مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

علم ۽ ادب جو هڪ روشن ستارو: سيد زوار شاهه نقوي

Iqbal Baloch ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڪالم نگار، شاعر

8 ڪتابن جو ليکڪ، ٻاراڻو ادب لکندڙ، سنڌ ٽريزري مان رٽائرڊ.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي سدا بهار شخصيت، علم ۽ ادب جو جرڪندڙ ستارو، هر وقت تحرڪ وارو مزاج ۽ سٺو سڀاءَ، سڀني دوستن سان پيار ڪندڙ، پر خلوص جذبا رکندڙ، محبت سان ڀريل شخص، علم ۽ ادب جي هر صنف تي لکندڙ، هڪ باوقار، پر عزم، جهانيان جي جهانديده شخصيت “سائين سيد زوار علي شاھ نقوي” جنهن جي علمي، ادبي توڙي سماجي خدمتن تي ويهي لکجي ته ڪيئي ڪتاب لکجي ويندا. منهنجا لفظ کٽي پوندا ۽ لفظن جي هن ويڙهه ۾ مان يقينن هارائي ويندس.
سنڌ جي هي سدا بهار شخصيت ٽنڊو جهانيان جي سائين ويڌل شاھ نقوي جيڪو پنهنجي تر جو مشهور زميندار هو پيري مرشدي ورثي ۾ مليل حيدرآباد جي بي ڊي نظام جو چيئرمين، جنهن گدو بندر جو نالو بدلائي حسين آباد رکيو، هن جي گهر ٽنڊو جهانيان سول لائين حيدرآباد جي وڏي حويلي ۾ پهريون پٽ 15 جنوري 1962 تي جنم وٺي ٿو، جنهن جو نالو زوار علي شاهه رکيو ٿو وڃي. سائين زوار شاھ پنهنجن ٻن ڀائرن کان وڏي پٽ جي حيثيت حويلين جي پينگهن ۽ جهولين ۾ پلجي اڳتي هلي علم، ادب ۽ سماجي حيثيت ۾ پنهنجو وڏو نالو ڪمائي دنيا جهان ۾ روشن ٿو ڪري.
سيد ويڌل شاھ جي درگاھ جو موجوده گادي نشين سائين زوار شاھ نقوي جنهن پنهنجي پرائمري تعليم (1967/72) تائين ٽنڊو جهانيان جي پرائمري اسڪول مان، سيڪنڊري تعليم (1972/77) تائين حيدرآباد جي مشهور تعليم گاهه نور محمد هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. جڏهن ته فرسٽ ايئر ۽ انٽر (1977/79) جي تعليم هن سچل ڪاليج حيدرآباد، بيچلر ۽ ماسٽر جون ڊگريون هن 1984 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيون. تنهن کانپوءِ سائين ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي.
سنڌ جي عظيم روحاني خاندان جي نور چشم سائين زوار شاھ پنهنجي اعليٰ تعليم سان گڏ پنهنجي نوڪري جو به شاندار ۽ اعليٰ رتبو ماڻيو. ڪميشن پاس ڪرڻ کانپوءِ ليڪچرار جي پوسٽ حاصل ڪئي. ان کان اڳ ڪميونيڪيشن ورڪس ۽ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ هيڊ ڪلارڪ طور نوڪري ڪئي، پوءِ کيس 1988 ۾ انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ان وقت جي مشهور ۽ مقبول مئگزين “نئين زندگي” جي ايڊيٽر طور فرض سونپيا ويا، جنهن ۾ ادبي طور هن وڏي شهرت ڪمائي. 1991 ۾ ڪميشن پاس ڪرڻ بعد سچل ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ليڪچرار کان پرنسپال تائين پهچندي 2022 ۾ نوڪري تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي.
رلڻو ملڻو ۽ کلڻو، يارن جو يار زبان جو مٺو، ڪچهرين جو ڪوڏيو پنهنجي بلند اخلاقي ۽ وسيع تر دوستين جو طبقو رکندڙ هن شخص نوڪرين جا ٻيا به ڪيترا رتبا حاصل ڪيا. سدائين پنهنجون نوڪريون مٽايون ۽ مان واريون ڪرسيون حاصل ڪيون، جنهن ۾ سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد/ميرپورخاص، ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز حيدرآباد ۽ ميرپورخاص، ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر ڪاليجز ڄامشورو ۽ ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر ايڊيوڪيشن ٿرپارڪر پڻ رهيو.
اهو ته هو سائين جي نوڪرين جو هڪڙو پاسو، سندس زندگي جو ٻيو ورق ٿو اٿلائجي ته هو سنڌ جي ڄاتل سڃاتل درگاھ جهانيان جو گادي نشين آهي. 2007 ۾ پنهنجي والد سيد ويڌل شاھ جهانيان جي وفات کانپوءِ هو مذڪوره گاديءَ جو سجاده نشين بڻيو، پر سندس شخصيت ۾ ڪٿي به مرشدن وارو روپ نظر نه آيو آهي.
ٽنڊو جهانيان جنهن ۾ سندس علمي، ادبي ۽ ثقافتي خاندان جيڪو ٻن صدين کان رهندو پيو اچي، انهيءَ خاندان جي نور چشم سائين زوار شاھ نقوي جي شادي پنهنجي ئي خاندان ۾ 1980 ڌاري ٿي. سندس اولاد ۾ هڪ پٽ، ٽي نياڻيون اٿس جيڪي سڀ تعليم جي اعليٰ درجي تائين پهتل آهن. سائين زوار شاھ نقوي جي تعليم ۽ نوڪرين جي مٿانهين پوسٽن تي پهچڻ کان علاوه هو ادبي دنيا جو به هڪ ڄاتل سڃاتل انتهائي نالي وارن مڃيل ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. ادب جي دنيا جو هن وقت هو هڪ معتبر نالو آهي.
پاڻ ادبي کيتر ۾ 13 سالن جي ڪچڙي ڄمار ۾ هڪ ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي. سندس يادگيري موجب اها 1975 ۾ عبرت ميگزين ۾ شايع ٿي هئي، پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هو ادبي دنيا ۾ ڇانئجي ويو. سندس مواد سنڌ جي ننڍن وڏن رسالن، مئگزينن، اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي، اڄ سندس شمار ادبي دنيا جي وڏن نالن ۾ ٿئي ٿو. ادب جي دنيا جو هڪ روشن ستارو سائين زوار شاھ ادبي استادن ۾ آگم پبليڪيشن جي روح روان سائين نثار حسيني جنهن سندس ذهني پرورش ڪئي کي پنهنجو فڪري استاد مڃي ٿو.
سنڌ جي هن بهترين ليکڪ جا 13ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
(1) چراغ شام (شاعري) 1979، (2) زندگي او زندگي (ڪهاڻيون) 1981، (3) رات رني ڪوٽ ۾ (ناوليٽ) 1981، (4) پل پل (شاعري) 1987، (5) ماڻهو مڻيادار (ترتيب) 2010، (6) منهنجو بابا سائين (ترتيب) 2019، (7) ڪهاڻي ترتيب (جلد: 1,2,3)، 2020 کان 2022، (8) ڳالھه هڪ دور جي (ڪالم) 2021، (9) خوابن جي لفافي ۾ ويڙهيل ڳالهيون (تاثر، خاڪا، تعارف، مهاڳ، تبصرا) 2025.
ان کانسواءِ ليکڪ تي ڇپيل ڪتاب:
(10) سيد زوار نقوي فن ۽ شخصيت (اينٿالاجي) مرتب وفا مولا بخش 2022،
(11) گهاٽي جهڙ مان چنڊ چمڪي ٿو. (مضمون) مرتب شفقت گاڏهي 2026. ايندڙ ڪتابن بابت سائين ٻڌايو ٻه ڪتاب تمام جلد پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچندا.
(12) اک ۾ ڳوڙها هٿ ۾ گجرا (خاڪا، مهاڳ، تعارف، تاثر، ڪالم)
(13) اکين جي صليبن ۾ لٽڪيل خواب (شاعري).
زوار نقوي علم ۽ ادب جو وڏو نالو جنهن جي عزت جو تمام وڏو مقام آهي، جيڪو عزتون وٺڻ ۽ عزتون ڏيڻ جا سڀ گر ڄاڻي ٿو. هن کان پڇيم ته ادب ۾ ڪنهن کان متاثر آهيو؟
چيائين ادب ۾ او هينري، شيخ اياز، آغا سليم، فيض احمد فيض ۽ مرزا غالب کان تمام گهڻو متاثر آهي. سياست ۾ هو ڪنهن هڪ سياستدان کان به متاثر ناهي. علم ۽ ادب جي لازوال شخصيت کان مليل ايوارڊن بابت پڇيم ته چيائين ڪيترائي ايوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ مليا اٿم جن جون ٻه الماريون سينگاريل ۽ ڀريل آهن.
سائين زوار شاھ نقوي جون ادبي ميدان ۾ وڏيون خدمتون آهن. هو هن وقت به موجوده سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جو سيڪريٽري آهي. ان کانسواءِ ڪجھه ماضيءَ جي ٻين خدمتن تي نظر ٿي وجهجي ته هن طرح جون خدمتون نمايان نظر اچن ٿيون.
سنڌي ادبي فورم، هفتيوار پنجتني جو ايڊيٽر، ايڊيٽر ماهوار نئين زندگي، ايڊيٽر روزانه سنڌو، ايڊيٽر ڪاليج مئگزين، گورنمينٽ بوائز ڪاليج قاسم آباد/مسلم سائنس ڪاليج، اعزازي ايڊيٽر ماهوار منفرد مئگزين، اعزازي ايڊيٽر پندره روزه “ٻارن جي دنيا” حيدرآباد، ايڊيٽر ماهوار نيوز بليٽن ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڄامشورو کان علاوه ڪيترن ئي علمي ادبي سرگرمين سان سلهاڙيل نظر آيو. هن وقت به سنڌي ادبي سنگت جون هفتيوار دستوري گڏجاڻيون سندس نگراني هيٺ باقائدگيءَ سان ٿينديون رهنديون آهن.
سيد زوار نقوي جنهن جي گفتگو ۾ دلڪشي ۽ رواني محسوس ٿي ٿئي، جنهن جي طبيعت ۾ هميشه مٺاس ڀريل هجي هن کان هلڪا ڦلڪا سوال ڪندي پڇيم:
توهان جو وڻندڙ شهر ڪهڙو آهي؟
بي ڌڙڪ هڪڙي ئي شهر جو نالو وٺندي چيائين “حيدرآباد” جيڪو محبتن جو، ادبي مرڪز ۽ گهٽ فاصلاتي شهر آهي، جتي ڪنهن وٽ به ۽ ڪٿي به ڪجھه منٽن ۾ پهچي سگهجي ٿو، جنهن جي شام ۽ رات ٿڌڙين هوائن جي ڪري دل ٺاري ٿي ڇڏي.
ڪپڙن جي رنگن ۾ کيس گري، بليڪ ۽ بليو پسند آهن.
موسم بهار جي، خوشبوءِ موتئي جي، پهرن ۾ فجر جو سج اڀرڻ کان اڳ وارو پهر.
وڻندڙ کاڌن ۾ ڏڌ ماني، انبڻين جي چٽڻي، وڻندڙ فنڪارن ۾ جڳجيت سنگھه، چترا، عابده پروين، محمد يوسف ۽ مُني بيگم پسند آهن.
پنهنجي زندگي ۾ هميشه مصروف، جانفشاني، ايمانداري ۽ محنت سان ڪم ڪندڙ ۽ اعليٰ ادبي عهدا ماڻيندڙ شخص زوار نقوي کان پڇيم ته زندگي ڇا آهي…؟
مختصر، پر شاندار جواب ڏيندي چيائين، زندگي هڪ خوبصورت خواب آهي، زندگي سڄي خوبصورت آهي.
پيار ڇا آهي؟ احساس، عورت ۽ مرد توهان جي نظر ۾…؟ مالڪ جون خوبصورت تخليقون…
رشتيدارن جي پيار مان مطمئن آهيو…؟
چيائين، رشتيدارن ۾ ويجهي ۾ ويجھا رشتا ماءُ پيءُ ۽ ڀيڻ ڀائرن جا آهن، انهن جي پيار مان مطمئن آهيان.
سڀ کان وڌيڪ ڪنهن کي عزيز ٿا سمجهو…؟ ڀاءُ ۽ پٽ کي.
ڪا خوشي جنهن توهان جي زندگي بدلائي ڇڏي هجي…؟ بابا جو پيار.
ڪو اهڙو غم جيڪو وسري نه سگهيو هجي…؟ بابا جو وڇوڙو.
ڪا اهڙي خواهش جيڪا پوري ٿي هجي ته توهان خوش ٿيا هجو…؟
سڀ خواهشون پوريون ٿيون اٿم، رب پاڪ جا ڪرم آهن.
ڪا اهڙي خواهش جيڪا رهجي وئي هجي…؟
چيائين ها هڪ خواهش اهڙي هئي جيڪا پوري ٿيندي ٿيندي رهجي وئي جنهن کي سيغهءِ راز ۾ ٿا رکون.
آخري سوال پڇيم ته طبيعت ۾ ڪيئن آهيو، خوش مزاج، رکا رکا، ماٺيڻا يا نارمل؟
جواب ۾ چيائين آئون ڪيئن آهيان اها راءِ منهنجي لاءِ ٻيا ماڻهو قائم ڪري سگهن ٿا.
آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ پيغام…؟
ٻارن کي پڙهايو، ماڻهن جي سيوا ڪريو، عاجزي انڪساري ۽ هٿ جوڙ ۾ وڏي ڪرامت آهي. وقت عاجزي سان ئي گذارجي جنهن ۾ وڏي عزت نصيب ٿئي ٿي.
مون کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي آهي جو مون اهڙي علمي ۽ ادبي شخصيت جو پروفائل لکيو آهي، جنهن تي تمام گهڻا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن توڙي جو زوار نقوي نه ڪنهن کان ڳجهو آهي ۽ نه ئي ڪنهن تعارف جو محتاج آهي، پر متان هن پروفائل ۾ چند نيون ڳالهيون پڙهندڙن کي ملي پون، پر مون پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي آهي ته زوار نقوي جي مدبرانا شخصيت تي ڪجھه نئين انداز سان لکي وڃان.
سائين زوار نقوي موجوده وقت سينيئر اديبن ۾ وڏو مان رکندڙ ۽ عزتون ماڻيندڙن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن وقت ڪنهن به قسم جو علمي توڙي ادبي پروگرام هجي، ڪنهن جي ڪتاب جو مهورت هجي يا ڪنهن ادبي رهاڻ جو پروگرام هو اسٽيج تي ويهندڙ بهترين اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو. تقريبن هر پروگرام جي صدارت ڪري رهيو هوندو آهي يا خاص مهمان جي حيثيت ۾ عزتون ماڻي رهيو هوندو آهي. هو اسٽيج جو بادشاهه آهي، هر قسم جي تقريب جي مناسبت سان دليلن تي ٻڌل شاندار تقرير ڪرڻ جي مهارت رکي ٿو.
پنهنجي نوڪري تان جيئن رٽائرڊ ٿيو تيئن هن ادبي کيتر کي وڌيڪ وقت ڏيڻ شروع ڪيو آهي. هن وقت هو ادبي دنيا جو مصروف ترين ۽ اهم حيثيت رکندڙ شخص چئي سگهجي ٿو. سنڌ جو هي عظيم ليکڪ ۽ فرزند جنهن جو قلم ادب جي هر صنف تي هليو آهي ۽ هلي رهيو آهي. جيڪو گهڻ پاسائون ليکڪ آهي. هو ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نگار، خاڪا نويس، تبصره نگار ڪالم نگار، مهاڳ، تعارف، تاثر، مضمون نگار مطلب ادب جي هر صنف تي اڃان تائين نه صرف لکي رهيو آهي، پر علم ۽ ادب جي هر فورم ۾ پنهنجون علمي ۽ ادبي خدمتون خوش اسلوبي سان سر انجام ڏئي رهيو آهي.
جهانيان جي درگاھ، اوطاقون، ڪربلا دادن شاهه، انجمن اماميه، قدم گاهه مولا علي عليه السلام جو وڏڙن کان وٺي سرپرستي ڪندڙ سائين زوار شاھ نقوي اڄ به پنهنجا آستانا سنڀاليو چهري تي مرڪون سينگاريو پنهنجن غمن کي لڪايو، لوڪ لاءِ سوچيندڙ، انهن جي دردن کي محسوس ڪندي انهن جي دردن جي دوا ڪرڻ جون عملي تدبيرون پيو کڻندو آهي. سنڌي ادب جو هي روشن ستارو اڄ به پنهنجي جاهه جلال سان افق تي چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪي رهيو آهي. سدائين مهڪندڙ ۽ مرڪندڙ سائين زوار شاھ نقوي ڪڏهن به ڊنو ناهي، ڪڏهن به جهڪيو ناهي ۽ ڪڏهن به ٿڪو ناهي.
جانب جئين شال چمڪين چوڏهين چنڊ جيان
جرڪايو جهان کي تنهنجي جوت جمال
ملندا ڪونه مثال ساجن تنهنجي سونهن جا.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو