اتھاس کي آڱوٺو: هند ۽ سنڌ جي تاريخي حيثيت کان انڪار ۽ “آدجڳادي پاڪستان” واري چُڪَ
ڪجهه ماڻهو تاريخ کي کارڻ ۾ ڀڙ آھن. نئين صوبن جي قيام، خاص طور تي سنڌ جي تاريخي وحدت کي ٽڪرا ڪرڻ بابت جاري بحثن ۾ ڌرين وٽ سنجيدگيءَ جو عنصر گھٽ نظر اچي ٿو، جيتري ملڪ ۾ جمهوريت ۽ حب الوطنيءَ جهڙا قدر. انهن بحثن جي پٺيان هڪ منظم “تاريخي چرچو يا ڀوڳ” ڪن ليکي “فلسفو” موجود آھي. هڪ طرف صدين کان قائم حقيقي تاريخي ۽ جاگرافيائي ايڪن، خاص طور سنڌ جي وجود، حدن ۽ تاريخي سڃاڻپ کان انڪار پيو ڪيو وڃي. ٻئي پاسي هڪ اهڙي عجيب و غريب دعويٰ سامھون آڻجي ٿي ته پاڪستان 1947ع ۾ قائم ٿيندڙ جديد رياست نه، بلڪه اهڙو قديم وجود آهي، جيڪو ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جي آمد، خاص طور تي محمد بن قاسم جي مھم سان گڏ وجود ۾ آيو. اهڙي سياسي حرفت ۾ سنڌ کي ڪڏهن “باب الاسلام” چئي پڏائجي ٿو ۽ ان جي سر زمين کي صوفين جي زمين وارو ڏٽو ڏجي ٿو ته ڪٿي وري سياسي مفادن، اقتدار جي ورهاست ۽ صوبائي حدن ۾ تبديليءَ جون خواهشون اڳيان اچن ٿيون، اتي سنڌ جي تاريخي وجود کي اڻ لاڳاپيل قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ون يونٽ، پيرٽي وارو فارمولو ۽ موجوده دور جا مختلف انتظامي ۽ سياسي شوشا ان فڪري ناانصافيءَ جا مثال آهن. ان تضاد کي مون هڪ فيس بُڪ پوسٽ ذريعي هن طرح بيان ڪيو آهي: “هندوستان ۽ سنڌ ڪڏهن به هڪ ملڪ نه هئا ۽ پاڪستان اھو آهي جنهن بابت شاعر چوي ٿو: “اسين آدم کون اڳي هئاسين.” جيڪو فڪري ۽ سياسي تضاد کي وائکو ڪري ٿو. جيڪو پاڪستان جي درٻاري ۽ درسي بيانيي ۾ مختلف نظر ايندو رهيو آهي. هندوستان ۽ سنڌ جهڙن خطن جي هزارين سال پراڻي، دستاويزي، واپاري ۽ ثقافتي تاريخ کي قلم جي ٿيڙ سان غير حقيقي يا صرف “راڄن قبيلن جو ميڙ” قرار ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته آڱرين تي ڳڻڻ جيڏن ڏهاڪن ۾ وجود ۾ آيل رياست کي سنڌو تهذيب جي قديم تهذيب يا اٺين صديءَ جي محمد بن قاسم جي لشڪري ڪاھ سان سلھاڙي هڪ “ازلي” وجود ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. تاريخ ۽ سياسيات جي نقطهءِ نظر کان اهائي بنيادي زماني چُڪ آهي. 712ع ۾ نه جديد قومي رياست جو اهو تصور موجود هو جيڪو اڄ رائج آهي، نه جديد طرز جون بين الاقوامي سرحدون، پاسپورٽ، آئيني شهريت ۽ رياستي خود مختياريءَ جا ھاڻوڪا تصور هئا. تنهنڪري اٺين صديءَ جي سياسي ۽ جنگي واقعن کي سڌو سنئون ويهين صديءَ جي هڪ جديد قومي رياست جي قيام سان جوڙڻ تاريخي تصورن کي انهن جي پنهنجي زماني مان ڪڍي بعد جي زماني تي لاڳو ڪرڻ برابر آهي. اهو غير سائنسي بيانيو اوچتو بھ وجود ۾ ڪونھي آيو، بلڪه ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين نصابي ڪتابن، تاريخي تحريرن ۽ ثقافتي ميڊيا ذريعي مختلف صورتن ۾ پلجندو رهيو آهي. مثال طور: مطالعه پاڪستان جي فڪري ماخذن ۾ شمار ٿيڻ جوڳي هڪ مشهور ڪتاب نقوشِ سليماني ۾ علامه سليمان ندوي ننڍي کنڊ جي سياسي وحدت بابت هڪ مخصوص تاريخي تعبير پيش ڪري ٿو: “هندوستان ۾ وحدت جو خيال… مسلمانن جي آمد کان اڳ هندوستان ننڍن ننڍن بي شمار ملڪن ۽ رياستن جو هڪ اهڙو مجموعو هو جنهن کي ڪنهن به حيثيت سان هڪ ملڪ نٿي چئي سگهجيو…” اهڙي تحرير ۾ ھو مسلمانن جي سوڀن ۽ مختلف علائقن کي هڪ وسيع سياسي اقتدار هيٺ آڻڻ کي ننڍي کنڊ جي وحدت جي تناظر ۾ بيان ڪري ٿو. اهڙي طرح پاڪستان ٽيليويزن جي ڪلاسيڪل ڊرامي “تعبير” (مصنف: سليم احمد) جي هڪ مشھور مڪالمي ۾ اهو تاثر ڏنو ويو ته: “هندوستان ڪڏهن هڪ ملڪ هو ئي نه!” اهڙا اقتباس ۽ بيانيا ان ڳالهه جو مثال آهن ته ڪيئن هڪ مخصوص تاريخي تعبير ۾ قديم سياسي ۽ تهذيبي ايڪن کي “انتشار” ۽ بعد جي فتوحات کي “وحدت” جي تصور سان جوڙيو ويندو رهيو آهي. مسئلو اهو ناهي ته قديم هندوستان يا سنڌ ۾ سياسي وحدت هميشه قائم رهي؛ مسئلو اهو آهي ته ماضيءَ جي سياسي پيچيدگيءَ کي جديد قومي رياست جي ماپن ماڻن سان ماپي پوري تاريخي حقيقت کي هڪدم رد ڪيو وڃي. جيڪڏھن تاريخ ۽ سياسيات جي بين الاقوامي اصولن جي روشنيءَ ۾ انهن دعوائن جو سنجيده ڇيد ڪبو ته اها حقيقت سامھون اچي ٿي ته قديم دور ۾ “ملڪ”، “سلطنت”، “رياست” ۽ “قوم” جا تصور اڄوڪي جديد قومي رياستي نظام کان مختلف هئا. 1648ع جي ‘ويسٽ فيليا وارن ٺاھن’ کي عام طور جديد بين الاقوامي رياستي نظام جي تاريخ ۾ هڪ اهم پيڙهه جو پٿر ليکجي ٿو، جيتوڻيڪ جديد خود مختار رياست جو تصور صرف ان معاهدي سان هڪدم وجود ۾ نه آيو هو. اهو هڪ طويل سياسي ۽ تاريخي ارتقا جو نتيجو هو. بعد جي جديد رياستي نظام ۾ متعين علائقو، رياستي خود مختياري، بين الاقوامي سڃاڻپ ۽ مرڪزي انتظام جهڙا تصور وڌيڪ واضح ٿيا. تڏھن بھ اهو چوڻ درست نھ آھي ته 1648ع ۾ هڪ ئي معاهدي ذريعي دنيا ۾ موجوده قومي رياست، آئيني شهريت ۽ برابر شهري حقن جو مڪمل نظام قائم ٿي ويو هو. بلڪه ويسٽ فيليا کان گهڻو اڳ دنيا جي مختلف علائقن يورپ، چين، فارس ۽ ننڍي کنڊ ۾ پڻ رياستون، سلطنتون، شهري رياستون، تهذيبي ۽ جاگرافيائي ايڪا موجود ھئا. انهن جون سرحدون اڄ جي قومي رياستن وانگر هميشه حتمي ۽ مستقل نه هونديون هيون، پر ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته انهن جو ڪو سياسي يا جاگرافيائي وجود ئي نه هو. سنڌ جي تاريخ ان جو واضح مثال آهي. سومرا، سما، ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دورن ۾ سنڌ ۾ مختلف دورن مطابق سياسي اقتدار، انتظامي سٽاءُ، عدالتي نظام، فوج، تجارت، بندرگاهن ۽ محصولن/ڍل جا منظم نظام موجود رهيا. ان تاريخي حقيقت کي صرف ان بنياد تي رد ڪرڻ ته اها جديد ايڪيھين صديءَ جي آئيني جمهوريت نه هئي، هڪ علمي چُڪ ٿيندي. اهڙي طرح قديم ۽ قرونِ وسطيٰ جي ذريعن ۾ “سنڌ” ۽ “هند” جهڙا جاگرافيائي ۽ تهذيبي تصور مختلف حوالن ۾ نمايان طور ملن ٿا. البته انهن تاريخي تصورن کي جديد قومي رياست جي تصور جي هم معنيٰ سمجهڻ به درست ناهي. تاريخ جو هڪ بنيادي سبق اهو آهي ته رياستون، وفاق ۽ انهن جا سياسي نقشا مستقل ۽ بي لچڪ ناهن هوندا. اهي جنگين، ٺاھن، سياسي ارتقا، انتظامي فيصلن، عوامي ۽ قومي تحريڪن جي نتيجي ۾ جڙندا ۽ تبديل ٿيندا رهندا آهن. آمريڪا (ان جي غلط يا صحيح ھئڻ جي بحث کانسواءِ) ان جو هڪ مثال آهي ته هڪ وفاق مختلف رياستن جي آئيني اتحاد ذريعي جوڙي سگهجي ٿو. اهڙي طرح سوويت يونين هڪ وفاقي نوعيت جي گهڻ قومي رياست هئي جيڪا 1991ع ۾ ٽٽي پئي ۽ نتيجي ۾ ان جون اڳوڻيون يونين ريپبلڪن آزاد رياستن جي حيثيت سان سامھون آيون. پاڪستان جو پنهنجو تاريخي سفر به ان حقيقت جي شاھدي ڏئي ٿو. 1947ع ۾ برطانوي هندوستان جي ورهاست جي نتيجي ۾ پاڪستان قائم ٿيو. ان کانپوءِ ملڪ جي وفاقي سٽاءُ، صوبائي حدن ۽ سياسي توازن ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون. نيٺ 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي عليحدگيءَ جي نتيجي ۾ بنگلاديش هڪ آزاد رياست طور وجود ۾ آيو. ان تاريخي تجربي مان اهو سبق ملي ٿو ته رياستي سٽاءَ ۽ سياسي حدون تاريخي عمل جي تابع هونديون آهن. تڏھن بھ ان سان گڏ اها حقيقت به پنهنجي جاءِ تي موجود رهي ٿي ته قومن، تهذيبن، ٻولين ۽ تاريخي خطن جون پاڙون جديد آئيني رياستن کان گهڻيون قديم ٿي سگهن ٿيون. تنهنڪري ڪنهن موجوده رياست جي قيام کي تسليم ڪرڻ لاءِ ان کان اڳ جي تاريخي خطن، قومن ۽ تهذيبي ايڪن جي وجود کان انڪار ڪرڻ ضروري نھ آھي. تاريخي غلطي (انيڪرونزم) ۽ پاڻ گھڙيل دعوائن جو مسئلو صرف قديم تاريخ تائين محدود ناهي، بلڪه جديد دور ۾ ڪراچيءَ جي تاريخي ۽ انتظامي مقام بابت به مختلف دورن ۾ تڪراري دعوائون سامھون اينديون رهيون آهن. ڪڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن ان کي خان آف قلات جي حوالي سان بلوچستان جو حصو قرار ڏنو وڃي ٿو يا ڪنهن غير جانبدار انتظامي ايڪي سان جوڙڻ جون رٿون ڏجن ٿيون. ان سلسلي ۾ تاريخي رڪارڊ کي جذباتي سياسي دعوائن بدران دستاويزي ثبوتن جي بنياد تي ڏسڻ گهرجي. سڀ کان اڳ ٽالپر دور جي ڳالهه ڪريون ٿا جڏهن ڪراچي ۽ ان جا ساحلي علائقا سنڌ جي سياسي ۽ واپاري نظام جو حصو بڻيا ۽ ڪراچي اهم بندرگاهه ۽ واپاري مرڪز طور اُڀري. ڪراچيءَ جا ابتدائي نالا “ڪولاچي” ۽ ان جي بندرگاهي اهميت جو ذڪر تاريخي رڪارڊ ۾ مختلف صورتن ۾ ملي ٿو. 1843ع ۾ برطانوي قبضي کانپوءِ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل ڪيو ويو. برطانوي دور جي سرڪاري گزٽيئرز ۽ انتظامي رڪارڊ ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ جي هڪ اهم شهر ۽ بندرگاهه طور واضح طور تي شامل/درج ڪيو ويو. بعد وارن دورن ۾ ڪراچي سنڌ جي گادي به رهي ۽ ان جي انتظامي حيثيت سرڪاري رڪارڊ جو حصو رهي. جڏهن ته 1936ع ۾ سنڌ کي ممبئي پريزيڊنسيءَ کان الڳ ڪري هڪ الڳ صوبائي انتظامي ايڪو بڻايو ويو. ڪراچي ان نئين صوبي جي گادي ۽ اهم انتظامي مرڪز رهيو. ان ريت جديد بيٺڪتي انتظامي تاريخ ۾ به ڪراچي ۽ سنڌ جو تعلق محض هڪ وقتي يا تازو سياسي بندوبست نه هو، بلڪه باقاعده انتظامي رڪارڊ جو حصو هو. تنهنڪري ڪراچيءَ جي تاريخي حيثيت تي بحث ڪندي ڪنهن هڪ سياسي دور يا وقتي انتظامي تبديليءَ کي پوري تاريخ جو متبادل بنائي ڇڏڻ درست نھ آھي. ڪراچيءَ جي تاريخ سنڌ جي سياسي، معاشي ۽ ساحلي ارتقا سان گهريءَ طرح جڙيل آهي. اها دعويٰ ڪرڻ ته سنڌ يا هند ڪڏهن “ملڪ” ئي نه هئا، يا اهو تاثر ڏيڻ ته ڪراچيءَ جو سنڌ سان تاريخي ۽ انتظامي تعلق محض تازي سياسي بندوبست جو نتيجو آهي، تاريخ جي پيچيدگيءَ کي هڪ انتهائي سادي ۽ سياسي قالب ۾ پلٽائي ڇڏڻ برابر آهي. اهڙي طرح پاڪستان کي قديم تهذيبن ۽ قرونِ وسطيٰ جي سوڀن ۾ ڳولڻ به تاريخي طور تي درست ناهي. پاڪستان ويهين صديءَ ۾ جوڙيل هڪ جديد رياست آهي، جنهن جي قيام جا پنهنجا سياسي، آئيني ۽ تاريخي بنياد آهن. هن کي تسليم ڪرڻ پاڪستان جي موجوده حيثيت کي متاثر نٿو ڪري. ان جي ابتڙ هڪ مضبوط رياست پنهنجي وجود کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي سڀني تاريخي ايڪن، قومن، ٻولين، ثقافتن ۽ علائقن جي تاريخ جو احترام ڪندي آهي. سنڌ جي قدامت ۽ تاريخي سڃاڻپ کي تسليم ڪرڻ پاڪستان جي نفي نه؛ بلڪه پاڪستان جي وفاقي تصور کي وڌيڪ حقيقت پسندانه ۽ مضبوط بڻائي ٿو. رياستي بيانيو جيڪڏهن تاريخ کي سياسي ضرورت موجب ڪڏهن قديم ۽ ڪڏهن جديد ثابت ڪرڻ لڳي، ته ان سان تاريخ جي ساک به متاثر ٿئي ٿي ۽ وفاقي ويساھ به. تاريخ جي تقاضا اھا آهي ته نه ڪنهن خطي جي قديم وجود کي جديد رياست جي تصور جي عدم موجودگيءَ جي بنياد تي مٽايو وڃي ۽ نه جديد رياست کي هزارين سال پراڻي تهذيبن سان ھٿرادو طور هڪ ئي وجود قرار ڏنو وڃي. تاريخ کي سياسي ضرورت موجب پلٽائڻ بدران تاريخ سان سچائي، ديانت ۽ علمي اصولن جي پوئيواري ئي ڪنهن به وفاق جي مضبوطيءَ جو بنياد بڻجي سگهي ٿي.
آخر ۾ ھن بحث کي رومي جي ھن ٻن مصرعن ۾ سھيڙبو:
هندوان را اصطلاحِ هند مدح
سنديان را اصطلاحِ سند مدح
هي مضمون ڪيئن رهيو؟