ناول “اڪيلائيءَ جِي آلودگي” تي هڪ نظر
Dr Muhammad ilyas Bhutto اسڪالر، تعليمدان، ليکڪ
پي.ايڇ.ڊي اقراءَ يونيورسٽي، ايم.فل ڊگري ۾ فرسٽ پوزيشن/گولڊ ميڊلسٽ، SPSC مان 2nd pos. حاصل ڪئي. هن وقت GBDC سيوھڻ ۾ پنهنجون تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. 13 ڪتابن ۽ 12 بين الاقوامي تحقيقي مقالن جا مصنف.
مجيب اوٺي جو ناول (111 صفحا) گذريل سال آڪٽوبر 2025ع ۾ سيوِن اِسٽار پبلشرز حيدرآباد طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو. اڄ آئون هن مختصر ناول جو مختصر جائزو پيش ڪري رهيو آهيان.
ناول “اڪيلائيءَ جي آلودگي” گهڻو تڻو داخلي خود ڪلامي (Inner Monologues) تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي “شعور جي اَجهل ڌارا” (Stream of Consciousness) جون جهلڪيون پڻ ملن ٿيون. هن ناول جو مک ڪردار هادي (عبدالهادي) آهي، جيڪو هڪ پاسي واندي هجڻ ۽ والد جي مفت مليل دولت هجڻ سبب اڪيلائيءَ جو شڪار بڻيل آهي ته ٻئي پاسي ڪيمپس (پڙهائيءَ) کي ڇڏي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي عياشيءَ لاءِ اڪيلو رهِي پنهنجي والد کي پڻ اڪيلائي جي عذاب ۾ مبتلا ڪري ٿو. هُو اڪيلائي کي دُور ڪرڻ لاءِ شراب، ڪباب، شباب، ڪتاب ۽ سمنڊ جي سَير ۾ پناهه وٺڻ جو عادي بڻيل آهي. هي ناول هڪ ڀٽڪيل، آوارا ۽ بنا مقصد زندگي گذارڻ واري ڪردار (هادي) جي خود ڪلامي آهي، جنهن ۾ هو خود ساخته داخلي دنيا جي ويڳاڻپ جو شڪار آهي، سندس سفر پنهنجي داخلي دنيا کي سمجهڻ ۽ ان کي معنيٰ ڏيڻ جي پُر پيچ پيچرن ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ منزل ماڻڻ کان رهجي وڃي ٿو.
سمنڊ، ڪتاب، عورت ۽ شراب منجهه منهنجي زندگيءَ جي ظالم بي چينيءَ جو چين هو، اهي سموريون راحتون مون کي هر پل ميسر هيون، اڪثر اهي راحتون منهنجي روح لاءِ اڪسير هيون، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن جي ڪثرت مون لاءِ زهر بڻجي ويندي هئي ۽ پوءِ مان اڪيلائيءَ ۾ انهيءَ جو ترياق ڳولڻ لڳندو هئس (اوٺو، ص. 47).
هن ناول ۾ عورت کي گهڻو تڻو هڪ وکر، شيءِ، وئيشا ۽ مرد جِي جنسي تسڪين جي اوزار طور پيش ڪيو ويو آهي. توڙي جو فاضل ليکڪ ناول جي هيرو هادي جي خود ڪلامي ۽ سندس واتان ان معاملي تي فڪري طور پريشان نظر اچي ٿو ۽ ڪيترائي سوال اٿاري ٿو، پر پوءِ به عملي طور هُو عورت کي هڪ شيءِ ۽ جنسي تسڪين جي اوزار کان مٿڀرو رتبو ڏيندي نظر نٿو اچي!
ناول پڙهندي مون کي محسوس ٿئي ٿو ته ان جو هيرو هادِي (يا سندس ليکڪ) او سِي ڊي Obsessive Compulsive Disorder جو شڪار آهي. ڇو ته هن مٿان شراب سان گڏ جنسيت جو ڀوت پڻ هر وقت سوار رهي ٿو. او سِي ڊِي جا چار ئي مرحلا (آبسيشن يا غلبو: مخصوص خيال جو بار بار ذهن ۾ اچن ٿا؛ تشويش: اهي خيال ان فرد ۾ شديد تشويش، خوف ۽ نفرت پيدا ڪن ٿا؛ ڪمپلشن يا مجبور ٿيڻ: اهو فرد ان تشويش، خوف ۽ نفرت جي اثر هيٺ مخصوص عمل بار بار دهرائي ٿو؛ آرام: نتيجي ۾ ان فرد کي وقتي آرام ملي ٿو ۽ اهو چڪر وري وري دهرائجي ٿو.) ناول جي مک ڪردار هادي تي پورا ٺهڪي بيهن ٿا. هادي گهڻو تڻو اڪيلو رهي ٿو؛ شراب، جنسي عمل، بدلي ۽ خودڪُشي بابت تمام گهڻو سوچيندو رهي ٿو؛ سندس جاڳ وارو وقت نشي ۽ انيڪ عورتن سان جنسي لاڳاپن ۽ عياشين ۾ گذري ٿو؛ هر عورت، جنهن کي هُن ڪٿي هڪ نظر ئي ڏٺو هو، سان حقيقت يا خواب ۾ جنسي عمل ڪري ٿو؛ جيڪڏهن وٽس ڪا عورت ميسر نه آهي ته اتي هو خود لذتي وسيلي انزال ماڻي سُڪون حاصل ڪري ٿو. ٻئين باب مان ڪجھه پيراگراف ملاحظه ڪريو:
“هڪ هٿَ ٿورو دروازو کوليو ته، خاموشيءَ جو انت آيو ۽ ڪاٺ جي دروازي چيڪٽ ڪيو آهي. انهيءَ ساعت ۾ عورت ڪمري ۾ نهاري ٿي، هن جي اکين ۾ اڃ آهي ۽ سندس رويي مان اتاولائي اڏامي رهي آهي. مون سندس اکين ۾ ڏسي ورتو آهي ته هوءَ مون کي ڏنگڻ نه آئي آهي ۽ نه ئي مون کي پِي هلي ويندي، هوءَ منهنجي جسم جي ٻوٽي ۾ رهڻ آئي آهي. شايد ائين نه به هجي.
عورت جي هلڻ سان ڪمري ۾ هڪ عنبر اٿيو آهي، جنهن منهنجي من کي معطر ڪري ڇڏيو آهي، هن جي سرهاڻ منهنجي سرير ۾ پيوست ٿي رهي آهي، مان جلد کيس محسوس ڪرڻ چاهيان ٿو، سندس سنهيون ٽنگون اگهاڙيون آهن، کيس هڪ وڏو ڪارو ڪوٽ پهريل آهي، جيڪو سندس گوڏن تائين مس ٿو پهچي.
مان پنهنجي بيڊ تان اٿي، ٽالهيءَ جي ڪرسيءَ تي ويهان ٿو. ان جا پاسا خالي آهن. مان پنهنجون ٽنگون الڳ الڳ پاسن ڏانهن ڪري ڇڏيان ٿو. هوءَ مون سان ڪجھه به نٿي ڳالهائي ۽ نه ئي مان ساڻس ڪو لفظ ڳالهائڻ چاهيان ٿو. هوءَ ويجھو اچي ٿي ۽ هڪ نويليءَ ادا سان منهنجي هنج ۾ ويهي ٿي.
هن ۾ وزن ناهي، پنهنجي هيئت ۾ هلڪي آهي، هن بيحد آرام سان منهنجي چپن تي پنهنجا چپ رکيا آهن، جن تي ناسي گهري لپ اسٽڪ پيوست آهي.
مون سندس ڪوٽ لاهڻ چاهيو آهي، ٻئي پل سندس جسم ڪوٽ کان آجو آهي. کيس پوري پني ڇاتي آهي، هن جا پستانَ لاٽونءَ جيان آهن، مان پنهنجي ساڄي هٿ سان سندس کاٻو پستان پڪڙيان ٿو، مڪمل طرح سان منهنجي هٿ ۾ اچي ويو آهي. هوءَ چاهت جي جبل جي چوٽيءَ تي آهي. اچانڪ مون کي ڪنڌ ۾ کاٻي ڪن جي هيٺان هيٺان چڪ هڻي ٿي. مون کان رڙ نڪري وئي آهي.
سجاڳ ٿيندي ئي مون پنهنجو پاڻ سنڀاليو، سانت سلهاڙيل ڪمري ۾ منهنجي رڙ جو پڙاڏو گونجي رهيو هو، پنجن کان اٺن منٽن تائين مان بي جان بي ست پنهنجي بيڊ تي پيو رهيو هئس. بي ساعتيءَ جي انهن منٽن دوران مون کي پنهنجي وجود مان وهي نڪتل هڪ قسم جي آلاڻ جو احساس ٿيو، ٻئي پل ان پاڻيءَ جي بوسيده بدبوءِ سان منهنجو نڪ ڪيتريون ئي ساعتون جهيڙيندو رهيو هو.
مون اجنبي عورت کي ياد ڪرڻ چاهيو هو، جيڪا پهريون ڀيرو خواب ۾ مون سان بغير مرڪيي ملي وئي هئي.
سندس لاٽونءَ جهڙن پستانن کي تصور ۾ آندم، هن جي ڇاتي ڀوري هئي، سندس پستانن جو ايريولا ناسي هو بلڪه رَت مائل هو. جن جي آسپاس ڇڊا ڇڊا ننڍڙا وار هئا، مون پنهنجي پاڻ کي سندس ساڄي پستان تي زبان ڦيرائيندي ڏٺو، هوءَ بيتاب ٿي رهي هئي، مان کيس وڌيڪ بي تاب ڪري رهيو هئس، پنهنجي ڏندن سان ايريولا جي ايراضيءَ تي هلڪا چڪ هڻڻ شروع ڪيم. چڪن جي انهن ئي چسڪن دوران مان واپس پنهنجي ڪمري ۾ آيو هئس، وجودي وهڪري جي آلاڻ ڪوفت پيدا ڪري رهي هئي. مان اٿي وهنجڻ هليو ويو هئس” (اوٺو، ص. 17-20).
جيتوڻيڪ هادِي انيڪ عورتن سان پئسن عيوض ڪارو منهن ڪندو رهي ٿو، پر هن کي روحاني تسڪين پنهنجي محبوبه، عاليه، ۾ ئي مِلي ٿِي. عاليه، هڪ يونيورسٽيءَ ۾ پِي ايڇ ڊِي ڪري رهي آهي، جتي تحقيقي رهنمائي ۽ مارڪن جي آڙ ۾ هڪ پروفيسر، جيڪو سندس سپروائيزر به آهي، ٻين عورت اميدوارن وانگر عاليه کي به جنسي حراسان ۽ بليڪ ميل ڪري سندس جسم حاصل ڪري ٿو؛ نتيجي ۾ هوءَ پنهنجي اعليٰ تحقيقي ڊگري اڌ ۾ ڇڏي وڃي ٿي ۽ هادي کي هميشه لاءِ وڇوڙي جا وڍ ڏئي ٿي. وڇوڙي کان اڳ عاليه هادِيءَکي پروفيسر جي ڪُڌن ڪرتوتن بابت ٻڌائي ٿي ۽ سندس شڪايت ڪري ٿي. ان تي هادي جي ذهن ۾ پروفيسر خلاف بي انتها نفرت پيدا ٿئي ٿي ۽ هُو خيالن ۾، خوابن ۾ ۽ آخرڪار پنهنجي دوست جِي مدد سان حقيقت ۾ هن کي اغوا ڪري ٿو. هادي ۽ سندس دوست پروفيسر تي تشدد، جنسي بربريت ۽ غير انساني سلوڪ ڪندي بيهوشي جِي حالت ۾ هن کي هڪ گهرِي کڏ ۾ جيئري ئي پُوري ڇڏين ٿا. ان کانپوءِ هادي جي مٿان پروفيسر کي قتل ڪرڻ، سندس ونيءَ کي بيواهه ڪرڻ، سندس ٻارن کي يتيم ڪرڻ جو احساسِ جرم غالب اچي وڃي ٿو ۽ هو پاڻ کي سمنڊ جي حوالي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي ٿو!
پنهنجي محبوبه عاليه کي سندس پروفيسر ۽ سپروائيزر طرفان جنسي حراسان ڪرڻ ۽ بليڪ ميلنگ وسيلي سندس بدن تائين رسائي حاصل ڪرڻ عيوض بدلي طور ان پروفيسر کي اغوا ڪري بيدردي سان قتل ڪرڻ جي وارتا ۾ پڻ مون تجزيه نگار کي او سِي ڊِي جون واضح جهلڪيون نظر اچن ٿيون. هادي ان بدلي جي باهه ۾ هر وقت سڙي ۽ پڄري ٿو، نتيجي ۾ هادي پنهنجي دوست جي مدد سان پروفيسر کي اغوا ڪري 300 ڪلو ميٽر پري پنهنجِي زرعي زمين تي قائم ڪيل هُڙي تي ٻڌي کڻي وڃي ٿو. اتي اهي ٻئي ڄڻا سندس ڪُلها جوڙن مان ڪڍن (dislocate) ٿا، سندس مرداڻي جنسي عضوي تي تيزاب هارين ٿا، سندس واڇون چيرين ٿا، سندس سَنڌ سَنڌ تي تشدد ڪري اذيتون ڏين ٿا؛ هادي پروفيسر جي جسم تي پيشاب ڪري ٿو، هادي جو دوست ان سان زنا ڪري ٿو ۽ سندس مقعد ۾ ڏنڊا ٽُنبي ٿو، آخرڪار اهي ٻئي هن کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ تمام گهري کڏ ۾ جيئرو پورين ٿا ۽ ان مٿان وڻن جو چڪيون لڳائي بدلي جي باهه اجهائين ٿا (اوٺو، ص. 77-80). جيتوڻيڪ هادي ۽ سندس دوست طرفان پروفيسر مٿان غير انساني تشدد ۽ سندس قتل قانون کي هٿ ۾ کڻڻ برابر آهي، پر ٻئي پاسي اهو عمل اسان جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري يونيورسٽين ۾ پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل نام نهاد ۽ سوئر صفت پروفيسرن طرفان امتحاني مارڪن عيوض نياڻين مٿان مُروج جنسي حراسگي ۽ استحصال جي پختي لاڙي خلاف بغاوت جو ڀرپور علامتي ۽ ادبي اظهار آهي.
ڳالهه جو ڳر اهو آهي ته داخلي پيڙا ۽ شخصيت جي ٽوڙ ڦوڙ ۽ اٿاريل سماجي سوالن جي حوالي سان ناول “اڪيلائيءَ جي آلودگي” جِي خود ڪلامي ۽ اسٽريم آف ڪانشيسنيس وارا حصا پنهنجو مٽ پاڻ آهن. مجموعي طرح سان هي ناول هڪ ڪردار (يا ليکڪ) جي اڪيلائي ۽ مايوسي کي نشي ۽ جنسي بک وسيلي مات ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش جي عڪاسي ڪري ٿو. مون کي ته هن ناول ۾ عورت جي حيثيت گهڻو تڻو وئيشيا ۽ جنسي تسڪين جي اوزار مثل لڳي ٿي ۽ مرد جو ڪردار وري ان عورت کي پئسن ۽ ڏاڍ عيوض پنهنجي جنسي تسڪين جو ذريعو بڻائيندڙ لڳي ٿو. ايئن ٿو لڳي ته هن ناول جي ليکڪ پنهنجِي اڪيلائي ۽ جنسي بک کي هادي جِي ڪردار نگاري وسيلي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڇو ته هن ۾ هادي کان علاوه عاليه ۽ پروفيسر سميت ٻيا ڪردار زوري ٿاڦيل نظر اچن ٿا. هن ناول جي پلاٽ ۾ جنسيت ۽ عياشي کان علاوه ٻيون سڀ شيون پسمنظر ۾ هليون ويون آهن. اها ڳالهه هن ناول کي مارڪيٽ ۽ پڙهندڙن ۾ سستي شهرت حاصل ڪندڙ بڻائي ٿي!
حوالو: اوٺو مجيب (2025)، اڪيلائيءَ جي آلودگي (ناول)، سيوِن اسٽار پبلشرس، حيدرآباد.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟