اي آءِ (AI) انسانيت جو نئون روپ ڌاري رهي آهي
جيفري ڪاهن (21 آگسٽ، 2026)
انگ اکر اها خبرداري ڏين ٿا ته انسانيت ڪيڏانهن وڌي رهي آهي.
“ريتيءَ جي هڪ ذري ۾ دنيا کي ڏسڻ/۽ جهنگلي گل ۾ جنّت کي.”
ٻن صدين کان به وڌيڪ وقت اڳ، وليم بليڪ (William Blake) انساني ادراڪ جي حيرت انگيز ترين تشريح لکي هئي. انهن سٽن جي خوبصورتي بليڪ جي ان ضد ۾ آهي ته اسان محدود شين مان غير محدود (لاءِ متناهي) جو، ۽ عام شين مان الهامي روح جو تجربو ڪري سگهون ٿا. ريتيءَ جو ذرو صرف ريتيءَ جو ذرو ناهي. جهنگلي گل صرف هڪ گل ناهي. اصل اهميت ان ڳالهه جي آهي ته اسان وٽ انهن جي پار ڏسڻ جي ڪيتري صلاحيت آهي. بليڪ ان ڳالهه ڏانهن به اشارو ڪيو هو ته جيڪڏهن اسان حقيقت جي سمجهه لاءِ پنهنجي خدا داد ذهن کي استعمال نه ڪنداسين ته اسان سان ڇا ٿيندو. هن لکيو هو:
“اسان تڏهن دوکو کائيندا آهيون، جڏهن اسان اک سان ڏسندا آهيون، اک جي ذريعي نه.”
اڄ، مان سوچيان ٿو ته ڇا آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) ان نازڪ توازن کي بگاڙي رهي آهي؟
شايد اسان جي نسل لاءِ خبرداري اها هجڻ گهرجي: اسان تڏهن دوکو کائيندا آهيون، جڏهن اسان AI سان ڏسندا آهيون ۽ AI جي ذريعي ناهيون ڏسندا، ان ۾ هڪ اهم فرق آهي.
ٽيڪنالاجي هميشه انسان کي پري تائين ڏسڻ ۾ مدد ڪئي آهي: ٽيليسڪوپ اسان جي اکين کي وڌايو، ٽيليفون اسان جي آواز کي پري پهچايو ۽ ڪمپيوٽر اسان جي حساب ڪتاب، تنظيم ۽ يادداشت کي وسعت ڏني. ٽيڪنالاجي دنيا کي اهڙي طرح ترتيب ڏيڻ جو نالو آهي جيئن اسان کي ان جو سڌو سنئون تجربو نه ڪرڻو پوي، پر AI مختلف آهي. اهو صرف انساني صلاحيتن کي نٿو وڌائي، بلڪه اهو اسان جي تجربن جي تشريح به ڪري ٿو. اسان کانئس پڇون ٿا ته ڪنهن شيءِ جو ڇا مطلب آهي، اسان کي ڇا سوچڻ گهرجي ۽ اسان کي ڪيئن رد عمل ڏيڻ گهرجي. وڌيڪ کان وڌيڪ ماڻهو AI کان پنهنجن رشتن، خوفن، اڪيلائي، ڪيريئر، ۽ ذاتي الجهن بابت پڇي رهيا آهن، اهي گفتگو جيڪي ڪڏهن مڙس، زال، دوستن، نفسيياتي ماهرن، روحاني رهبرن، يا پنهنجي اندر جي ذاتي گفتگو (خود احتسابي) تائين محدود هونديون هيون. اهو هاڻي صرف هڪ فرضي علم ناهي رهيو.
2025ع جي هڪ قومي سروي مان خبر پئي ته نوجوان واپرائيندڙن مان هڪ ٻهائيءَ اهڙن معاملن لاءِ انسانن بدران AI ساٿيءَ جو چونڊ ڪيو. جڏهن ته هڪ ٻهائيءَ کان وڌيڪ نوجوانن پنهنجي احساسن ۽ ذاتي مسئلن تي AI سان گفتگو ڪئي. انهن مان چوٿين پتيءَ جو چوڻ هو ته AI کين عام ماڻهن کان وڌيڪ بهتر سمجهي ٿو. شايد اسان کي اهي سوال پڇڻ بند ڪرڻ گهرجن ته ڇا ماڻهو مشينن سان باهمي رشتا ٺاهيندا؟ اهي اڳ ۾ ئي ٺاهي چڪا آهن. اصل ڏکيو سوال ئي اهو آهي ته انهن انساني رشتن ۽ خود مختيار روحاني عملن جو ڇا ٿيندو جنهن جي جڳهه اهي مشيني گفتگو وٺي رهيون آهن؟ اهي انگ اکر ان رفتار ۽ رفتار جي رخ کي ظاهر ڪن ٿا، پر اهي اڃان تائين شادي جين شريڪِ حيات، نفسيياتي ماهرن يا مذهبي پيشوائن جي سڌي مٽسٽا جو ثبوت ناهن، پر اهي هڪ واضح خبرداري پيش ڪن ٿا ته انسانيت ڪيڏانهن وڃي رهي آهي.
ان جا بيحد فائدا به آهن AI تخليقڪاريءَ ۾ مدد ڪري ٿو، پر اها تخليق ڪنهن جي آهي؟ ۽ ان جا روحاني توڙي جذباتي فائدا ڪنهن کي ملي رهيا آهن؟ اهو سوال ڏينهن به ڏينهن حيران ڪندڙ ٿيندو پيو وڃي. جڏهن مان لکان ٿو، شو ڪمپيوٽر ان قلم وانگر ڪم ڪري ٿو جنهن سان مان لکندو هئس؟ يا اهو هاڻي منهنجي سوچ جي تشڪيل ۾ هڪ ڀائيوار بڻجي چڪو آهي؟ ڇا مان پنهنجو اظهار ڪري رهيو آهيان يا مان پنهنجي ۽ مشين جي گڏيل تخليق جو حصو آهيان؟ ۽ ڇا ان فرق سان ڪو فرق پوي ٿو؟ منهنجو مڃڻ آهي ته ها، پوي ٿو.
انسانيت تان دستبردار نه ٿيڻ: روائت مذهبي دعا/عبادت (Prayer) کي سمجهڻ جو هڪ دلچسپ طريقو پيش ڪري ٿي. “دعا ڪرڻ” جو عمل خود ذاتي (Reflexive) هوندو آهي. ان ڪري، دعا جو مطلب صرف حالتن کي بدلائڻ لاءِ خدا کان پڇڻ ناهي؛ پر ان جو مقصد دعا ڪندڙ انسان کي اندروني طور بدلائڻ به آهي. اسان پنهنجي آسپاس جي شور کان پري ٿيون ٿا. اسان پنهنجن خوفن، خواهشن، شڪرگذاري، ڪمزورين ۽ پاڻ کان وڏي سگهه تي پنهنجي منحصر هجڻ جو اعتراف ڪريون ٿا. دعا جو ظاهري طور تي غير فائديمند يا سست عمل هجڻ ئي ان جو اصل مقصد آهي. ڇا ٿيندو جيڪڏهن مان AI کي چوان ته اهو ڪم منهنجي لاءِ ڪري؟ اهو سوال غير منطقي لڳي ٿو. ظاهر آهي ڪوبه ماڻهو گهر جهڙي عبادتي جڳهه تي پنهنجي بدلي دعا لاءِ AI ايجنٽ نه موڪليندو، پر سوچيو ته ڪيئن ٻيون عجيب لڳندڙ شيون تيزيءَ سان عام ٿي رهيون آهن. هڪ ڪلاڪ جي ليڪچر ۾ وڃڻ جي ڇا ضرورت آهي جڏهن منهنجو AI ايجنٽ ان کي جذب ڪري رڳو 3 منٽن ۾ اهم نقطا ٻڌائي سگهي ٿو؟ جڏهن AI ان جي دليل سمجهائي سگهي ٿو ته ڪنهن مشڪل ڪتاب کي پڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ جڏهن مشين اها خبر ڏئي سگهي ٿي ته لکندڙ جي مراد ڇا هئي ته پوءِ خود سوچڻ جي ڪهڙي ضرورت؟
۽ آخرڪار: اسان کي پنهنجي ذات سان جهيڙڻ يا اندروني جنگ ڪرڻ جي ڇا ضرورت آهي؟ اصل خطرو اهو ئي ٿي سگهي ٿو.
مسئلو اهو ناهي ته AI انسان بڻجي ويندو. مسئلو اهو آهي ته انسان آهستي آهستي اهي تجربا ڇڏي ڏيندا جن جي ذريعي اهي “انسان” بڻبا آهن. سڀ کان وڌيڪ عام خوف AI جي تباهي (Apocalypse) جو آهي، پر اسان کي “ان ڳالهه تي يقين آهي ته انسانيت پنهنجي انسانيت تان هٿ نه کڻندي.”
ان جملي تي سوچيو ته اهو ڪيئن تبديل ٿي رهيو آهي. اسان جي سڀني انٽيليجنس سسٽم، الگورٿم، اڳڪٿي ڪندڙ ماڊلز ۽ غير معمولي ٽيڪنالاجيز جي باوجود، تهذيب کي محفوظ رکڻ جو آخري هٿيار اها شئي هئي جنهن جي گارنٽي ڪو ڪمپيوٽر نٿو ڏئي سگهي: انساني فهم، ضبط ۽ پنهنجي عملن جي نتيجن جي سمجهه. انسانيت ئي انسانيت جي حفاظت ڪري ٿي، پر جڏهن ڳالهه اسان جي روحن ۽ ان شيءِ جي حفاظت جي اچي ٿي جيڪا اسان کي انسان بڻائي ٿي، ڇا اسان اوترا ئي متفڪر آهيون؟ اسان ان ڪري جديد يافته آهيون جو اسان حدن کي مڃڻ کان انڪار ڪريون ٿا. اسان پاڻ کان پڇون ٿا ته شين کي وڌيڪ تيز، هوشيار، ۽ ڪارگر ڪيئن بڻائي سگهجي ٿو.
پر انسان هميشه هڪ ٻيو سوال به پڇندو آيو آهي: ڇا اسان جي زندگيءَ جي هر پلوءِ جو وڌيڪ هوشيار، تيز، ۽ ڪارگر هجڻ ضروري آهي؟ اسان جون روايتون دانسته طور تي اهڙن تجربن کي محفوظ رکن ٿيون جيڪي سست ۽ غير منافعي بخش آهن. اسان جون مقدس موڪلون حاصل ڪيل پيداوار کي روڪين ٿيون. دعا روزاني جي ڪم کي معطل ڪري ٿي. مطالعي لاءِ رڳو جواب حاصل ڪرڻ بدران بحث جي ضرورت هوندي آهي. شايد هتي اهڙي دانيش (Wisdom) موجود آهي جيڪا وڌيڪ لاڳاپيل ٿيندي پئي وڃي..AI جي ان دور ۾ اسان جي خواهش رڳو اها نه هجڻ گهرجي ته بهتر ٽيڪنالاجي بڻايون. شايد اسان جو اصل بصيرت ان ڳالهه تي زور ڏيڻ هجڻ گهرجي ته ٽيڪنالاجي انساني مقصدن جي تابع رهي.AI کي اسان جي سوچڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي، پر اسان کان سوچڻ جو حق نه ڇڪڻ گهرجي. ان کي اسان جي تخليق ۾ مدد ڪرڻ گهرجي، پر اسان کي ان ڳالهه کان لاپرواهه نه ڪرڻ گهرجي ته تخليق ڪندڙ ڪير آهي. اهو دعا جي بنيادن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو، پر اهو اسان جي بدلي دعا نٿو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته دعا جو مقصد رڳو ادا ڪيل لفظ ناهن، پر اهو تبديليءَ جو عمل آهي جيڪو انهن لفظن کي ادا ڪندڙ انسان جي اندر رونما ٿئي ٿو. وليم بليڪ ريتيءَ جي ذري ۾ دنيا کي ڏٺو. اسان جي آڏو چئلينج اهو ناهي ته ڇا AI بالآخر اها پوري وضاحت پيش ڪري سگهندو ته بليڪ جو ڇا مطلب هو. اهو يقينن ائين ڪري وٺندو. اصل چئلينج اهو آهي ته، ان تحريري تشريح کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ به، ڇا اسان وٽ اڃان ايترو وقت هوندو جو اسان بيهي، پنهنجي هٿن سان ريتيءَ جو اهو ذرو کڻي سگهون؟ ۽ ان جي اندر موجود دنيا کي ڏسي سگهون؟
(يروشلم پوسٽ تان ڪاپي ٿيل)
هي مضمون ڪيئن رهيو؟