مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

علي بابا جو پورهيو سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جو نشانبر

Dr Parveen Moosa Memon محقق، نقاد، لطيف شناس، ٻالڪ ادب لکندڙ، ڪهاڻيڪارا، مترجم

پي.ايڇ.ڊي (سنڌي)، رٽائرڊ پروفيسر، 39 ڪتابن جي ليکڪه، 23 ايوارڊ حاصل ڪندڙ، 6 اڪيڊمڪ ڪتاب ۽ ڪامپيٽيٽو ايگزامس لاءِ لکيل ڪتابن جي مصنفه.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

علي محمد رند بلوچ جا وڏا سيوهڻ ۽ پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ آباد ٿيا، جتي سندس جنم 1940ع ۾ محمد يوسف بلوچ جي گهر ڪوٽڙي ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم ڪوٽڙيءَ ۾ حاصل ڪري ڇَهين درجي تائين، انگريزي پڙهي ريلوي ۾ ڪلارڪ ٿيو ۽ ان کانپوءِ ٽيڪسٽائيل مل ۾ چار سال اسسٽنٽ مئنيجر طور رهيو. 1965ع کان لکڻ شروع ڪيائين، 51 سال مسلسل لکندو رهيو، پر هو پنهنجي مرضيءَ ۽ موڊ جو تابع هو. شروع دور ۾ آسودو پڻ رهيو، پر پوءِ جلد ئي نوڪريءَ تي توجهه نه ڏيڻ سبب اچي گهر ڀيڙو ٿيو. سندس ڪمائيءَ جو آسرو فقط لکڻ ئي رهجي ويو، بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار ٿيو. سندس لکڻين ۾ سنڌ جي تاريخ، تمدن، تهذيب، سياسي ۽ سماجي حالتن جو اڀياس فڪشن معرفت آهي، علي بابا جا چونڊيل ڪردار، ڪهاڻين جا عنوان، پلاٽ سڀ الڳ نوعيت جا هوندا هئا. سندس لکڻيون ڪو نه ڪو پسمنظر رکن ٿيون، جن کي بيان ڪرڻ ۾ ليکڪ انهيءَ ۾ مڪمل طور ضم ٿيل آهي. وطن سان، قوم سان ۽ ٻوليءَ سان محبت رکندڙ علي بابا پنهنجي سماج، ڌرتي، تاريخ ۽ تهذيب جو اونو رکندي پاڻ کي ڪڏهن به هڪ عام روايتي اديب طور نه آندو آهي، “موئن جو دڙو” (ناول)، “سنڌ باد جو سفر” (ناول) لکيائين. علي بابا ناول موئن جو دڙو تي سالن جا سال محنت ڪئي ۽ ان کي لکڻ لاءِ ڪيترائي تاريخي ڪتاب پڙهيا. هن ناول ۾ سنڌ جي پنج هزار سالن جي تهذيب جو نقشو چٽيل آهي، ان دور جي عظيم رهواسين جا ڏک، خوشيون، رسم ۽ رواج ۽ اٿيون ويٺيون آنديون آهن. ڌرتيءَ جو درد ڀوڳيندڙ هن ليکڪ پنهنجي حياتيءَ تي توجهه نه ڏني ۽ نه ئي صحت تي. شمشير الحيدري سندس پهرين ڪهاڻي ڇپائي ۽ کيس “علي بابا” جو نالو ڏنو جو انهيءَ وقت هڪ ٻيو به “علي محمد” لکندڙ هو. پير حسام الدين راشديءَ موجب ته “علي بابا سنڌ جي سنڌي تاريخ جو راوي آهي” انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ “علي بابا” جي پهرين ورسيءَ تي، ڊاڪٽر رسول ميمڻ، علي بابا جي ڪهاڻين کي “آزاد نظم” سڏيو، سندس موجب ته “هو شاعر ڪهاڻيڪار هو” کيس “نرالي اسلوب وارو ليکڪ” پڻ سڏيو ويو آهي.
علي بابا ڊراما نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار جي حيثيت سان مشهور آهي، هن جي فن ۾ ڊرامن کي خاص حيثيت آهي. هن سئو کان وڌيڪ ڊراما ۽ سيريل لکيون، علي بابا ڊرامن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي اصل روح کي پيش ڪيو آهي، سندس ناٽڪ “دنگيءَ منجهه درياءُ” کي 1976ع ۾ ميونڪ جرمنيءَ جي عالمي ميلي ۾ ٽيون نمبر انعام مليو، ڊرامي جي فيسٽيول واري عالمي مقابلي ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن حصو ورتو هو. دريا شاهه جي ماحول ۽ مهاڻن جي حياتي ۽ گذران جي باري ۾ لکيل هن ڊرامي ۾ نه فقط مڪالما، پر اداڪارن خاص طور جيجي زرينه بلوچ ۽ يعقوب ۽ ٻين جي اداڪاري وڻڻ وٽان هئي سندس ٻين ڊرامن ۾ “ٻاليشاهي”، “موکي متارا”، “مومل راڻو”، “هوشو شيدي”، “رقصِ حيات” ۽ ٻيا آهن. ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ هن پهرين ڪهاڻي “پڃري جا پکي” 1954ع ۾ لکي جا 1960ع ۾ شايع ٿي. علي بابا جو پهريون ڪتاب “ڌرتيءَ ڌڪاڻا” 1983ع (ارڙهن ڪهاڻيون) جنهن ۾ “ڌرتيءَ ڌڪاڻا” ڪهاڻي 1947ع جي ورهاڱي جي پس منظر ۾ لکيل سندس هڪ وڏو ادبي شاهڪار تسليم ڪئي وئي آهي. “آيل ڙي اولاڻا” 1984ع (20 ڪهاڻيون) ۽ ٻيون ڪهاڻيون گڏي مجموعي “منهنجون ڪهاڻيون” ۾ آهن. جنهن کي روشني پبليڪيشن 2007ع ۾ شايع ڪيو، ڪهاڻين جا عنوان “ڀاڳان”، “ڪارونجهر جو قيدي”، “اولڙن پٺيان ڊوڙ”، “سون ورنا سپنا”، “ڪروڌ ۽ ٻه ماڻهو”، “آيل ڙي اولاڻا”، “هڪڙو سوال”، “سندر سپنا”، “ڀيانڪ سپنا”، “زندگي” ۽ ٻيا آهن. پنهنجي ڪهاڻي لکڻ جي باري ۾ چوي ٿو ته: “ڪڏهن ڪڏهن محسوس ڪندو آهيان ته مان ڪهاڻي لکڻ ئي نٿو چاهيان، پوءِ لکي ويهندو آهيان، هر واري ڪهاڻيءَ کان ڏنڀجڻ کانپوءِ مان ڪهاڻيءَ سان کيڏندو آهيان، يا ڪهاڻي مون سان کيڏندي آهي، اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪار قسم جي ڪا به شيءِ حائل ڪونهي، منهنجو ۽ ڪهاڻيءَ جو رومانس پاڻ ۾ ڪنهن به ڪاروبار يا ڪار ونهوار کانسواءِ هلندو اچي انتهائي بيزار ٿيڻ کانپوءِ مان ڪهاڻي سان پيار ڪيو آهي، مان ان کي ڪنهن به قيمت تي نه ڇڏي سگهيو آهيان ۽ نه ڇڏي سگهندس”. (1)
علي بابا جو تخليقي فن پڙهندڙن ۾ هميشه مقبول رهيو آهي، هن هڪ سئو کن ڪهاڻيون ۽ انيڪ ناٽڪ لکيا سندس ڪم جي خاص خوبي پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن جي دِلين جي عڪاسي سهڻڻ سهڻن حرف تجنيس سان سينگاريل جملن ۾ پڻ آهي، هُن سنڌي ٻولي جي ڪيترن پراڻن لفظن کي جيئاريو، سندس نثر ۾ نغمگي غالب آهي. علي بابا جا ڪتاب هائر ڪلاسن جي سليبس تي مقرر آهن، “موهن جو دڙو” ناول موجوده سي ايس ايس جي ڪورس ۾ مقرر آهي. ناول “موهن جو دڙو” (پهريون حصو) 1985ع ۾ نيو فيلڊس شايع ڪيو، پوءِ روشنيءَ وارن مڪمل ناول شايع ڪيو آهي، ناول جو موضوع سنڌ جي تهذيب آهي، مڪالما هن ريت آيل آهن، “او! سنڌ! تون ڌرتيءَ تي سڀني ندين جي مهاراڻي آهين، اوسنڌو، تنهنجو پاڻي سڀني ندين کان روشن ۽ اُجرو آهي، او سنڌو ديا جي ديوي، سڀ ديويون ۽ ديوتا توکي پوڄين ٿا ۽ مان تنهنجي ڀلاري ڀونءَ کي چمان ٿو ۽ تنهنجي پوڄ، پاڻيءَ کي پرنام ڪريان ٿو” (2)
علي بابا جو ادبي پورهيو سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جو نشانبر آهي، کيس سگا، سنڌالاجي، شاهه عبدالطيف ڊراميٽڪ سوسائٽي جي ايوارڊن سان گڏ صدارتي ايوارڊ پاڪستان حڪومت طرفان مليو، سندس وفات08 آگسٽ 2016ع ۾ ٿي. کين سندن اباڻي ڳوٺ يوسف بلوچ ڪوٽڙيءَ ۾ دفنايو ويو.
حوالا: 1. علي بابا، ”منهنجون ڪهاڻيون“ روشني پبليڪيشن، 1994ع، صه، 3.
2. علي بابا، ”موهن جو دڙو“ نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1985ع، صه، 56.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو