مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

قديم يوناني فلسفي جو اڀياس: (سقراط کان اڳ وارو دور) (حصو پهريون)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ٿاليس (624 ق. م – 545 ق. م): ٿاليس ڇهين صدي قبل مسيح ۾ قديم يونان جي شهر مليٽس ۾ جنم ورتو. مليٽس اُن دور ۾ واپار ۽ سکيا جو وڏو مرڪز هو. ٿاليس کي قديم يوناني فلسفي جو باني سمجهيو وڃي ٿو. ارسطو مطابق، ٿاليس انساني تاريخ جو پهريون اهڙو فلسفي هو، جنهن فطرت ۽ ڪائنات کي مذهبي ڪهاڻين بدران عقل ۽ مشاھدي جي بنياد تي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. هو يونان جي ستن ڏاهن منجهان هڪ هو، جيڪي پنهنجي سمجهه ۽ ڏاهپ سبب مشهور هئا. ٿاليس فلسفي هجڻ سان گڏ سائنس ۽ رياضيءَ جو به ڄاڻو هو ۽ فلڪيات سان به دلچسپي رکندو هو. هن علم حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن جو سفر ڪيو ۽ مصري توڙي بابلي عالمن جي ڪمن جو مطالعو ڪيو. ٿاليس هڪ ماديت پسند فلسفي هو. سندس خيال هو ته سموري ڪائنات جو بنيادي عنصر پاڻي آهي ۽ دنيا هڪ وسيع سمنڊ جي پاڻيءَ تي ترندڙ ٿاليءَ جي شڪل ۾ موجود آهي، جنهن جي چوڌاري سج، چنڊ ۽ تارا گردش ڪن ٿا. جڏهن ته ڌرتي ڪائنات جو مرڪز آهي. ٿاليس کي ڪيترين سائنسي ۽ رياضياتي ڪاميابين سبب به ياد ڪيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو ته هن 585 ق. م ۾ سج گرهڻ جي درست اڳڪٿي ڪئي. هن مصر جي احرامن جي اوچائي جو به حساب لڳايو. سندس خيال موجب، احرام جي درست ماپ تڏهن معلوم ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو پاڇو سندس قد جي برابر هجي، تڏهن احرام جي پاڇي کي ماپي ان جي اوچائي معلوم ڪري سگهجي ٿي. بعد ۾ سقراط، افلاطون ۽ ارسطو جهڙن وڏن فلسفين به ٿاليس جي فلسفي مان لاڀ حاصل ڪيو ۽ مغربي فلسفي کي ترقي ڏياري.
اناڪسيمينڊر (610 ق. م – 546 ق. م):
اناڪسيمينڊر ميليشين اسڪول جي بانيڪار فلسفي ٿاليس جو شاگرد هو. هن فلسفي، جاميٽري، رياضي ۽ فلڪيات جي تعليم ميليشين اسڪول مان حاصل ڪئي. اناڪسيمينڊر 610 ق. م ۾ مليٽس شهر ۾ پيدا ٿيو ۽ 546 ق. م ۾ وفات ڪيائين. ھن به پنهنجي استاد ٿاليس وانگر علم جي ڳولها ۾ مختلف ملڪن جو سفر ڪيو ۽ مختلف قومن ۽ ماڻهن جي عقيدن جو مطالعو ڪيو، جنھن سبب سندس فڪر ۾ وڌيڪ وسعت پيدا ٿي ۽ هن ڪائنات بابت نوان خيال پيش ڪيا. هو پنهنجي استاد ٿاليس جي ان ڳالهه سان متفق نه هو ته پاڻي هر شيءِ جو بنياد عنصر آهي. سندس خيال ھو ته ڪائنات جو اصل بنياد “ايپرون” آهي، جيڪو نه پيدا ٿيو آهي ۽ نه ئي ختم ٿيندو. ايپرون هڪ اهڙو ايٽم آهي، جيڪو هر مادي جو بنيادي جزو آهي ۽ جنهن مان ٻه متضاد شيون جنم وٺن ٿيون. مثال طور: هڪ طرف ڏينهن آهي ته ٻئي طرف رات، هڪ طرف باهه آهي ته ٻئي طرف پاڻي، هڪ طرف زندگي آهي ته ٻئي طرف موت وغيره. اناڪسيمينڊر دنيا جو هڪ نقشو پڻ تيار ڪيو، جيڪو ٽن حصن تي مشتمل هو (يورپ، لبنان، ۽ آفريڪا). زمين بابت سندس خيال پنهنجي دور جي ٻين فلسفين کان مختلف هو. هن چيو ته زمين نه گول آهي ۽ نه ئي ٿالهيءَ جي شڪل ۾، پر اها هڪ سلينڊر يا ٽيوب جهڙي شڪل رکي ٿي. ھن چيو ته زمين ڪائنات جي مرڪز ۾ تري رھي آھي. جڏھن ته سج، چنڊ ۽ تارا ان جي چوڌاري مختلف مفاصلن تي گردش ڪن ٿا. اناڪسيمينڊر زندگيءَ جي ارتقا بابت به پنھنجا خيال پيش ڪيا. سندس خيال هو ته زمين تي پهرين زندگي پاڻيءَ مان پيدا ٿي ۽ مڇي جهڙن جانورن ارتقا ڪندي انساني شڪل اختيار ڪئي. اناڪسيمينڊر جي خيالن جو اثر پوءِ ايندڙ ڪيترن ئي فلسفين تي پيو، ھو ھڪ ماديت پسند فلسفي ھو.
ائناگزيمنيز (586 ق. م- 526 ق. م): ائناگزيمنيز قديم يونان جي ميليشين اسڪول جو ٽيون ۽ آخري اهم فلسفي هو. هو اناڪسيمينڊر جو شاگرد ھو ۽ مليٽس شهر سان تعلق رکندڙ هو، سندس سڀ کان مشهور تصور اهو هو ته ڪائنات جو بنيادي عنصر “هوا” آهي. جيڪا مسلسل حرڪت ۾ آهي ۽ جنهن مان دنيا جون سڀئي شيون پيدا ٿيون آهن. ھن دليل ڏيندي ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي ته هوا پاڻ کي مختلف شڪلين ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جهڙوڪ: پاڻي، برف، باهه ۽ ٻاڦ. تنهنڪري ايپرون يا پاڻي ڪائنات جو بنيادي عنصر ناهي، پر بنيادي عنصر هوا آهي. ائناگزيمنيز جو اھو خيال پنهنجي وقت جو وڏو انقلابي خيال ھو. ڇاڪاڻ ته هن پهريون ڀيرو وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪيئن هڪ ئي مادو مختلف شڪلين ۽ حالتن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. ھن اهو به خيال پيش ڪيو ته انسانن ۽ جانورن جو روح به هوا مان ٺهيل آهي. ڇو ته جڏھن ڪو انسان يا جانور مرندو آهي ته ساهه کڻڻ ڇڏي ڏيندو آهي. زمين ۽ ڪائنات بابت ائناگزيمنيز جو خيال هو ته ڌرتي هوا تي تري رهي آهي، سج، چنڊ ۽ تارا هڪ ئي مادي مان ٺهيل آهن ۽ اھو مادو ھوا آھي.
هيراڪليٽس (540 ق. م- 480 ق. م): هيراڪليٽس 535 ق. م ۾ يونان جي شھر ايفيسس ۾ پيدا ٿيو، سندس تعلق هڪ شاهوڪار گهراڻي سان هو. هو پاڻ کي “خود سيکاريل” فلسفي سمجهندو هو. هيراڪليٽس جو فلسفو تبديلين جي تسلسل(Doctrine of Flux) تي ٻڌل آهي. هيراڪليٽس جو خيال هو ته دنيا ۾ ڪابه شيءِ ساڳي حالت ۾ نٿي رهي. هر شيءِ بدلجندي رهي ٿي. سندس مشهور قول آھي ته “توهان هڪ ئي نديءَ مان ٻه ڀيرا نٿا ٽپي سگهو.” ان جو مطلب اھو ٿيو ته پاڻي مسلسل وھندو رھي ٿو، توھان ھڪ ڀيرو جنھن پاڻي مان ٽپيا اھو پاڻي اتان گذري ويو. يعني هر شيءِ هر لمحي تبديل ٿي رهي آهي، اھڙي طرح اسان جي زندگي، جسم، خيال، رشتا ۽ پوري ڪائنات مسلسل تبديليءَ جي عمل ۾ آهن. هيراڪليٽس مطابق، ڪائنات جو بنيادي عنصر “باھ” آهي، جيڪا مسلسل حرڪت ۾ آھي ۽ پنھنجو روپ بدلائيندي رھي ٿي. (ٻرڻ، سڙڻ ۽ سڙڻ کانپوءِ دونھون ٿي ھوا ۾ وکري وڃن.) ھيراڪليٽس جو ٻيو اهم نظريو “تڪرار جو اتحاد” (Unity of Opposites) آهي. يعني زندگيءَ ۾ هر شيءِ پنهنجي ابتڙ سان جڙيل آهي جيئن روشني ۽ اونداھ، سردي ۽ گرمي، سچائي ۽ ڪوڙ، خوشي ۽ ڏک، زندگي ۽ موت. سندس چوڻ هو ته انهن ابتڙ شين جي موجودگيءَ سان ئي دنيا جو توازن قائم رهي ٿو. هيراڪليٽس جي فلسفي ۾ لوگوس(Logos) بنيادي حيثيت رکي ٿو. لوگوس ھڪ اهڙو عالمي قانون يا اصول آھي، جيڪو سڄي ڪائنات کي ھلائي ٿو. ھيراڪليٽس مطابق لوگوس هر ھنڌ موجود آھي، درياءَ جي وهڪري ۾، موسم جي بدلجڻ ۾، ڏينھن کان رات ۽ رات کان ڏينھن ٿيڻ ۾، انسان جي ساھ کڻڻ جي عمل ۾، انسان وٽ عقل آھي، تنھنڪري ھو لوگوس کي سمجھي سگھي ٿو، لوگوس ڪو شخص يا ديوتا ناھي، پر ھڪ منطق آھي، پر گھڻا ماڻھو پنھنجي عقل جو استعمال نٿا ڪن ۽ غور فڪر ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا، ان ڪري ھو لوگوس کي سمجھي نٿا سگھن. هن مطابق ڪائنات جو قانوني نظام جيڪا هڪ اهڙي عالمي سچائي آهي جيڪا هر انسان ۽ هر شيءِ جي اندر موجود آهي.
زينوفينس (570 ق. م- 478 ق. م): زينوفينس جو جنم 570 ق. م ۾ ايشيا مائنر جي اولهه ڪناري تي واقع ڪولوفون ۾ ٿيو. هو فلسفي هجڻ سان گڏ شاعر به هو. هن پنهنجي شاعري وسيلي پنهنجا خيال ماڻهن تائين پهچايا ۽ سماج ۽ مذهب بابت رائج خيالن تي سخت تنقيد ڪئي. قديم يونان ۾ ڪيترين ئي ديوين ۽ ديوتائن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. زيوس آسمان جو ديوتا سمجهيو ويندو هو، هيڊس مُردن جي دنيا جو حاڪم هو ۽ پوسائيڊن سمنڊن ۽ زلزلن جو ديوتا هو ۽ پنھنجي ڪاوڙ سبب مشهور هو، اٿينا جنگ جي ديوي هئي، جڏهن ته ايفروڊائيٽ محبت ۽ خوبصورتي جي ديوي سمجهي ويندي هئي. ان کان علاوه به يوناني مذهب ۾ ٻين ڪيترن ئي ديوين ۽ ديوتائن جو تصور موجود ھو. زينوفينس ديوتائن جي انساني شڪل واري تصور تي تنقيد ڪئي. سندس چوڻ ھو ته جيڪڏهن ڍور ۽ گهوڙا پنهنجا ديوتا ٺاھين ها ته اهي به انهن کي پنهنجي شڪل جهڙو ٺاهين ها. هن اهو به چيو ته ايٿوپيا جا ماڻهو پنهنجن ديوتائن کي ڪارو ۽ ٿلهي نڪ وارو سمجهن ٿا، جڏهن ته ٿريس جا ماڻهو انهن کي نيري اکين ۽ ڳاڙهن وارن وارو سمجهن ٿا. زينوفينس انساني شڪل ۾ ديوتا جي تصور کي رد ڪندي نوان خيال پيش ڪيا، پر خدا جي تصوير کي مڪمل طور رد نه ڪيو. زينوفينس ھڪ اهڙي خدا جو تصور پيش ڪيو جيڪو سڀني کان مٿانهون آهي. جيڪو هر هنڌ موجود آهي ۽ پنهنجي دماغ سان سڀ ڪجهه ڏسي ۽ سمجهي سگهي ٿو ۽ جيڪو سڀني انساني خاصيتن کان پاڪ آهي. زينوفينس قدرت ۽ دنيا بابت به پنهنجا خيال پيش ڪيا. سندس چوڻ ھو ته سڀني شين جو بنياد مٽي ۽ پاڻي آهي. فوسلس بابت مشاهدو ڪندي ھن اھو نتيجو ڪڍيو ته جبلن ۾ سامونڊي جاندارن جا نشان ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اهو علائقو ڪنهن زماني ۾ پاڻي هيٺ هو. زينوفينس انهن نشانن کي قدرت جي تبديليءَ جو ثبوت قرار ڏنو ۽ پنهنجي وقت کان گهڻو اڳ سائنسي ۽ عقلي سوچ جو مظاهرو ڪيو.
پارمانڊيز آف ايليا (515 ق. م- 450 ق. م): پارمانڊيز آف ايليا قديم يونان جو هڪ اهم فلسفي هو، هو ايليا (هاڻوڪي ڏکڻ اٽلي) جو رهواسي هو ۽ ايليٽڪ اسڪول جو باني پڻ هو. پارمانڊيز پنهنجي فلسفي جا بنيادي خيال هڪ ڊگهي نظم “فطرت بابت” (On Nature) ۾ پيش ڪيا، جيڪو ٻن اهم حصن ۾ ورهايل آهي. ھي نظم فلسفي جي ابتدائي فڪر ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. پارمانڊيز جو بنيادي خيال “وجود” (Being) بابت هو. سندس چوڻ هو ته جيڪو موجود آهي، سو موجود آهي ۽ جيڪو موجود ئي ناهي، ان بابت سوچي سگهجي ئي نٿو ۽ نه ئي وري ڳالهائي سگهجي ٿو. سندس خيال هو ته وجود هڪ آهي، هميشه کان موجود آهي ۽ ڪڏهن به ختم نٿو ٿئي، جيڪا تبديلي اسان ڏسون ٿا، اها حواسن جو دوکو آهي. حقيقت ۾ ڪابه تبديلي يا حرڪت موجود ناهي. پارمانڊيز حواسن تي ڀروسو ڪرڻ بدران عقل جي ذريعي حقيقت کي سمجهڻ تي زور ڏنو. پارمانڊيز جي فلسفي يوناني فڪر تي گهرو اثر ڇڏيو. سندس شاگرد زينو آف ايليا پنهنجي استاد جي خيالن جي دفاع ۾ مشهور دليل ۽ تضاد (Paradoxes) پيش ڪيا. بعد ۾ افلاطون ۽ ارسطو به پارمانڊيز جي نظرين تي تفصيلي بحث ڪيو. پارمانڊيز جو فلسفو وجوديت ۽ ميٽافزڪس جي ميدان ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. …(هلندڙ)…
مددگار ڪتاب:
1.Early Greek Philosophy By Jonathan Barnes
2. A History of Western Philosophy By Bertrand Russell
3. Treasury of Philosophy by Dagobert D. Runes
4. مختصر تاريخ فلسفه يونان-ڊاڪٽر ويلهلم نيسل
5. يوناني فلسفي جي تاريخ-راشد دائودپوٽو
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو