سنڌ ۾ جيڪي دانشور ۽ اعليٰ هستيون پيدا ٿيون آهن ۽ جن صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جي ترقي لاءِ سوچيو ۽ سنڌ جي خدمت ڪئي تن مان هن پوئين ويجھي دور ۾ علامه آءِ آءِ قاضي (امداد علي ولد امام علي قاضي) پنهنجي علم، فڪر اخلاق ۽ ڪردار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، غور ٿو ڪجي ته حيراني ٿي ٿئي ته ڪيڏي نه وڏي هستي جو سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد ڄامشوري ۾ قائم ڪرڻ ۾ هٿ هو، ڪيڏي نه وڏي علم ۽ فڪر واري انسان پنهنجي زندگي جو آخري دور، فقط سنڌ جي ڀلائي ۽ بهبود خاطر سنڌ يوينيورسٽي کي تعمير ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ته جيئن هيءَ اعليٰ تعليمي درسگاهه اعليٰ دماغ نوجوان پيدا ڪري جيڪي سڄي ملڪ جي اڳواڻي ڪن ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪن.