مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

قديم يوناني فلسفي جو اڀياس: (سقراط کان اڳ وارو دور) (حصو ٻيون)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پائيٿاگورس (570 ق. م – 495 ق. م):
پائيٿاگورس لڳ ڀڳ 570 ق. م ۾ يوناني ٻيٽ ساموس ۾ پيدا ٿيو ۽ 495 ق. م ۾ وفات ڪيائين. کيس اهو اعزاز حاصل آهي ته هن سڀ کان پهرين پاڻ لاءِ “فلسفي” لفظ جو استعمال ڪيو. ھن پنهنجي علمي جستجو دوران مصر ۽ بابل جو سفر ڪيو. مصر ۾ هن جاميٽري ۽ روحاني فلسفي جي سکيا حاصل ڪئي. جڏهن ته بابل ۾ فلڪيات ۽ انگن جي علم بابت ڄاڻ حاصل ڪيائين. لڳ ڀڳ 530 ق. م ۾ هن ساموس ڇڏي اٽليءَ جي شهر ڪروٽون ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي پنهنجو “پائيٿاگورين اسڪول” قائم ڪيو. ٿوري ئي عرصي ۾ اهو اسڪول علم ۽ فلسفي جو اهم مرڪز بڻجي ويو، جتي پري پري کان شاگرد سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. چيو وڃي ٿو ته پائيٿاگورس پاڻ هڪ ڳجهي غار ۾ رهندو هو، جتي هو اڪيلائيءَ ۾ مطالعو ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن ويجهن ساٿين سان گفتگو به ڪندو هو. وقت گذرڻ سان گڏ هُن ڪروٽون ۾ سياسي اثر رسوخ به قائم ڪري ورتو ۽ امير طبقي جو صلاحڪار بڻجي ويو. سياسي لحاظ کان پائيٿاگورين اسڪول امير طبقي جي حڪمرانيءَ جو حامي هو. پائيٿاگورين اسڪول هڪ ڳجهي جماعت وانگر هلندو هو، جتي داخلا وٺڻ لاءِ پنجن سالن جي سخت آزمائشي عرصي مان گذرڻو پوندو هو. ان دوران ڪنهن به شاگرد کي پائيٿاگورس سان سڌيءَ ريت ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي. شاگردن کي ڀاڄيون کائڻ، پُرامن رھڻ ۽ پاڪيزگيءَ سان زندگي گذارڻ جي ھدايت ڪئي ويندي هئي. اسڪول ۾ شاگردن کي ٻن درجن ۾ ورهايو ويندو هو. هڪڙا اهي، جيڪي رڳو استاد جون ڳالهيون ٻڌندا ۽ ياد ڪندا هئا. جڏهن ته ٻيا اهي ھوندا ھئا جيڪي گفتگو ۽ بحث ڪرڻ ۾ حصو وٺندا هئا. هن اسڪول ۾ عورتن کي به شامل ٿيڻ جو حق حاصل هو. پنهنجي دور جي لحاظ کان پائيٿاگورس جا خيال عورتن بابت نهايت ترقي پسند هئا. عورتن کي فلسفو ۽ رياضي سيکارڻ پائيٿاگورين روايت جو اهم حصو هو. ان کانسواءِ، عورتون جماعت جي انتظام ۽ سرگرمين ۾ به حصو وٺنديون هيون. پائيٿاگورس جي فلسفي جو بنيادي خيال اهو هو ته عددَ ڪائنات جو بنياد آهن ۽ ڪائنات جي هر شيءِ جهڙوڪ: اخلاق، موسيقي ۽ انساني جسم کي عددن جي ذريعي سمجهي سگهجي ٿو. هن موسيقي ۽ رياضيءَ جي لاڳاپي کي به واضح ڪيو. پائيٿاگورس جو هڪ ٻيو اهم نظريو اھو به ھو ته سيارا ۽ تارا پنهنجي حرڪت وسيلي هڪ اهڙي ڪائناتي موسيقي پيدا ڪن ٿا، جيڪا انسان ٻڌي نٿا سگهن، پر اها سڄي ڪائنات جي توازن کي برقرار رکي ٿي. هڪ مشهور ڏند ڪٿا موجب، پائيٿاگورس هڪ ڏينهن لوهارن جي بازار مان گذري رهيو هو. اُتي هن مختلف هٿوڙن جا آواز ٻڌا. انهن مان گهڻا آواز کيس وڻندڙ لڳا، پر هڪ آواز ٻين کان الڳ ۽ بي سُرو محسوس ٿيو. تجسس وچان هو لوهار جي دڪان ۾ داخل ٿيو ۽ مختلف هٿوڙن کي آزمائڻ لڳو. پوءِ هن محسوس ڪيو ته هٿوڙي جي وزن ۽ ماپ سان گڏ ان مان نڪرندڙ آواز به بدلجي ٿو. انهيءَ مشاهدي مان هن اهو نتيجو ڪڍيو ته موسيقيءَ جا سُر رياضيائي تناسب تي ٻڌل آهن، يعني موسيقي ۽ رياضيءَ جي وچ ۾ فطري لاڳاپو موجود آهي. پائيٿاگورس جي تعليم ۾ “روحن جي منتقلي” جو نظريو پڻ اهميت رکي ٿو. هن نظريي موجب هر روح لازوال آهي. جڏهن انسان مري وڃي ٿو، تڏهن سندس روح ڪنهن ٻئي جسم ۾ منتقل ٿي وڃي ٿو. هن نظريي بابت سڀ کان پراڻو حوالو زينوفينس جي هڪ طنزيه نظم ۾ ملي ٿو. ان نظم موجب، پائيٿاگورس هڪ ڪُتي تي ٿيندڙ ظلم کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ڇاڪاڻ ته سندس خيال هو ته ڪُتي جي رڙين ۾ کيس پنهنجي فوت ٿيل دوست جي آواز جي سڃاڻپ ٿي. برٽرينڊ رسل لکي ٿو ته “فڪري لحاظ کان پائيٿاگورس اُنهن اهم ترين انسانن مان هڪ هو، جيڪي اڄ تائين دنيا ۾ پيدا ٿيا ھئا. سندس دانشمندي ۽ غير دانشمندي ٻئي اهميت رکن ٿيون. ڇاڪاڻ ته پائيٿاگورس جي فِڪر سبب ئي رياضيءَ جو اثر فلسفي تي تمام گهرو رھيو آھي يا ايئن چئجي ته تمام گهڻو نقصانڪار رھيو آھي. سندس شخصيت بابت مختصر لفظن ۾ اھو چئي سگھجي ٿو ته هو آئن اسٽائن ۽ مسز ايڊي جي شخصيتن جو هڪ گڏيل نمونو هو.”
زينو آف ايليا (490 ق. م – 430 ق.م):
زينو آف ايليا اٽلي جي قديم شهر ايليا جو رهواسي هو، تنهنڪري کيس زينو آف ايليا جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هو مشهور فلسفي پارمانڊيز جو شاگرد هو. زينو جي شهرت سندس منطقي دليلن يعني پيراڊوڪس جي ڪري آهي، جيڪي هن پنهنجي استاد پارمانڊيز جي فلسفي جي حمايت ۾ پيش ڪيا. انهن دليلن جو مقصد اهو ثابت ڪرڻ هو ته جيڪڏهن حرڪت (Motion) ۽ گهڻائي (Plurality) کي حقيقي مڃيو وڃي ته پوءِ ڪيترائي منطقي تضاد جنم وٺن ٿا. زينو جو خيال ھو ته حقيقي وجود رڳو هڪڙو ئي آهي، جيڪو نه بدلجي ٿو، نه ورهائجي ٿو ۽ نه ئي حرڪت ڪري ٿو. زينو جا ڪجهه مشهور پيراڊوڪس هيٺ ڏجن ٿا:
1. اڌ فاصلي وارو پيراڊوڪس (The Dichotomy Paradox) :
زينو جو خيال ھو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ چاهي ته سڀ کان پهرين کيس سڄي فاصلي جو اڌ طئي ڪرڻو پوندو. پوءِ باقي بچيل فاصلي جو به اڌ، ان کانپوءِ وري ان جو اڌ ۽ اهڙيءَ طرح اهو سلسلو بنا پڄاڻيءَ جي هلندو رهندو. ڇاڪاڻ ته هر فاصلي کي هميشه وڌيڪ ننڍن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، تنهنڪري زينو جي خيال موجب ماڻهو ڪڏهن به پنهنجي منزل تائين پهچي نٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته منزل تي پهچڻ کان اڳ کيس اڻ کُٽ اڌ فاصلا طئي ڪرڻا پوندا.
2. ايڪيلس ۽ ڪُميءَ وارو پيراڊوڪس (Achilles and the Tortoise):
هي زينو جو سڀ کان مشهور پيراڊوڪس آهي. فرض ڪريو ته هڪ انتهائي تيز ڊوڙندڙ شخص (ايڪيلس) جو مقابلو هڪ ڪُميءَ سان ٿئي ۽ ڪُمي کي شروعات ۾ ڪجهه فاصلي جي اڳواٽ برتري ڏني وڃي. جڏهن ڊوڙندڙ شخص اُن هنڌ تي پهچندو، جتان ڪُمي پنھنجي ڊوڙ شروع ڪئي ھئي ته ان وقت تائين ڪُمي ٿورو اڳتي نڪري چڪي هوندي. پوءِ جڏهن ڊوڙندڙ شخص ڪُمي جي انهيءَ نئين هنڌ تي پهچندو، تڏهن به ڪُمي وري ڪجهه اڳتي وڌي چڪي هوندي. زينو جي خيال موجب اهو سلسلو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، تنهنڪري ڊوڙندڙ شخص ڪڏهن به ڪُميءَ کي پڪڙي نه سگهندو.
نوٽ: ايڪيلس (Achilles) يوناني ڏند ڪٿائن جو هڪ مشهور سورمو هو، جيڪو پنهنجي بي مثال بهادري ۽ جنگي مهارت سبب مشھور ھو.
3. تير وارو پيراڊوڪس (The Arrow Paradox):
زينو جو دليل هو ته جيڪڏهن وقت کي الڳ الڳ لمحن ۾ ورهايو وڃي ته هرهڪ لمحي ۾ اُڏامندڙ تير هڪ مقرر جاءِ تي بيٺل نظر اچي ٿو. جيڪڏهن هر لمحي ۾ تير سڪون جي حالت ۾ آهي ته پوءِ انهن سڀني لمحن جي مجموعي مان حرڪت ڪيئن وجود ۾ اچي سگهي ٿي؟ زينو هن دليل وسيلي حرڪت جي روايتي تصور تي بنيادي سوال اٿاريو ۽ اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته حرڪت کي حقيقي مڃڻ سان منطقي مونجهارا ۽ تضاد پيدا ٿين ٿا.
4. اسٽيڊيم وارو پيراڊوڪس (The Stadium Paradox):
هن پيراڊوڪس ۾ زينو ٽن برابر قطارن (A B & C) جو مثال پيش ڪري ٿو.A واري قطار ساڳي جاءِ تي بيٺل آهي، جڏهن تهB ۽C واريون قطارون هڪ جهڙي رفتار سان هڪٻئي جي ابتڙ رخن ۾ حرڪت ڪن ٿيون. سندس خيال موجب، هڪ مقرر وقت جي وقفي دورانC واري قطار، بيٺلA واري قطار جي ڀيٽ ۾ رڳو هڪ قطار جيترو فاصلو طئي ڪري ٿي، پر ساڳئي وقتB واري هلندڙ قطار جي ڀيٽ ۾ ٻن قطارن جي برابر اڳتي نڪري وڃي ٿي. جيڪڏهن ٻنهي حالتن ۾ وقت جو وقفو ساڳيو آهي ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ساڳئي وقت ۾ هڪ قطار جيترو فاصلو به طئي ٿئي ۽ ٻن قطارن جيترو فاصلو به؟ ڏٺو وڃي ته زينو جا پيراڊوڪس فلسفي جي تاريخ ۾ انتهائي اهم حيثيت رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن انساني فڪر کي لامحدوديت، وقت، خلا ۽ حرڪت جي حقيقت بابت نئين سر سوچڻ تي مجبور ڪيو. انهيءَ ڪري زينو کي فلسفي جي تاريخ جو هڪ اهم فلسفي ۽ منطقي مفڪر سمجهيو وڃي ٿو.
ايمپيڊوڪليس (494 ق.م – 434 ق.م):
ايمپيڊوڪليس جو فلسفو ڪائنات جي تخليق بابت پنهنجي چئن بنيادي عنصرن واري نظريي سبب مشهور آهي. سندس خيال ھو ته مٽي، پاڻي، هوا ۽ باهه اهي چار بنيادي عنصر آهن، جن مان ڪائنات جون سڀئي شيون وجود ۾ اچن ٿيون. ھن اھو پڻ چيو ته اھي عنصر ازلي ۽ ابدي آهن، نه اهي پيدا ٿين ٿا، نه فنا ٿين ٿا ۽ نه ئي وري پنهنجي اصل ماهيت تبديل ڪن ٿا. ايمپيڊوڪليس پنهنجي فلسفي ۾ ٻن بنيادي قوتن جو ذڪر ڪيو، جن کي هن محبت(Love) ۽ نفرت يا تڪرار (Strife) جا نالا ڏنا. محبت اها قوت آهي، جيڪا انهن چئن عنصرن کي پاڻ ۾ ملائي نوان مرڪب ۽ نوان وجود پيدا ڪري ٿي، جڏهن ته نفرت يا تڪرار انهن عنصرن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري ڇڏي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ اڳوڻا مرڪب ٽُٽي پون ٿا. سندس خيال هو ته ڪائنات جي سڄي حرڪت انهن ٻنهي قوتن جي اثر هيٺ جاري رھي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ تبديليون اچن ٿيون ۽ ارتقا جو عمل جاري رهي ٿو. ايمپيڊوڪليس جو چئن بنيادي عنصر وارو نظريو يورپ ۾ لڳ ڀڳ ٻن هزار سالن تائين قبول ڪيو ويندو رهيو. هن اهو نظريو به پيش ڪيو ته اسين شين کي ان ڪري ڏسون ٿا. ڇاڪاڻ ته روشني اسان جي اکين مان نڪري ٿي ۽ سامهون موجود شين سان ٽڪرائجي ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ ڏسڻ جو عمل ممڪن ٿئي ٿو. ارسطو مطابق، ايمپيڊوڪليس لڳ ڀڳ 60 سالن جي عمر ۾ 434 ق. م ۾ وفات ڪئي، سندس موت بابت مختلف ڏند ڪٿائون به مشهور آهن. چيو وڃي ٿو ته ڪا پراسرار قوت کيس زمين تان کڻي وئي. ٻي ڏند ڪٿا موجب هو سسلي جي مائونٽ ايٽنا جي جوالا مکي ۾ ڪري فوت ٿي ويو. هڪ ٻي ڏند ڪٿا موجب، هن پنهنجي شاگردن کي پنهنجي امر هجڻ جو يقين ڏيارڻ لاءِ پاڻ مرادو جوالا مکي ۾ ٽپو ڏنو. ڇاڪاڻ ته سندس يقين هو ته باهه ۾ سڙي وڃڻ کانپوءِ هو ديوتا جي روپ ۾ موٽي ايندو.
… (هلندڙ)…
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو