مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

احمد سومري جو لطيفي مونوگراف: “شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس” هڪ نظر

Dr Parveen Moosa Memon محقق، نقاد، لطيف شناس، ٻالڪ ادب لکندڙ، ڪهاڻيڪارا، مترجم

پي.ايڇ.ڊي (سنڌي)، رٽائرڊ پروفيسر، 39 ڪتابن جي ليکڪه، 23 ايوارڊ حاصل ڪندڙ، 6 اڪيڊمڪ ڪتاب ۽ ڪامپيٽيٽو ايگزامس لاءِ لکيل ڪتابن جي مصنفه.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڊاڪٽر احمد سومري 6 ڊسمبر 1982ع تي محمد عمر سومري جي گهر ٺارو شاهه ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڪراچيءَ جي مهراڻ ايجوڪيشنل فائونڊيشن اسڪول مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ سنڌ ماڊل اسڪول ۽ انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ گلشن ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪرڻ بعد هُن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان ايم اي ۽ پوءِ پي ايڇ ڊي جي ڊگري 2017ع ۾ “سومرا دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو تحقيقي جائزو” عنوان سان مڪمل ڪئي. ڊاڪٽر نواز علي شوق جي رهبريءَ ۾ سندس تحقيقي ڪم مڪمل ٿيو. ڊاڪٽر احمد ايم اي سنڌيءَ جي فائنل ايئر ۾ لطيف سرڪار جي حوالي سان هڪ مونوگراف بعنوان “شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس” ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۾ 2007ع ۾ لکيو هو، جو 2021ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز شايع ڪيو. ان کانسواءِ سندس ڏهاڪو کن ريسرچ پيپرز، ڪارونجهر، ڪلاچي ۽ ٻين HEC جي منظور شده جرنلز ۾ ڇپجي چڪا آهن، جيئن “سومرا دور ۾ سنڌي شاعري”، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رومانويت جو فڪري پس منظر”، “تحقيقي مقالي ۾ حوالا ڏيڻ جا طريقا”، “شاهه لطيف جو تنقيدي شعور”، “شاهه لطيف جي تحليل نفسي”، “شاهه جي تخليقي قوت ۽ ڪيفيت”، “ادب جي نفسياتي تنقيد” ۽ ٻيا موضوع آهن. احمد سومرو 2014ع ۾ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿيو ۽ تدريسي خدمتون نڀائيندي گڏوگڏ تحقيقي ڪم پڻ ڪري رهيو آهي. ان کانسواءِ هُن پاڪ ٽرانسليشن اداري سان گڏجي سنڌي ٻوليءَ جي مشيني ترجمي واري منصوبي تي ڪم ڪيو، سنڌي فونٽس ۾ “MB Sindhi Sahat” ۽ “MB Ahmed Soomro” تيار ڪيا، سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ هُن جو ڪم مڃڻ جوڳو آهي. هو انسائيڪلو پيڊيا پراجيڪٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچر آهي.
شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس: (تنقيد جي نفسياتي اصولن موجب شاهه لطيف جي شخصيت ۽ شاعريءَ جو اڀياس) ايم اي ۾ لکيل مونوگراف ڪتابي صورت ۾ 239 صفحن ۽ چار بابن تي مشتمل آهي، جنهن جي فهرست هيٺين ريت آهي. پهريون باب علم نفسيات ۽ نفسياتي تنقيد، علم نفسيات، نفسيات جي وصف، نفسياتي تنقيد/اڀياس، تخليقي فن (ادب) جي نفسياتي اڀياس جو مقصد، سگمنڊ فرائيڊ، فرائيڊ جا نظريا، تحليل نفسي، لاشعور، شعور، تحت الشعور، شخصيت جا جزا، اڊ، انا، فوق، ايڊپس مونجهارو، نرگسيت، نرگيست جي نفسياتي سمجهاڻي، نرگسيت جي تخليقي عمل سان وابسته سمجهاڻي، ڪارل گستا و جنگ، جنگ جا نظريا، لاشعور جو نظريو، ذاتي شعور، اجتماعي شعور، شخصيت جا مختلف عنصر يا نقش، روپ، پاڇولو، اساسي نقش، الفريڊ ايڊلر، ايڊلر جا نظريا، احساس ڪمتري، ڪجهه وڌيڪ نفسياتي ادبي اصطلاحن جون سمجهاڻيون، تخليقي لاشعور: ڊاڪٽر هانس شانس، تخليقڪار جي مريضاڻي شخصيت: ايڊمنڊ ولسن، شعوري وهڪرو. باب ٻيو: شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس، شاهه لطيف جي مختصر سوانح عمري الف کان اڳتي نه پڙهڻ، چيچ جهلي عشق ۾ گرفتار ٿيڻ، سير سفر ڪرڻ، شاهه لطيف جا ازدواجي تعلقات، اولاد کي پاراتو ڏيڻ، ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موسيقيءَ سان گهڻو لڳاءُ، شاهه لطيف جي نفسياتي رجحانن، لاڙن ۽ تصورن جي سندس شاعريءَ ذريعي پروڙ، شاهه لطيف جي شخصيت ۽ ايڊيپس مونجهارو، شاهه لطيف جي مزاج ۾ بي چيني ۽ اداسي، شاهه لطيف جي تخليقي ڪيفيت ۽ قوت، شاهه لطيف جا تصور، شاهه جو عشق بابت نظريو/تصور، شاهه لطيف جو ادب بابت تصور، شاهه لطيف جو موت بابت تصور، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو نفسياتي اڀياس، شاهه جو تنقيدي شعور بابت هن باب ۾، تنقيد ۽ تنقيدي شعور، شاهه جو تنقيدي شعور، شاعريءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو انتخاب، پنهنجي ڌرتيءَ جي ڪردارن جو استعمال، شاعريءَ جو ڏيهي فن، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رومانويت، رومانويت جو نفسيات سان تعلق، تخيل، جذبات نگاري، انفراديت، عوامي/سادي ٻولي، فطرت جي عڪاسي، شاهه جي شاعريءَ ۾ نرگسيت، ادب (شاعري/نثر) ۾، خودداريءَ جو اظهار، خود پسندي جو اظهار، محبوبيت جي جذبي جو اظهار، تخليقي صلاحيت جو اظهار، تصوريت، دنيا کان ڪناري ڪشي اختيار ڪرڻ/دنيا تياڳڻ، لطيف کان ڀٽائيءَ تائين جو سفر، فڪر جي گهرائي، مشاهدي ۽ اڀياس جي سگهه ۽ شوق، تنقيدي شعور، تخيلاتي سگهه، فن تي مهارت، ٻوليءَ تي مهارت، موروثي اثر، چوٿون ۽ آخري باب لطيف سرڪار جي رسالي ۾ آيل اهم ڪردارن جي نفسياتي اڀياس تي مشتمل آهي، جنهن ۾ مارئي، عمر، سسئي، پنهون، سهڻي، مومل، راڻو، ليلا/ليلان، راءِ ڏياچ، ٻيجل، نوري، ڄام تماچي، ذڪر ڪيل آهن، هر باب جي آخر ۾ حوالا آهن، آخر ۾ مڪمل نتيجا ۽ ببليوگرافي هن مقالي جي ڇپائيءَ ۾ آيل نه آهن.
ڪتاب جي تفصيلي فهرست مٿي ڏني وئي آهي، جنهن مان پڙهندڙن کي موضوع سان واقفيت ضرور ٿي هوندي وڌيڪ چند حوالا موضوع کي سمجهائڻ لاءِ هيٺ ڏجن ٿا. ڊاڪٽر سليم اختر جي ڪتاب “تين بڙي نفسياتدان” جي حوالي سان محقق لکي ٿو ته، “اجتماعي لاشعور جي ٺهڻ ۾ صدين جو تجرباتي مواد حصو وٺندو آهي، ان ڪري پنهنجي ماهيت جي لحاظ کان ان ۾ نه صرف گهرائي هوندي آهي بلڪه وسعت پڻ هوندي آهي.” (ص- 73)
نفسيات جي هڪ منفرد موضوع جنهن تي اڳ ڪڏهن به ڪم نه ٿيو هو کي ڊاڪٽر احمد وسيع تناظر ۾ کولي بيان ڪيو آهي، نفسيات جي جديد اصولن کي بيان ڪندڙ عالمي نفسياتدانن جي نظرين جي روشنيءَ ۾ موضوع جي اوک ڊوک ڪئي وئي آهي. اٽڪل پنجاهه صفحن تي ٻڌل پهرئين باب ۾ هُن نفسيات جي اصطلاحن جي سنڌيءَ ۾ تشريح ڪندي ان جي تناظر ۾ لطيف سائينءَ جي رسالي جي پرک ڪئي آهي.
”شاهه صاحب وٽ نفسي بيچيني ۽ ڊپريشن مختلف صورتن ۾ سندس زندگيءَ جي مختلف مرحلن تي ملي ٿي. 1. انفرادي نوعيت، 2. اجتماعي نوعيت شاهه صاحب وٽ بيچيني ننڍي وهيءَ کان موجود هئي، جيڪا پنهنجي نوعيت ۾ فطري ۽ موروثي هئي.” (ص- 98)
ڊاڪٽر سومري هن ڏس ۾ سر حُسيني، سر سهڻي ۽ سر بروو سنڌيءَ جا بيت سر جي تان سور، سامائي تان سک ويا، هوءَ جي سور سڄن، سي مون پينگهي ۾ پرايا، کامان پڄان، پڄران، لڇان ۽ لوچان ۽ ٻيا ڏيئي دليلن سان واضح ڪيو آهي ته، “لطيف جي اها اندروني بيچيني تخريبي نه، پر تعميري صورت ۾ رهي، سندس اها تعميري بي چيني اڄ اسان وٽ شاهه جي رسالي جي صورت ۾ موجود آهي.” اهو پڻ واضح ڪيو اٿس ته شاهه جڏهن چوي ٿو ته ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو يا نه سي ووڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون، تڏهن هو اجتماعي نوعيت جي بيچيني ۽ ڊپريشن جي نفسياتي ڪيفيتن ۾ وڪوڙيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سندس نظر سنڌ جي غير پسنديده حالتن تي آهي، جنهن ۾ هو سماجي انتشار ڏسي ٿو، وطن ڪوڙن جي حوالي ٿيندو ڏسي سندس دل تار تار ٿئي ٿي، ويران بازارون زراعت جي تباهي ۽ ملڪ جون معاشي حالتون اڻ وڻندڙ صورتحال کيس نهوڙي پئي. لطيف کان ڀٽائيءَ تائين جو سفر ۾ ڊاڪٽر سومري لطيف سرڪار جي شاعريءَ جي بياني سگهه جي اعليٰ درجي کي فڪر جي گهرائي، تنقيدي شعور، فن جي مهارت، موروثي اثر، مشاهدي جي سگهه ۽ شوق سان گڏ تخيلاتي قوت ۽ ٻوليءَ تي مهارت جي حوالي سان پرکيو آهي جن سڀني تي الڳ الڳ تحقيقي ڪم ٿي سگهي ٿو، هڪ ننڍي ڪتاب ۾ ايترن سارن نقطن کي مختصرن، پر سهڻائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي.
جيئن ته هيءُ ڪتاب ايم اي جو مونوگراف آهي، انهيءَ ڪري ان کي اسڪالر طويل ڪري نٿي سگهيو، پنهنجي موضوع سان هُن نڀائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي ڪتاب ۾ شاهه لطيف جا عشق، ادب ۽ موت باب تصور ڏنل آهن، پر انهيءَ ۾ جي لطيف جو زندگيءَ بابت تصور هجي ها ته بهتر هو جو لطيف ته آهي ئي زندگيءَ جو شاعر، لطيف هميشه مايوسيءَ ۽ نااميديءَ کي پليندي جيون جيئڻ جي جوت جاڳائي آهي.
ڊاڪٽر احمد سومري جو بين الاقوامي تنقيد جي نفسياتي اصولن موجب شاهه لطيف جي شخصيت ۽ شاعريءَ بابت ڇپيل مونوگراف “شاهه لطيف جو نفسياتي اڀياس” موضوع ۽ مواد جي حوالي سان هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي، لطيفي تحقيق ۾ انهيءَ جي اهميت قائم رهندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو