(هڪ مختصر طنزيه ڪهاڻي/مڪالمو): انڌير نگرِي، چرٻٽ راجا
Dr Muhammad ilyas Bhutto اسڪالر، تعليمدان، ليکڪ
پي.ايڇ.ڊي اقراءَ يونيورسٽي، ايم.فل ڊگري ۾ فرسٽ پوزيشن/گولڊ ميڊلسٽ، SPSC مان 2nd pos. حاصل ڪئي. هن وقت GBDC سيوھڻ ۾ پنهنجون تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. 13 ڪتابن ۽ 12 بين الاقوامي تحقيقي مقالن جا مصنف.
سيوهڻ جي ڌمال چوڪ تي ٻه استاد “مهراڻ” ۽ “موهن” هڪ هوٽل سامهون چانهن جي چُسڪين ۽ گپ شپ مان مزو وٺِي رهيا هئا. اوچتو رڙين جي آواز تي هنن جي سُرور ۾ رخنو پيو. هنن ڏٺو ته هڪ نوجوان پريشانيءَ جي حالت ۾ دانهون، ڪُوڪون ۽ رڙيون ڪري رهيو هو. هُو هوٽل ڏانهن اچي رهيو هو.
نوجوان: “الا-ڙي، بابا-ڙي، گهوڙا-ڙي! وارو ڪيو، منهنجي مدد ڪيو. ادا ڀائرو، مان ڦُرجي ويس، مان لُٽجي ويس، مان تباهه ٿي ويس! هينئر هينئر ٿاڻي واري گلِيءَ مان، ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار ٽي ڄڻا، جن جي هٿن ۾ پسٽل هئا، مون کان منهنجي 2026 ماڊل جي نئين 125 موٽرسائيڪل ۽ اوپو موبائيل فون ڦُر ڪري بند واري پاسي ڏانهن فرار ٿي ويا آهن!”
مهراڻ بنا حيران ٿيڻ جي سنجيدگيءَ سان چيو: “مبارڪ هجئي، ڀائو!”
نوجوان ڪاوڙ ۽ وائڙائپ مان پڇيو: “ڀائُو، مون کان موٽرسائيڪل ۽ موبائيل فون ڦُر ٿِي وئي آهي، تون وري مبارڪ ٿو ڏئين، چريو آهين يا صفا ٽُن آهين؟
موهن کلندي مهراڻ جو وارو کڻايو: “ها ڀائو! هي دوست ٺيڪ ٿو چويئي. تون به اڄ کان سيوهڻ جو پڪو شهري ليکبئين. هتي جنهن جي موٽرسائيڪل يا موبائيل نه ڦُرِي هجي، سو اڃان نئون مهمان ليکبو. هِيءَ اڄوڪي ڏينهن ۾چوٿين ڦُر آهي!”
ٻئي استاد کلڻ لڳا، پر سندن کل ۾ بيوسِي ۽ اندر جي پِيڙا هئي.
مهراڻ آهستي چيو: “هاڻي ته ماڻهو ڦُرن کان گهٽ، مزاحمت کان وڌيڪ ڊڄن ٿا. پاڻ واري پٽي ڀائِي مزاحمت ڪئي ته ڦورُُن کيس گوليون هڻي زخمي ڪري وڌو!”
موهن وراڻيو: “۽ جيڪو قلم سان وڙهيو، تنهن تي به رحم نه ٿيو. هڪ صحافي سچ لکيو ته کيس گوليون هڻي ڄنگهه کان هميشه لاءِ معذور ڪيو ويو! هِتي سچ ڳالهائڻ ۽ حق جو ساٿ ڏيڻ سڀ کان وڏو ڏوهه آهي.”
مهراڻ چانهه جو ڍڪ ڀريندي چيو: “۽ جيڪڏهن قسمت وڌيڪ خراب هجي ته پوءِ ٿاڻي ۾ انصاف ملڻ بدران زندگي ئي کسجي وڃي ٿي؛ اکين ڏٺِي ڳالهه آهي، سال کن اڳ هڪ ڳڀرو نوجوان ٿاڻي اندر حراست دوران ئي تشدد ۾ مري ويوهو!”
موهن ڪنڌ لوڏي چيو: ”ڀائو، هتي ته اسپتال ۾ مسيحا کان وٺي پٽيوالي تائين هر ملازم طبي دوائن ۽ اوزارن جي چوري ۽ ڦرلُٽ ۾ ملوث آهي.”
مهراڻ ٽهڪ ڏيندي چيو: ”رڳو اسپتال؟ هر کاتي ۽ اداري ۾ بدعنواني عروج تي آهي! تعليم ۽ ميونسپل کاتن ۾ ترقياتي ڪمن جي هڻ وٺ لڳي پئي آهي. پاڻ واري اداري ۾ مرمت جي مَد ۾ آيل 43 لک رپين ۾ رڳو بلڊنگ کي پُڙين وارو رنگ روغن ڪيو ويو! صوم صلوات جا پابند ٺيڪيدار اهڙو ناقص تعميري سامان استعمال ڪن ٿا جو روڊ جو افتتاحي رِبِن ڪٽجڻ کان اڳ ئي ڪجھه هنڌن تان اکڙڻ شروع ٿِي ويندو آهي!
موهن چيو: ”پر ميڊيا ۾ هر وقت اهي چوٻول هلن پيا ته سيوهڻ وڏي ترقي ڪري رهيو آهي!”
مهراڻ وراڻيو: ”هائو وزيراعليٰ جو شهر ترقي ته ڪري رهيو آهي، پر رستن جي کڏن کُٻن ۽ کاهين ۾؛ گهرن، دڪانن ۽ عوامي عمارتن جي ڏارن ۾؛ بدعنواني، بدنظمي ۽ بدامني ۾؛ چورين، ڦرن ۽ ڌاڙن ۾؛ جُوا ۽ منشيات ۾…!”
ائين ئي ڳالهين ڪندي سوين ماڻهن جو هڪ جلوس لنگهيو. اهي پاڻي، بجلي ۽ گيس جي بحالي لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا.
موهن جلوس ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”ڏس، هي ٻَٻُرن کان ٻير گهرڻ نڪتا آهن، پنهنجا حق گهرڻ نڪتا آهن!”
مهراڻ مُرڪي چيو: ”بروبر، حق ته انهن کي مِلن يا نه، پر شام تائين کين پاڻ مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر ضرور مِلي ويندي!”
ٻئي ڄڻا وري کلي پيا. ڪجھه ئي دير ۾ کين سامهون کان هڪ ٻيو وڏو جلوس نظر آيو، پر هي جلوس پهرئين کان بلڪل مختلف هو. هن ۾ دُهل، شرنائيون، اڀ ڏاريندڙ سياسي نعرا ۽ گلن جا هار هئا.
موهن حيران ٿي پڇيو: ”واهه! رنگِي تنهنجا رنگ، ڪٿي خوشيون ته ڪٿي غم! هي وري ڪهڙي بهادر جو آڌرڀاءُ ٿي رهيو آهي؟“
مهراڻ اکين ۾ طنز آڻي چيو: ”نه سائين! هي اهي ئي آهن، جن اسان جي شهر جو سُڪون ڦُري ورتو آهي ۽ عوام کي آزار ۾ وڌو آهي. اسان وٽ عجب دستور آهي؛ جيڪو شهر کي کنڊر بڻائي، تنهن کي هار پارايو وڃي ۽ جيڪو شهر بچائڻ جي ڳالهه ڪري، تنهن کي ڦورن، ٿاڻن يا گولين جو بکُ بڻايو وڃي!”
موهن وڏو ساهه کڻي چيو: ”ڀائو، پوءِ ته هي واقعي انڌير نگري آهي!”
مهراڻ چانهه جو آخري ڍُڪ ڀريندي مُرڪيو: ”ها، هتي انڌير نگري۽ چرٻٽ راجا وارو دور آهي… هتي انصاف مهمان آهي، نااهلي ميزبان آهي؛ سچ جوابدار آهي، ڪُوڙ سرڪاري شاهد آهي؛ پر عوام ڇا آهي؟“
موهن سنجيدگي جي خمار ۾ٽُٻِي ڏيندي وراڻيو: ”عوام ته رڳو تماشائي آهي، جيڪو هر نئين حادثي تي ٻه منٽ افسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ ايندڙ جلوس ۾ ڪنهن پراڻي پاپِيءَ کي هار پارائي ٿو!”
ٻئي خاموش ٿي ويا. هوٽل واري ٽِي وِي ۾ هلندڙ سنڌي چينل تي وزيرِاعليٰ سنڌ جو سيوهڻ جي تازي دوري پڄاڻان سياسي ۽ سماجِي اڳواڻ “صابو” پاران آجياڻي طور دهلن، شرنائين ۽ اڀ ڏاريندڙ نعرن جي گونج ۾ گلن جا هار پارايا پئي ويا. ٽِي وِي تي وڏي وزير جو هِي بيان هلي رهيو هو: “سيوهڻ ۾ امن امان جي صورتحال مڪمل طور تي ضابطي هيٺ آهي، اتي هن وقت تائين جا وڌ ۾ وڌ ترقياتي ڪم جاري آهن ۽ هن شهر کي جلد ئي گرين سٽي ۾ تبديل ڪيو ويندو!”
مهراڻ ۽ موهن هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ بي اختيار ايترو ته زور سان کِليا، جو سندن اکين مان ڳوڙها وهِي نڪتا. ڪنهن کي خبر نه پئِي ته اهي ڳوڙها خوشيءَ جا هئا يا سيوهڻ جي قسمت تي ماتم جا!
(نوٽ: هن ڪهاڻي ۾ شامل سڀ واقعا حقيقي آهن ۽ مختلف وقتن تي مختلف ادارن ۾ سيوهڻ جي ماڻهن سان پيش اچي چڪا آهن)
هي مضمون ڪيئن رهيو؟