل ڪندا آھيون.
سوال: توھان وڏا مشھور ماڻھو آھيو، توھان کي پنھنجي شھرت جي ڪري پريشاني نه ٿيندي آهي؟
جواب: نه بلڪل به نه، مون ھميشه عام ماڻھن وانگر گذاريو آهي.
سوال: توھان ڪڏھن روڊ تي بيھي ڪنھن گاڏي تان ماني کاڌي آھي؟
جواب: ھا، آئون ھاڻي به گاڏن تي ڪجھه نه ڪجهه کائيندو رھندو آھيان.
سوال: توھان گاڏن تي کائڻ ڪڏھن ويندا آھيو، ان ڏينهن آئون به توھان جي پٺيان اچان؟
جواب: پٺيان ڇو، مون سان گڏ ھل.
سوال: اتي توھان پڪ سان اڌ رات جو ويندا ھوندؤ، جيئن توھان کي ويس نه بدلائڻو پوي؟
جواب: مون کي ويس بدلائڻ جي ڪھڙي ضرورت، توھان سڄي زندگي پنھنجي ملڪ جي ماڻھن کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو ٿا. ھر اداڪار جي خواھش ھوندي آھي ته ھو وڌ کان وڌ مشھور ٿئي ۽ کيس وڌ کان وڌ ماڻھو سڃاڻن.
سوال: توھان ۽ جيا آخري ڀيرو ڪڏھن گڏ ٻاھر رات جي ماني کاڌي ھئي؟
جواب: بدقسمتي سان ڪيترائي سال ٿي ويا آھن، اسان ٻاھر گڏ نه ويا آھيون، اصل ۾ جيا کي ٻاھر وڃڻ پسند ناھي، مون کي پڻ ٻاھر کائڻ سٺو نٿو لڳي، اسان ٻنھي جي پسند ۽ ناپسند ساڳي آھي.
سوال: ٻڌو آھي ته توھان نيويارڪ ۾ پنھنجي مھانگي ڪار تي ريس ڪئي ھئي، ڇا اھو توھان جو نئون مشغلو آھي؟
جواب: نيويارڪ ۾ منھنجا ڪجھه دوست ڪارن جي ريس ڪندا آهن، ھو مون کي به گڏ وٺي ويا، مونکي ڏاڍو مزو آيو.
سوال: جڏھن جيا ھڪ ٽي وي سيريل ۾ ڪم ڪيو، توھان کي پھرين ٻڌايو ھئائين؟
جواب: نه، مون پاڻ اخبارن ۾ پڙھيو ھو، دراصل اسان ٻئي ڪڏھن ڪڏھن ھڪٻئي کي حيران ڪندا رھندا آھيون.
سوال: توھان ھندستاني فلم انڊسٽري کان بخوبي واقف آهيو، ڇا توھان ڪڏھن پنھنجي اولاد کي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان ڪا نصيحت ڪئي آھي؟
جواب: نه ڪڏھن به نه.
سوال: توھان جي خلاف اڪثر اسڪينڊل ايندا رھندا آھن، انھن جو توھان جي گھريلو زندگي تي ڪڏھن اثر پيو؟
جواب: نه ان حوالي سان منھنجي دوستن ۽ منھنجي خاندان تي ڪوبه اثر نه پيو.
سوال: جيڪڏهن ڪو ماڻھو مون سان محبت ڪري ٿو ته مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟
جواب: آئون سٺو صلاحڪار ناھيان، ان ڪري مون کان صلاحون نه وٺو.
سوال: مون جھڙي معصوم ڇوڪري، ايترن خطرناڪ مردن جي غلبي واري فلم انڊسٽري ۾ ڪيئن ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿي؟
جواب: صرف معصوم ٿي ڪري.
سوال: توھان جو ۽ منھنجو قد ڊگھو آھي، جڏهن ته تمام گھٽ ھيرو ڊگھا آھن، ان حوالي سان توھان ڇا چوندؤ؟
جواب: پاڻ ٻنھي کي گڏ ڪم ڪرڻ گھرجي.
سوال: ڪاش آئون توھان سان گڏ ڪم ڪري سگھان؟ ڇا توھان مون سان رومانوي ڪردار ڪندؤ؟
جواب: جيڪڏهن ڊائريڪٽر چاھي ته آئون ڪوشش ڪندس، پر ڊائريڪٽر مونکي تنھنجي پيءُ جو ڪردار ڏيندو.
سوال: اي بي سي ۾ باس جي حيثيت ۾ توھان اداڪارائن جي چونڊ خوبصورتي جي بنياد تي ڪندا ھئا يا ٽيلينٽ تي؟
جواب: اھو منھنجو ڪم نه ھو، ان لاءِ ھڪ الڳ شعبو ھو ۽ ججن جو پينل فيصلو ڪندو ھو.
سوال: ھڪ دفعي توھان موت جي منهن ۾ ھليا ويا ھئا، ان بابت توھان جا ڪھڙا تاثرات آھن؟
جواب: مان ان دوران گھڻو وقت بيھوش ھئس، ان ڪري مون کي خبر ئي نه پئي ته ڇا پيو ٿئي، جيڪڏهن اڄ آئون زندہ آھيان ته اھا مالڪ جي مھرباني آھي. ڊاڪٽرن پڻ منھنجي بچي وڃڻ کي ھڪ معجزو قرار ڏنو، ان کانسواءِ لکين ماڻھن منھنجي صحتيابي لاءِ دعائون ڪيون، آئون انھن ماڻھن جو تمام گھڻو ٿورائتو آھيان. منھنجي صحتيابي لاءِ دعا گھرندڙن ۾ نوي سيڪڙو ماڻھو اھڙا آھن، جن کي مون نه ڏٺو آھي، شايد ڪڏھن به نه ڏسي سگھان. اھو ماڻھن جو مون تي وڏو قرض آھي، جيڪو ڪڏهن به نٿو لاھي سگھان.
سوال: توھان جي خيال آھي ته توھان جنھن قسم جو ڪم ڪيو ٿا، ھي ان جي سڀ کان وڏي قيمت ناھي؟
جواب: آئون پنھنجي ڪم تي الزام نٿو ھڻان، ايئن ته ڪنھن سان به ٿي سگھي ٿو.
سوال: مون ڪٿي پڙھيو ھو ته توھان ٻي جنم ۾ صحافي ٿيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ھو، ڇو؟
جواب: جڏھن صحافي ٿيندس، ٻڌائيندس.
سوال: ڪڏھن ٻڌائيندؤ؟
جواب: پنھنجي ٻئي جنم ۾… ٻيو وري ڪڏھن.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو