مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

استاد دشمن حڪمرانيءَ جو شرمناڪ منظر!

Muhi uddin Jokhio

تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

استاد ڪنهن به سماج جو سڀ کان معتبر ۽ ذميوار ڪردار هوندو آهي. هو قومن جي ذهنن کي روشن ڪرڻ، نسلن جي تربيت ڪرڻ ۽ سماج کي شعور جي واٽ ڏيکارڻ جو ڪم ڪندو آهي، پر جڏهن ڪنهن سماج ۾ استاد کي پنهنجي جائز حقن لاءِ روڊن تي اچڻو پوي، جڏهن سندس آواز ٻڌڻ بدران مٿس تشدد ڪيو وڃي، جڏهن سندس هٿ ۾ ڪتاب بدران احتجاج جو بينر هجي ۽ سندس سوالن جا جواب ڳالهين بدران ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽر ڪينن سان ڏنا وڃن، تڏهن سمجهڻ گهرجي ته مسئلو رڳو استادن جو ناهي، پر سڄي سماج جي اخلاقي ۽ حڪومتي نظام جي زوال جو آهي.
4 نومبر 2026ع تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ جي پرائمري استادن سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، اهو انتهائي افسوسناڪ، مذمت جوڳو ۽ حڪومتي روين تي هڪ وڏو سوال آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن مان آيل استاد پنهنجي سروس اسٽرڪچر جي بحالي، ترقين، پگهارن جي گريڊن ۾ واڌ، مقرريءَ جي اصل تاريخ کان ريگيولر حيثيت ۽ ٻين بنيادي ملازمتي حقن لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا. سندن ارادو پنهنجن مطالبن کي حڪومت تائين پهچائڻ ۽ وزير اعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ هو، پر کين ٻڌڻ ۽ ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ بدران پوليس جي طاقت سان روڪيو ويو. ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙن کي حراست ۾ ورتو ويو.
سوال اهو آهي ته آخر سنڌ جا استاد ڪهڙو ڏوهه ڪري رهيا هئا؟ ڇا پنهنجن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ آواز اٿارڻ ڏوهه آهي؟ ڇا سروس اسٽرڪچر گهرڻ بغاوت آهي؟ ڇا پنهنجي حق جي ڳالهه ڪرڻ رياست جي اختيارن کي چئلينج ڪرڻ برابر آهي؟ جيڪڏهن استاد کي به پنهنجي مسئلن بابت ڳالهائڻ جي آزادي نه هوندي ته پوءِ عام شهريءَ جي آواز جي ڪهڙي حيثيت رهندي؟
حڪومت کي شايد اهو احساس ئي ناهي ته جن استادن کي اڄ روڊن تي بيهاري تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اهي ئي استاد پنهنجي زندگيءَ جا قيمتي سال اسڪولن ۾ ٻارن جي مستقبل لاءِ وقف ڪندا رهيا آهن. انهن ئي استادن جي محنت سان آفيسر، وزير، مشير، سياستدان ۽ حڪمران پيدا ٿيندا آهن. اقتدار جي ايوانن ۾ ويٺل ماڻهن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته سندن تعليمي بنياد ڪنهن استاد ئي رکيو هو. اڄ جيڪڏهن اهو استاد پنهنجي حق لاءِ آواز بلند ڪري ٿو ته ان جو جواب لٺ، شيلنگ ۽ پاڻيءَ جي توپ سان ڏيڻ ڪهڙي قسم جي حڪمراني آهي؟
سنڌ حڪومت کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته استادن جا مطالبا ڪا اوچتي پيدا ٿيل خواهش ناهن. سروس اسٽرڪچر، وقت سر ترقيون، مقرريءَ جي تاريخ کان ريگيولرائيزيشن، بدلين جي اختيارن، ڪلسٽر حب پاليسي ۽ ننڍن سرڪاري اسڪولن جي ضم ٿيڻ بابت خدشا ڊگهي عرصي کان موجود آهن. جڏهن انتظامي ادارا مسئلن کي مسلسل نظرانداز ڪندا رهن ٿا ته احتجاج جنم وٺندا آهن. احتجاج جو سبب پيدا ڪندڙن کي ڇڏي احتجاج ڪندڙن کي سزا ڏيڻ ڪنهن به ذميوار حڪومت جي سڃاڻپ نٿي ٿي سگهي. هڪ طرف حڪومت تعليم جي بهتريءَ جا دعويٰ ڪري ٿي، ٻئي طرف تعليم جي بنيادي ڪردار، استاد، کي پنهنجي جائز حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ تي طاقت جي استعمال سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. سوال اهو آهي ته ڇا صرف اسڪولن جون عمارتون ٺاهڻ، پاليسيون جاري ڪرڻ ۽ تعليمي انگ اکر پيش ڪرڻ سان تعليم بهتر ٿيندي؟ هرگز نه! تعليم جي بهتريءَ لاءِ سڀ کان پهرين استاد جي عزت، معاشي تحفظ، ذهني سڪون ۽ پيشاوراڻه وقار کي يقيني بڻائڻو پوندو.
سنڌ جي حڪمرانن کي اهو به سوچڻ گهرجي ته جنهن استاد جي ذميواري ٻارن کي برداشت، جمهوري قدرن، قانون جي احترام ۽ اختلافِ راءِ جي اهميت سيکارڻ آهي، جيڪڏهن ان سان ئي طاقت ۽ تشدد جي ٻولي ڳالهائي ويندي ته شاگردن تائين ڪهڙو پيغام پهچندو؟ اسڪولن ۾ ٻارن کي ٻڌايو ويندو ته مسئلا ڳالهين سان حل ٿيندا آهن، پر جڏهن استاد پاڻ ڳالهين جي حق کان محروم نظر ايندو ته حڪمرانن جي تعليم ۽ تربيت بابت دعوائن جي اخلاقي حيثيت ڪٿي رهندي؟ اسان سمجهون ٿا ته حڪومت وٽ انتظامي قانون لاڳو ڪرڻ جا اختيار ضرور آهن، پر انهن اختيارن جو استعمال انصاف، برداشت ۽ قانون جي دائري اندر ٿيڻ گهرجي. پرامن احتجاج کي طاقت سان چيڀاٽڻ بدران احتجاج ڪندڙن سان ڳالهائڻ، سندن مطالبا ٻڌڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ واضح وقت مقرر ڪرڻ ئي هڪ جمهوري حڪومت جو فرض آهي. اسان سنڌ حڪومت، وڏي وزير، تعليم واري وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته اڄوڪي واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، تشدد ۽ غير ضروري طاقت جي استعمال جا ذميوار اهلڪار جوابده بڻايا وڃن، حراست ۾ ورتل استادن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي ۽ استادن جي جائز مطالبن تي سنجيدگيءَ سان فيصلو ڪيو وڃي.
آخر ۾ حڪمرانن کي هڪ ڳالهه ضرور ياد رکڻ گهرجي:
استاد جي هٿ ۾ قلم هجي ته قومون ترقي ڪنديون آهن، پر جڏهن ان ئي استاد کي پنهنجو قلم ڇڏي حقن لاءِ روڊن تي اچڻو پوي ته اها رڳو استاد جي ناڪامي نه، پر حڪمرانن جي حڪمرانيءَ جي ناڪامي هوندي آهي. استاد کي عزت ڏيو، سندس آواز ٻڌو، سندس حق تسليم ڪريو. ڇو ته استاد جي تذليل دراصل علم، شعور ۽ مستقبل جي تذليل آهي. سنڌ کي اهڙي حڪمرانيءَ جي ضرورت آهي، جيڪا استادن کي شيلنگ سان نه، پر سندن مسئلا حل ڪري جواب ڏئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو