مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

قديم يوناني فلسفي جو اڀياس: (سقراط کان اڳ وارو دور) (حصو آخري)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اناڪساغوراس (500 ق. م-428 ق. م):
اناڪساغوراس جو جنم لڳ ڀڳ 500 ق. م ڌاري ڪلازوميني نالي شهر ۾ ٿيو، جيڪو اڄوڪي ترڪيءَ جي سامونڊي علائقي ايونيا ۾ واقع هو ۽ اُن زماني ۾ فارسي سلطنت جي قبضي هيٺ هو. اناڪساغوراس ويهن ورهين جي ڄمار ۾ ايونيا ڇڏي ايٿنس آيو ۽ اتي مستقل رهائش اختيار ڪئي. ايٿنس ۾ سندس ويجها لاڳاپا ايٿنس جي مشهور سياستدان پيريڪليز سان قائم ٿيا. برٽينڊ رسل لکي ٿو ته: “اناڪساغوراس پهريون اهڙو شخص هو، جنهن ايٿنس جي ماڻهن کي فلسفي کان واقف ڪرايو.”
اناڪساغوراس کان اڳ پارمانڊيز جو اھو خيال هو ته تبديلي منطقي طور ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪا شيءِ بدلجي ٿي ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته “جيڪا شيءِ ناهي”، سا بدلجي “جيڪا شيءِ آهي” بڻجي وڃي ٿي؛ ۽ اهو منطقي طور ممڪن ناهي. ان مسئلي جو حل پيش ڪندي اناڪساغوراس اھو دليل ڏنو ته هر شيءِ جي اندر هر شيءِ جو ڪجهه نه ڪجهه حصو موجود هوندو آهي. سندس خيال هو ته مادي جا جزا لامحدود حد تائين ورهائي سگهجن ٿا ۽ اهي هڪ ٻئي سان گڏيل حالت ۾ موجود رهن ٿا. جڏهن ڪا شيءِ بدلجندي نظر اچي ٿي ته حقيقت ۾ ڪا نئين شيءِ وجود ۾ نٿي اچي ۽ نه ئي ڪا پراڻي شيءِ مڪمل طور فنا ٿئي ٿي؛ رڳو مادي جزن جي ميلاپ ۽ انهن جي مقدار ۾ تبديلي اچي ٿي. سندس خيال هو ته ڪنهن به شيءِ جي سڃاڻپ اُن جزي سان ٿيندي آهي، جيڪو ٻين سڀني جزن جي ڀيٽ ۾ ان شيءِ ۾ وڌيڪ مقدار ۾ موجود هجي. مثال طور، جيڪا شيءِ اسان کي سون نظر اچي ٿي، ان ۾ ٻين سڀني شين جا جزا به موجود هوندا آهن، پر سون جو حصو ٻين جزن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هجڻ ڪري اسان ان کي سون سڏيون ٿا.
اناڪساغوراس جو سڀ کان مشهور ۽ منفرد خيال “نوس”(Nous) جو نظريو هو، جنهن جو مطلب “ذهن” يا “عقل” آهي. سندس خيال هو ته شروعات ۾ ڪائنات هڪ اهڙي گڏيل حالت ۾ موجود هئي، جنهن ۾ سڀئي شيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هيون. نوس ئي ان گڏيل حالت ۾ حرڪت (گردش) پيدا ڪئي، جيڪا آهستي آهستي سڄي ڪائنات ۾ پکڙجڻ لڳي. ان حرڪت جي نتيجي ۾ هلڪيون شيون ڪائنات جي ٻاهرئين پاسن ڏانهن ڦھلجڻ لڳيون، جڏهن ته ڳريون شيون وچ ڏانهن وڃڻ لڳيون. اهڙيءَ ريت ڪائنات جي موجوده جوڙجڪ آهستي آهستي وجود ۾ اچڻ لڳي.
سندس اهو به خيال هو ته نوس کي هر شيءِ جي مڪمل ڄاڻ حاصل آهي، جيڪا سڄي ڪائنات کي ترتيب ڏيڻ، ان ۾ حرڪت پيدا ڪرڻ ۽ ان تي حڪمراني ڪرڻ جي صلاحيت ڏئي ٿي. ارسطو بعد ۾ اناڪساغوراس جي واکاڻ ڪندي چيو ته جڏهن هن نوس کي ڪائنات جي ترتيب جو ڪارڻ قرار ڏنو، تڏهن هو پنهنجي دور جي ٻين فلسفين جي وچ ۾ هڪ هوشيار ماڻهوءَ وانگر نظر آيو.
اناڪساغوراس پهريون يوناني فلسفي هو، جنهن روايتي عقيدن کي رد ڪندي سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ جا صحيح ۽ سائنسي سبب بيان ڪيا. سج بابت سندس خيال هو ته سج ڪو ديوتا نه، پر هڪ تمام وڏو گرم ۽ ٻرندڙ مادي جسم آهي، جيڪو پنهنجي فطري خاصيتن سبب روشني ۽ گرمي خارج ڪري ٿو ۽ ان جي روشنيءَ سبب ئي چنڊ روشن نظر اچي ٿو. ھُن اھو به خيال پيش ڪيو ته چنڊ به هڪ مادي جسم آهي، جنهن جي بناوٽ ڪنھن حد تائين زمين سان مشابهت رکي ٿي.
اناڪساغوراس جو اهو خيال ته سج ڪو ديوتا نه، پر هڪ وڏو ٻرندڙ مادي جسم آهي، ايٿنس جي روايتي مذهبي حلقن لاءِ ناقابل قبول هو. نتيجي طور مٿس بي دينيءَ جا الزام لڳايا ويا ۽ کيس ايٿنس جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي، پر پنھنجي ويجهي دوست پيريڪليز جي مداخلت سبب هو اها سزا ڀوڳڻ کان بچي ويو ۽ ايٿنس ڇڏي ايونيا ڏانهن واپس موٽي ويو، جتي هن پنهنجي زندگيءَ جا آخري سال گذاريا ۽ 428 ق. م ۾ وفات ڪئي.
ليوسيپس (پنجين صدي قبل مسيح):
ليوسيپس يوناني فلسفي جي تاريخ جو اهو گمنام فلسفي آهي، جنهن جي شخصيت ۽ فڪر کي اڪثر ڊيموڪريٽس جي شخصيت ۽ فڪر سان ڳنڍي پيش ڪيو ويندو آهي. ان جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته سندس زندگيءَ بابت موجود ڄاڻ تمام ٿوري ۽ غير يقيني آهي يا شايد اھو سبب به ٿي سگھي ٿو ته ليوسيپس جون لکڻيون سندس شاگرد ڊيموڪريٽس جي فلسفياڻي ڪم سان ايتري قدر ڳنڍجي ويون هيون، جو ٻنهي جي خيالن کي هڪٻئي کان ڌار ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو هو.
ڪجهه قديم ذريعن موجب کيس ميليٽس جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو، ڪجهه کيس ايليا جو چون ٿا، جڏهن ته ڪي ذريعا ابديرا جو رهواسي ڄاڻائين ٿا. سندس ڄمڻ يا وفات جو به ڪو پڪو وقت معلوم ناهي. سندس زماني بابت به رڳو ايترو چئي سگهجي ٿو ته هو پنجين صدي قبل مسيح ۾ زنده هو.
عجيب ڳالهه اها آهي ته پوءِ واري دور جي فلسفي ايپيڪيورس (Epicurus)، جيڪو پاڻ به هڪ ايٽمي فلسفي هو، اها دعويٰ ڪئي ته ليوسيپس نالي ڪو فلسفي ڪڏهن موجود ئي نه هو، پر ارسطو ۽ ٿيوفراسٽس (Theophrastus)، جيڪي ليوسيپس جي زماني جي تمام ويجهو هئا، صاف لفظن ۾ کيس ايٽمي فلسفي جو باني قرار ڏين ٿا. انهن شاهدين جي بنياد تي اڄ جا گهڻا عالم ان ڳالهه تي متفق آهن ته ليوسيپس هڪ حقيقي تاريخي شخصيت هو، نه ڪو فرضي ڪردار.
چيو وڃي ٿو ته ليوسيپس، زينو آف ايليا جو شاگرد هو، جيڪو پاڻ پارمانڊيز جو پوئلڳ هو. زينو پنهنجي مشهور تضادن(paradoxes) سبب مشهور هو. انهن تضادن ذريعي هن اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته حرڪت منطقي طور ممڪن ناهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به مفاصلي کي لامحدود ننڍن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو ۽ انهن سڀني لامحدود حصن کي طئي ڪرڻ لاءِ به لامحدود وقت گهربل هوندو. ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته ليوسيپس جو ايٽمي نظريو زينو جي انهن تضادن جي جواب طور سامهون آيو.
ايليائي فلسفين پارمانڊيز ۽ زينو جو خيال هو ته ڪائنات هڪ، غير تبديل ٿيندڙ ۽ غير ورهائجندڙ آهي ۽ “خالي جاءِ”(void) جو وجود منطقي طور ممڪن ناهي. ڇاڪاڻ ته جيڪا شيءِ موجود ئي ناهي، اها ڪيئن وجود رکي سگهي ٿي؟
ليوسيپس هن مسئلي جو هڪ تخليقي جواب ڏنو. هن چيو ته حقيقت ۾ ٻه شيون موجود آهن: “ڀريل”، يعني ايٽم، جيڪي ٺوس ۽ غير ورهائجندڙ آهن، ۽ “خالي”، يعني خلا ياvoid سندس خيال هو ته خالي جاءِ به هڪ خاص معنيٰ ۾ وجود رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ ايٽمن جي حرڪت ممڪن نه ٿي سگھي ھا.
ليوسيپس جي ايٽمي نظريي موجب ڪائنات بيشمار ايٽمن ۽ خلا تي ٻڌل آهي. اهي ايٽم هڪ ٻئي سان ٽڪرائجن ٿا، گڏ ٿين ٿا ۽ ھڪٻئي کان ڌار ٿين ٿا ۽ وري نون ميلاپن ۾ ڳنڍجن ٿا. اهڙيءَ طرح ڪائنات ۾ مختلف شيون وجود ۾ اچن ٿيون؛ پٿرن کان وٺي جاندارن تائين.
ليوسيپس بابت اهو به چيو وڃي ٿو ته هن ابديرا شهر ۾ هڪ فلسفياڻو مڪتب قائم ڪيو، جيڪو پوءِ “مڪتب ابديرا” جي نالي سان مشهور ٿيو. اتي ئي کيس پنهنجو سڀ کان مشهور شاگرد ڊيموڪريٽس مليو. ڊيموڪريٽس ليوسيپس جي بنيادي خيالن کي اڳتي وڌايو ۽ انهن کي هڪ مڪمل فلسفي جو روپ ڏنو.
ڊيموڪريٽس ۽ ليوسيپس جي فلسفي ۾ فرق:
هتي ليوسيپس ۽ ڊيموڪريٽس جي وچ ۾ فرق به سمجهڻ ضروري آهي. ٻنهي جو بنيادي فڪر ساڳيو هو، يعني ڪائنات ايٽمن ۽ خلا تي مشتمل آهي ۽ دنيا ۾ ٿيندڙ تبديليون ايٽمن جي چرپر، ميلاپ ۽ ھڪٻئي کان ڌار ٿيڻ جي عمل سان سمجهي سگهجن ٿيون، پر ليوسيپس جو فڪر گهڻو ڪري هن بنيادي سوال تي مرڪوز رهيو ته مادو ڪهڙن بنيادي ذرڙن مان ٺهيل آهي ۽ چرپر ڪيئن ممڪن آهي؟ ڊيموڪريٽس انهيءَ بنياد کي اڳتي وڌائي وڌيڪ وسيع فلسفو جوڙيو.
ڊيموڪريٽس ايٽمن جي شڪل، جسامت، ترتيب ۽ چرپر ۾ موجود فرقن کي وڌيڪ تفصيل سان بيان ڪيو. هن اهو به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي ننڍڙا ذرڙا مختلف نمونن سان گڏجي انهن شين کي ڪيئن وجود ۾ آڻين ٿا، جيڪي اسان پنهنجي چوڌاري ڏسون ٿا.
ان کانسواءِ ڊيموڪريٽس انسان جي روح، حواس ۽ علم، اخلاق ۽ سٺي زندگيءَ بابت به خيال پيش ڪيا.
اهڙيءَ طرح ليوسيپس کي ايٽمي فڪر جو بنياد وجهندڙ ۽ ڊيموڪريٽس کي ان فڪر کي اڳتي وڌائيندڙ ۽ تفصيلي شڪل ڏيندڙ فلسفي طور سمجهڻ وڌيڪ مناسب آهي.
ڊائيوجنيس آف اپولونيا (460 ق. م-425 ق. م):
ڊائيوجنيس آف اپولونيا، سقراط کان اڳ وارن فلسفين جي آخري دور جو هڪ اهم فلسفي هو. سندس تعلق ٿريس جي شهر اپولونيا سان هو. ڊائيوجنيس جو خيال هو ته هوا(Aer) ڪائنات جو بنيادي مادو آهي. جيتوڻيڪ اھو خيال ڊائيوجنيس کان اڳ ائناگزيمنيز پيش ڪري چڪو ھو، پر ڊائيوجنيس ان خيال کي اناڪساغوراس جي نوس(Nous) جي تصور سان ملائي پيش ڪيو ۽ چيو ته هوا ۾ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت پڻ موجود آهي، هوا لامحدود ۽ ابدي آهي، اها هر هنڌ پکڙيل آهي ۽ سڀني شين جي وجود جو بنياد آهي. زمين، پاڻي، باهه ۽ ٻيون شيون هوا جي مختلف تبديلين مان پيدا ٿين ٿيون ۽ اهڙيءَ طرح ڪائنات جون سموريون شيون هڪ ئي بنيادي مادي، يعني هوا مان وجود ۾ اچن ٿيون.
ڊائيوجنيس جو هڪ ٻيو اهم ڪم انساني جسم ۾ موجود رت جي رڳن جي نظام بابت مطالعو هو. هن انساني جسم ۾ رت جي رڳن جي بناوت ۽ پکڙجڻ بابت تفصيل سان لکيو ۽ رڳن جو هڪ نقشو پڻ تيار ڪيو. ان ڪري کيس انساني جسم جي رت جي رڳن جي ابتدائي مطالعي ڪندڙن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.
ميليسس آف ساموس (پنجين صدي قبل مسيح):
ميليسس آف ساموس پنجين صدي قبل مسيح جو يوناني فلسفي هو. هو پارمانڊيز ۽ زينو کانپوءِ ايليٽڪ اسڪول جو ٽيون ۽ آخري اهم فلسفي ھو. ميليسس پارمانڊيز جي فڪر کي اڳتي وڌائيندي خاص طور تي ان سوال تي غور ڪيو ته وجود جي اصل حقيقت ڇا آهي؟ سندس فلسفي جو بنيادي خيال اھو هو ته حقيقي وجود هڪ آهي جيڪو نه پيدا ٿئي ٿو، نه فنا ٿئي ٿو ۽ نه ئي ان ۾ ڪا تبديلي يا حرڪت اچي ٿي.
سندس خيال ھو ته جيڪڏهن ڪا شيءِ واقعي پيدا ٿئي ٿي ته ان جو مطلب اھو ٿيندو ته اھا پيدا ٿيڻ کان اڳ موجود نه ھئي، پر جيڪڏهن اها مڪمل طور موجود نه هئي، يعني بلڪل “عدم” هئي، ته پوءِ اها عدم مان ڪيئن پيدا ٿي سگهي ٿي؟ ميليسس جي نظر ۾ عدم مان ڪا شيءِ پيدا نٿي ٿي سگهي.
ساڳيءَ طرح، جيڪڏهن ڪا شيءِ واقعي موجود آهي ته اها مڪمل طور فنا ٿي “عدم” ۾ تبديل به نٿي ٿي سگهي. ڇو ته ان لاءِ اهو مڃڻو پوندو ته موجود شيءِ آخرڪار مڪمل طور ڪجهه به نه رهي. ان دليل مان ميليسس اهو نتيجو ڪڍيو ته حقيقي وجود ازلي ۽ غيرفاني آهي؛ يعني ان جي نه ڪا شروعات آهي ۽ نه ئي ڪا مڪمل پڄاڻي. ميليسس پارمانڊيز جي ان خيال سان متفق هو ته وجود هڪ آهي، پر وجود جي وسعت بابت سندس راءِ پارمانڊيز کان مختلف هئي. پارمانڊيز وجود کي محدود سمجهندو هو، جڏهن ته ميليسس ان کي لامحدود قرار ڏنو. ھن اھو دليل ڏنو ته جيڪڏهن وجود محدود هجي ته پوءِ سوال پيدا ٿيندو ته ان جي حد کان ٻاھر ڇا آهي؟ جيڪڏهن ٻاهر ڪا خالي جاءِ يا عدم موجود هجي ته پوءِ وجود مڪمل ۽ هر شيءِ تي مشتمل نه رهندو، پر جيڪڏهن عدم جو ڪو وجود ئي ناهي ته پوءِ وجود جي ڪا حد مقرر ڪرڻ به ممڪن ناهي. بعد ۾ ارسطو ميليسس جي فلسفي تي تنقيد ڪئي ۽ پيش ڪيل دليلن کي پارمانڊيز جي دليلن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور سمجهيو. ارسطو خاص طور تي ميليسس جي ان دليل تي تنقيد ڪئي ته جيڪڏهن وجود لامحدود آهي ته پوءِ اهو لازمي طور هڪ ئي وجود ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟
هن تحرير جي تياري لاءِ هيٺ ڏنل ڪتابن ۽ ذريعن مان مدد ورتي وئي آهي:
.1Early Greek Philosophy-Jonathan Barnes
2. A History of Western Philosophy-Bertrand Russell
3. Treasury of Philosophy- Dagobert D. Runes
4. Wikipedia
5. Encyclopaedia Britannica
6. History of Philosophy-Dr. Taimur Rehman (YouTube)
7. مختصر تاريخ فلسفه يونان-ڊاڪٽر ويلهلم نيسل
8. يوناني فلسفي جي تاريخ-راشد دائودپوٽو
9. سائنس جي تاريخ-گروو ولسن
10. فلسفي جي تاريخ-نويد سنديلو.
ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي معتبر ۽ تصديق ٿيل علمي ذريعن مان پڻ مدد ورتي وئي آهي.
…(پورو ٿيو)…
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو