ڪراچي يونيورسٽي واقعي کانپوءِ سنڌ حڪومت کي شفاف جاچ ڪرائي ان معاملي جي تهه تائين پهچڻ جي ضرورت آهي
Dr Nazir Ahmed Abro محقق، تعليمدان، ليکڪ
پي ايڇ ڊي ماڪڙ جي حياتياتي ڪنٽرول بيجنگ چين مان. پيسٽيسائيڊ جي نقصانن تي تحقيق ڪندڙ. سامي فائونڊيشن عمرڪوٽ ۾ پروجيڪٽ مينيجر.
ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌي شعبي جي شاگردن ۽ مانائتن استادن تي جماعت اسلامي جي شاگردن پاران مبينا وحشياڻو حملو رڳو هڪ کليل دهشتگردي ۽ غنڊه گردي ناهي، پر اهو اسان جي اعليٰ تعليمي ادارن جي سيني تي هڪ اهڙو گهرو زخم آهي، جيڪو تيزيءَ سان ناسور بڻجندو پيو وڃي. سنڌ جي سڀ کان وڏي ۽ تاريخي يونيورسٽي جي اندر، جتي قلم، ڪتاب، دليل، منطق ۽ فڪري آزاديءَ جي روشني هجڻ گهرجي، اتي لٺيون، گاريون، تشدد ۽ خوف جو ننگو ناچ اسان جي سڄي علمي، سماجي ۽ سياسي شعور لاءِ هڪ تمام وڏو سواليه نشان آهي. هي واقعو رڳو ٻن شاگرد گروپن جي معمولي جهيڙو ناهي، پر هي هڪ مخصوص، فاشسٽ ۽ انتهاپسند سوچ جو اظهار آهي، جيڪا علم جي روشنيءَ کي اوندهه ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿي. واقعي جا جيڪي تفصيل ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي سامهون آيا آهن، اهي انتهائي افسوسناڪ، دل ڏکوئيندڙ ۽ شرمناڪ آهن. سنڌي شعبي جي ڪلاسن ۽ ڪاريڊورن ۾ داخل ٿي پرامن شاگردن کي بي رحميءَ سان مارڻ، کين رت ۾ لت پت ڪرڻ ۽ جڏهن شعبي جا معزز استاد هن وحشت کي روڪڻ ۽ شاگردن کي بچائڻ لاءِ وچ ۾ پيا ته انهن سان پڻ بدتميزي ڪرڻ ۽ کين تشدد جو نشانو بڻائڻ ڪنهن به تهذيب يافته سماج ۾ تصور به نٿو ڪري سگهجي. استاد، جيڪي سماج جا هادي، رهبر ۽ روحاني ابو امان هوندا آهن، انهن تي هٿ کڻڻ سڌي سنئين سماجي بي حيائي، اخلاقي ڏيوالپڻي ۽ علم جي توهين جي آخري حد آهي. جيڪڏهن اڄ اسان جون درسگاهون ۽ اتي موجود استاد پڻ محفوظ ناهن، ته پوءِ اسان ڪهڙي ترقي يافته ۽ پرامن سماج جو خواب ڏسي رهيا آهيون؟ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخرڪار ڪراچي يونيورسٽي جهڙي عظيم درسگاهه کي ڪيستائين مخصوص انتهاپسند سوچ هٿان يرغمال بڻائي رکيو ويندو؟ ماضيءَ جي تاريخ گواهه آهي ته اهڙا ڪيترائي واقعا پيش آيا آهن، جتي مخصوص مذهبي يا سياسي ٽولن پاران سنڌ جي مختلف ٻهراڙين ۽ علائقن مان آيل سادن سودن، غريب ۽ پرامن شاگردن جو جيئڻ حرام ڪيو ويو آهي. جڏهن به يونيورسٽي جي اندر ڪو ثقافتي پروگرام ٿيندو آهي، هوليءَ جو ڏهاڙو هوندو آهي يا سنڌي شاگرد پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ اجرڪ ٽوپي جو ڏهاڙو ملهائيندا آهن ته خبر ناهي ته هن مخصوص تنظيم جي پيٽ ۾ وٽ پوڻ ڇو شروع ٿي ويندا آهن؟ ڇا ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ناهي؟ ڇو سنڌي ٻوليءَ جو شعبو پنهنجي ئي صوبي جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي ۾ محفوظ ناهي؟ اها ڪهڙي ذهنيت آهي جيڪا سنڌ جي ڌرتيءَ تي رهي، سنڌ جو اَن کائي، سنڌ جي ئي ٻولي ۽ ثقافت سان نفرت ڪري ٿي؟
هن سڄي معاملي ۾ يونيورسٽي انتظاميا ۽ سيڪيورٽي جو ڪردار هميشه وانگر هڪ تماشائيءَ وارو رهيو، جيڪو ٻنهي جي ڪردار کي مشڪوڪ بڻائي ٿو. ڪيمپس تي رينجرز ۽ پوليس جي وڏي نفري ۽ چوڪيون هجڻ جي باوجود، هٿياربند ۽ لٺ بردار غنڊه گرد عناصر ڪيئن آسانيءَ سان هڪ شعبي ۾ داخل ٿين ٿا، وحشت ۽ دهشت پکيڙين ٿا، استادن ۽ شاگردن کي رت ۾ ڳاڙهو ڪن ٿا ۽ آرام سان نڪري وڃن ٿا؟ ڇا يونيورسٽيءَ جي سيڪيورٽي رڳو غريب شاگردن جا ڪارڊ چيڪ ڪرڻ لاءِ رکي وئي آهي؟ اها انتظاميا جي نااهلي ۽ چشم پوشي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ائين ٿو لڳي ته يونيورسٽي انتظاميا هن مخصوص تنظيم جي غنڊه گردي اڳيان مڪمل طور بيوس ۽ هٿيار ڦٽا ڪري چڪي آهي يا وري کين سياسي دٻاءُ تحت کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي. اها خوش آئند ڳالهه آهي ته سنڌ حڪومت پاران واقعي جو نوٽيس وٺندي هڪ 5 رڪني اعليٰ سطحي تحقيقاتي ڪميٽي جوڙي وئي آهي ۽ موبينا ٽائون پوليس ڪجهه ڏوهارين کي حراست ۾ پڻ ورتو آهي، پر اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته رڳو ڪميٽيون جوڙڻ ۽ روايتي بيان بازي سان هي پراڻو مسئلو حل نه ٿيندو. ماضيءَ ۾ به اهڙن واقعن تي ڪيتريون ئي ڪميٽيون بڻيون، پر انهن جون رپورٽون ڪڏهن به ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي تائين پهچائي نه سگهيون ۽ نتيجو زيرو نڪتو. جيڪڏهن هن ڀيري به مصلحت پسندي کان ڪم ورتو ويو، سياسي دٻاءُ اڳيان گوڏا ٽيڪيا ويا ۽ ڏوهارين کي پٺڀرائي جي بنياد تي معافي ڏني وئي، ته پوءِ يونيورسٽي ڪيمپس مان تشدد ۽ دهشت جو هي سلسلو ڪڏهن به ختم نه ٿي سگهندو. جڏهن ڪئمپسن اندر شاگردن جي سياست جي اجازت ناهي ته پوءِ هن دهشتگرد گروهه کي اها همت آخر ڪٿان ملي رهي آهي جو اهي سنڌي شاگردن مٿان هڪ سياسي پارٽي بڻجي هٿياربند ٿي حملو ڪري سگهن. ان سڄي وارتا جي شفاف طريقي سان جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ هن جا پيرا ڪيڏانهن ٿا وڃن انهن ذميدارن تائين پهچڻ گهرجي. هاڻي پاڻي مٿي کان لنگهي چڪو آهي ۽ وقت اچي ويو آهي ته سنڌ حڪومت، يونيورسٽي انتظاميا، سنڌ جا سمورا دانشور، اديب، سياستدان ۽ سول سوسائٽي گڏجي هن فاشسٽ سوچ جو رستو روڪڻ لاءِ ڪا مضبوط حڪمت عملي جوڙين. سنڌي شعبي جي شاگردن ۽ استادن تي حملو ڪندڙن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن، کين فوري طور تي يونيورسٽي مان تاحيات خارج ڪيو وڃي ۽ مٿن ڪئمپس ۾ داخل ٿيڻ تي سخت پابندي لڳائي وڃي. جيستائين ايئن نه ڪيو ويندو تيستائين هي سلسلو ڪڏهن به ختم ٿي نٿو سگهي. اسان پنهنجن تعليمي ادارن کي مذهبي يا سياسي انتهاپسندي جي آڙ ۾ غنڊه گرديءَ جو اڏو بڻجڻ نٿا ڏئي سگهون. قلم ۽ ڪتاب جي حرمت جو تحفظ هر حال ۾ يقيني بڻائڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اسان جو مستقبل اونداهو ٿي ويندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟