نصير ميمڻ جي ڪتاب “بنگلاديش (بحران کان بحران تائين)” جو جائزو
بنگلاديش ۾ نوجوانن طرفان 2024ع ۾ شيخ حسينه جي تڏهوڪي حڪومت خلاف هليل تحريڪ جي نتيجي ۾ حسينه طرفان بنگلاديش مان نڪري، هندستان ۾ پناهه وٺڻ ۽ ملڪ جي باني شيخ مجيب جي پتلن کي ساڙڻ ۽ توهين ڪرڻ کانپوءِ، دنيا، خاص طور ڏکڻ ايشيا، ۾ بنگلاديش هڪ دفعو ٻيهر بحث هيٺ آيو. تاريخي طور ڏٺو وڃي ته 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيل ملڪ پاڪستان جي اهم خالقن ۾ بنگالين جو شمار ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته 1940ع واري قرارداد، جنهن کي بعد ۾ “پاڪستان جو ٺهراءُ” به چيو ويو، ان جي رٿ پيش ڪندڙ اي ڪي فضل الحق هڪ بنگالي هو. ساڳيءَ طرح گڏيل پاڪستان (اولهه ۽ اوڀر پاڪستان) جي مجموعي آباديءَ جو 56 سيڪڙو بنگالين تي مشتمل هو، پر اهڙو ڪهڙو سبب هو، جو دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اڪثريتي آبادي اقليتي آباديءَ کان عليحدگيءَ جو مطالبو ڪري رهي هئي؟ ان سوال جو جواب ڳولهڻ سميت اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستان وچ ۾ پيدا ٿيل پيچيدگيءَ سميت ٻين اشوز بابت ڄاڻڻ لاءِ نصير ميمڻ صاحب جي تازو ئي ڇپيل ڪتاب جو مطالعو ڪرڻو پوندو ته ان سان اوڀر پاڪستان کان اڳيان هلي بنگلاديش ۾ تبديل ٿيل ملڪ سميت ان آزاد ملڪ ۾ پيدا ٿيل ٻين انيڪ مسئلن کان ويندي تازو ٻه سال اڳ شيخ حسينه جي حڪومت جي خاتمي تائين جي سموري وارتا بخوبي معلوم ٿي سگھندي.
نصير ميمڻ جو ڪتاب “بنگلاديش (بحران کان بحران تائين)” جيڪو هن سال، يعني 2026ع ۾ سنڌ جي اهم پبليڪيشن اداري روشنيءَ طرفان ڇاپيو ويو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ملڪ جي نامور ليکڪ ڊاڪٽر ناظر محمود لکيو آهي، جيڪو انگريزي اخبار “دي نيوز” ۾ مسلسل لکڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ آهي. جيتوڻيڪ هن جو تعلق سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ گھراڻي سان نه آهي، پر تنهن جي باوجود به جيئن ته هو ڪراچيءَ جو رهاڪو آهي، ان ڪري پنهنجي ذاتي دلچسپيءَ خاطر سنڌي ٻولي سکڻ جي مرحلي کي وڌائيندو رهي ٿو ۽ هن هيءُ سڄو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب جو مسودو پڙهڻ کانپوءِ ان جو مهاڳ به لکيو. ايئن ئي ڪراچيءَ ۾ جنم وٺندڙ انساني حقن جي ڪارڪن ۽ اردو، انگريزي ۽ پنجابي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندڙ ٻئي اهم ڪردار حارث خليق به هيءُ ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ، ان تي انگريزيءَ ۾ تبصرو لکيو، جيڪو 14 جون 2026ع تي ملڪ جي مشهور اخبار ڊان ۾ ڇپيو. ان منجھان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته، هيءُ ڪتاب فقط سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن ئي نه، پر ان کان علاوه ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن ۾ به پسند ڪيو وڃي پيو.
نصير صاحب ڪتاب تي تمام گھڻي محنت ڪئي آهي، جنهن بنگال جي تاريخي پسمنظر کان شروعات ڪندي، انگريز دور ۾ بنگال جي حيثيت، ان کانپوءِ پاڪستان ٺهڻ بعد بنگالي ٻوليءَ کي نظرانداز ڪرڻ خلاف بنگالين، خاص طور شاگردن ۽ نوجوانن جي مزاحمت وغيره تي تفصيلي لکيو آهي. ايئن ئي جيئن ته ڪيترن ئي ليکڪن طرفان پهرين به تفصيلي طور بنگال جي معاشي، سماجي ۽ سياسي ڦرلٽ جي حوالي سان لکيو ويو آهي ۽ نصير صاحب انهن ليکڪن مان ڪجھه جو ذڪر ڪندي، اها تفصيل پڻ پنهنجي ڪتاب ۾ ڏني آهي. ان تفصيل مان معلوم ٿئي ٿو ته بنگالين جي اولهه پاڪستان جي حڪمرانن خلاف نفرت پٺيان ڪهڙا ڪارڻ هئا.
جيتوڻيڪ پاڪستاني رياست طرفان حمود الرحمان ڪميشن کي منظر عام تي آڻڻ کان روڪڻ سميت مختلف هيلن بهانن سان ان تاريخ کي ميسارڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي. ائين ئي 2021ع ۾ جڏهن بنگلاديش ۾ ملڪ جي 50 هين آزاديءَ جي سالگره ملهائي پئي وئي. ان وقت پاڪستاني اردو ٽي وي چينلن تي بنگالين خلاف هر روز ڊراما نشر پئي ڪيا ويا ته جيئن موجوده نئين نسل اڳيان پراڻي تاريخ جي مخالفت ۾ نئون بيانيو گھڙيو وڃي ۽ ان ڪوشش کي ڪامياب ڪرڻ جي حوالي سان انهن ڊرامن تي تمام گھڻو پئسو پڻ خرچ ڪيو ويو، پر جيئن ته تاريخ ڏاڍي بيرحم شيءِ آهي ۽ اها نه فقط اڻ ڌرين محققن ۽ ليکڪن طرفان لکي وئي آهي، پر ان سان گڏوگڏ خود بنگالين خلاف جنگ ۾ شامل ڪيترن ئي فوجي آفيسرن پڻ ان بابت ڪتاب لکيا آهن. ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته، انهن فوجي آفيسرن گھڻي ڀاڱي تاريخ جي اصل رخ تي پردو وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر تنهن جي باوجود انهن جيڪو ڪجھه لکيو آهي، ان کي پڙهڻ سان خبر پئي ٿي ته حڪمرانن جي غلط پاليسين جي نتيجي طور بنگالين تي ڪيڏا ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا. بهرحال هڪ طرف اردو ٽي وي چئنلن جا حقيقت جي ابتڙ ڊراما آهن ته ٻئي طرف نصير ميمڻ ۽ اهڙن ليکڪن جا ڪتاب، جيڪي هر نسل سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي اصل حقيقتن کان واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.
بنگالين خلاف ناانصافين جي حوالي سان جيئن مون مٿي لکيو ته ان کان پهرين به ڪافي ڪجھه لکيو ويو آهي، پر علمي ۽ سياسي حلقن ۾ 1971ع جي اليڪشن کانپوءِ اقتدار جي منتقليءَ جي حوالي سان ڪافي بحث ٿيندو رهيو آهي، جنهن ۾ ڪجھه سياسي مبصرن ۽ ليکڪن طرفان ان معاملي جو سڄو بار ذوالفقار ڀٽي جي ڪلهن تي وڌو ويندو آهي ته ڪجھه طرفان وري فقط جنرل يحييٰ خان تي. ٻئي طرف پاڪستان جا سرڪاري سياسي تجزيي نگار وري سڄو ملبو مجيب تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. ان سڄي وايو منڊل ۾ هيءُ ڪتاب اهو سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿو ته ان صورتحال جو اصل ذميوار ڪير هو/هئا. بنگال جي عليحدگيءَ ۾ 1971ع جي پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ لڳل جنگ اهم موڙ ثابت ٿي، جنهن ۾ هندستان موقعي جو فائدو وٺندي، نه فقط سڌيءَ ريت پاڻ پاڪستان تي حملو ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ ڪافي وقت تائين مڪتي باهني جي ويڙهاڪن کي هندستان ۾ گوريلا ويڙهه جي ٽريننگ پڻ ڏني وئي. ٻئي طرف پاڪستان بين الاقوامي طاقتور ڌرين ۽ پنهنجي اتحادين جي مدد لاءِ واجھائيندو رهيو، پر کيس نه چين طرفان ڪا خاص سپورٽ ملي ۽ نه ئي وري آمريڪا طرفان. ڪنهن حد تائين ايران پاڪستان جي مدد لاءِ اڳيان آيو، پر اها مدد پاڪستان لاءِ اڻپوري هئي. پاڪستاني فوج طرفان هندستاني فورسز جي اڳيان سرينڊر وارو معاملو به ڏاڍو اهم آهي، جنهن حوالي سان به جنرل نيازي ۽ ٻين فوجي آفيسرن طرفان پنهنجي ڪتابن ۾ هڪٻئي تي الزامن جي ڀرمار ٿيل آهي، پر ان معاملي جي سُٽ کي به نصير صاحب جو هيءُ ڪتاب تمام سٺي نموني سلجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان کان پهرين معاملي کي سڌارڻ لاءِ يحييٰ خان جي بار بار ڍاڪا وڃڻ، ڀٽي ۽ مجيب جي وچ ۾ ڳالهين سميت ٻيا کوڙ سارا معاملا به ڪتاب ۾ بحث هيٺ آيل آهن، پر ڳالهين جي ناڪاميءَ جو جواز ڄاڻائيندي، فوجي آپريشن جيڪا تباهي آندي، تنهن وڃي هڻي هنڌ ڪيو ۽ 16 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان کان بنگالين آزادي حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان ۾ قومپرست ڌرين توڙي اڪيڊمڪ حلقن طرفان پاڪستان ٺهڻ کان ويندي 1971ع تائين جي تاريخ ئي ٻڌائي ۽ پڙهائي ويندي آهي، پر بنگلاديش ٺهڻ ۽ شيخ مجيب جي حڪمرانيءَ هيٺ اتي ڇا وهيو واپريو، ان تي ڪو خاص بحث اسان کي نٿو ملي. انهيءَ کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ نصير ميمڻ طرفان نئين ملڪ بنگلاديش ۾ شيخ مجيب جي حڪومت طرفان بنگلاديش جي عوام سان ڪيل اڪيچار ناانصافين جي تاريخ کي به وائکو ڪيو ويو آهي ته ڪيئن جيڪو مجيب گڏيل پاڪستان ۾ اولهه پاڪستان جي حڪمرانن کان بنگالين جي حقن جو مطالبو ڪري رهيو هو، سو پاڻ پنهنجي حڪومت ۾ پنهنجي ئي ماڻهن سان ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪري رهيو هو. ائين ئي بنگلاديش جي شروعاتي سالن ۾ مجيب کي قتل ڪرڻ لاءِ بنگالي فوج اندر ٿيل سازشن جي پوري ڪهاڻيءَ سميت مجيب ۽ سندس خاندان کي قتل ڪرڻ کان ڪجھه وقت پوءِ جنرل ضياءُ الرحمان جو قتل وغيره اهڙي نموني بيان ڪيل آهن، جو ماڻهو کي لڳي ٿو ته جهڙوڪ: سينيما ۾ سائوٿ انڊين فلم هلي رهي هجي، پر اها فلم نه حقيقت هئي ته ڪيتري ئي وقت تائين بنگلاديش ۾ هر طرف انارڪيءَ واري صورتحال رهي.
ڪتاب ۾ شيخ مجيب جي ڌيءَ حسينه ۽ ضياءُ الرحمان جي وني خالده ضياءَ جي حڪومتن جو به ذڪر آهي ۽ انهن کي پڙهندي، ائين لڳي ٿو جيئن 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي وچ ۾ اقتدار جي رساڪشي هلندڙ هجي. هونئن به بنگلاديش ۽ پاڪستان جي تاريخ جو تقابلي جائزو وٺبو ته ڪافي شيون هڪ جهڙيون نظر اينديون. مثال طور: بنگلاديش ۾ شيخ مجيب جي خاندان جو قتل ۽ پاڪستان ۾ ذوالفقار ڀٽو ۽ سندس خاندان جو قتل. ٻنهي خاندانن جي قتل جا پيرا به سڌيءَ ريت فوجي آمرن ڏانهن ئي وڃن ٿا. ها ايترو فرق ضرور آهي ته حسينه واجد پنهنجي حڪومت ۾ مجيب جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ ۾ ڪامياب وئي، پر پاڪستان ۾ ايئن ممڪن نه بڻيو. بلڪه الٽو شهيدن جي نالي تي هتي اقتدار جا مزا ماڻيا ويندا رهن ٿا. بهرحال 2024ع ۾ بنگالي نوجوانن طرفان ڪوٽا سسٽم ۽ ٻين حڪومتي پاليسين خلاف جيڪا تحريڪ هلي، تنهن شيخ حسينه کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ هن وڃي هندستان ۾ پناهه ورتي. ان حوالي سان به اها تحريڪ هلڻ وقت ڪيترن ئي تجزيي نگارن ان تحريڪ جي واکاڻ پئي ڪئي ۽ ان معاملي کي فقط نوجوانن جي غم ۽ غصي جي اولڙي ۾ پئي ڏٺو، پر نصير صاحب ان کان ٻه قدم اڳتي وڌندي، شيخ حسينه جي حڪومت جو چين ڏانهن جھڪاءُ ۽ آمريڪا طرفان حسينه کان خليج بنگال ۾ اڏو گھرڻ، جيڪو چين خلاف استعمال ٿي پئي سگھيو، اهو ڏيڻ کان حسينه جي انڪار تي آمريڪا جي ممڪنه ڪاوڙ کي رد نه ڪرڻ جي به ڳالهه ڪئي آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته، ممڪن آهي آمريڪا نوجوانن جي ان تحريڪ پٺيان هجي ۽ ٿي سگھي ٿو ته ايئن نه به هجي، پر ان ڳالهه کان ته انڪار نه آهي ته ان تحريڪ پٺيان بنگلاديش جي تاريخ ۾ هر ڀيري بغاوت ۾ فوج جي اڳيان هجڻ جيان هن ڀيري به اها اڳيان اڳيان هئي ۽ بعد ۾ اليڪشن ۾ اسان ڏٺو ته بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) ۽ جماعت اسلامي جهڙيون ساڄي ڌر جون پارٽيون سوڀاريون ٿيون. هاڻي ڏسجي ته شيخ حسينه جي حڪومت جي غلطين مان سکندي، اهي ڌريون بنگلاديش جي عوام کي رليف ڏين ٿيون، جيڪو لڳي مشڪل ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن پارٽين جي ماضيءَ جو رڪارڊ ڪجھه ٻيو ئي ٻڌائي ٿو.
تنقيدي راءِ:
جيتوڻيڪ ڪتاب تي تمام گھڻي محنت ٿيل آهي، پر ان جي باوجود منهنجي خيال ۾ ڪجھه پاسن تي اڃان وڌيڪ ڪم ٿئي ها ته ڪتاب کي چار چنڊ لڳي وڃن ها. ان حوالي سان منهنجي تنقيدي راءِ جا ڪجھه نقطا هيٺ ڏجن ٿا:
1. ڪتاب جيتوڻيڪ ڪنهن تحقيقي ٿيسز يا مقالي طور لکيل نه آهي، پر ان جي باوجود حوالن (ريفرنس) جو اسٽائيل درست هجي ها ته تمام گھڻو بهتر ٿئي ها. مثال طور: ڪٿي ڪٿي ليکڪ جي طرفان خالي ڪتاب ۽ ليکڪ جو نالو لکي ڳالهه ڪئي وئي آهي، پر جتي اها ڳالهه ختم ٿئي ٿي، اتي ڪو به حوالو (فوٽ نوٽ يا اينڊ نوٽ) ڏنل نه آهي. اهڙي ئي صورتحال سڄي ڪتاب ۾ آهي. ان سان ڪتاب ۾ تمام اهم معاملن، جن جو ريفرنس ڄاڻڻ تمام ضروري آهي، کان پڙهندڙ محروم رهجي وڃن ٿا. ان ڪري جيڪڏهن ريفرنسز جو درست نموني خيال رکيو وڃي ها ته هيءُ ڪتاب مڪمل طور تحقيقي مقالي جو درجو رکي ٿو.
2. شروعاتي سيڪشن، جيڪو بنگالين سان اولهه پاڪستان جي ناانصافين جو ذڪر ڪري ٿو، ان ۾ ليکڪ طرفان تجزيي جي کوٽ نظر اچي ٿي. مطلب ته ايئن لڳي ٿو ته، ليکڪ مختلف ڪتابن مان اخذ ڪيل ڳالهين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندي، لکندو رهي ٿو، پر تحقيق جي اصولن پٽاندڙ جنهن واقعي جو ذڪر ڪجي ٿو، ان جو ريفرنس ڏيڻ سان گڏوگڏ ليکڪ کي پنهنجي راءِ جو به اتي اظهار ڪرڻ گھرجي، ان معاملي ۾ پهرئين سيڪشن ۾ کوٽ نظر اچي ٿي. باقي بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ ويندي شيخ حسينه جي حڪومت جي خاتمي تائين وارن سيڪشنز ۾ ليکڪ تمام سٺو تجزيو ڏيندو رهي ٿو.
3. بنگالين جي مزاحمت کي چيڀاٽڻ جي حوالي سان ڪيل فوجي آپريشن، هندستاني مداخلت، ڀٽي، يحييٰ ۽ مجيب وچ ۾ ٿيل ڳالهين وغيره جي حوالي سان ليکڪ طرفان جن ڪتابن جو سهارو ورتو ويو آهي، انهن مان اڪثريتي ڪتاب فوجي عملدارن طرفان لکيل آهن، جن کي پڙهڻ سان پاڪستاني رياستي بيانيو وڌيڪ مضبوط نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ فوجي عملدارن کان علاوه ٻين به ليکڪن جا حوالا موجود آهن، پر اهي تقابلي جائزي طور گھٽ آهن. مثال طور: ڪجھه ٻين اهم حوالن سان گڏوگڏ انم ذڪريا جو ڪتاب1971: A People’s History from Bangladesh, Pakistan and India ۽ طاهر امين جو ڪتاب Ethno-National Movements of Pakistan ٻه اهم حوالا آهن، جن کي پڙهڻ سان حقيقتن تي ٻڌل تجزيو ملي ٿو، جن جو حوالي طور ذڪر نصير صاحب جي ڪتاب ۾ نٿو ملي. خاص طور انم ذڪريا جي 2019ع ۾ ڇپيل ڪتاب ۾ بنگالي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙن سميت پاڪستان ۽ هندستان جي فوجي عملدارن، جن جو 1971ع ۾ ڪردار هو، کان به تفصيلي انٽرويو ڪيل آهن. ان ڪتاب پڙهڻ سان ڪافي حقيقتن تان پردو کڄي ٿو.
بهرحال مجموعي طور نصير ميمڻ صاحب جو هيءُ ڪتاب تمام سٺي محنت سان لکيل آهي، جيڪو تاريخ ۽ سياست ۾ دلچسپي رکندڙ سمورن ماڻهن، خاص طور نوجوانن ۽ شاگردن/شاگردياڻين لاءِ انتهائي ڪارائتو آهي. منهنجي خيال ۾ سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي لائبريرين ۾ هن ڪتاب جو موجود هجڻ ضروري آهي ۽ ان سان گڏوگڏ نصير صاحب سان هن ڪتاب جي حوالي سان يونيورسٽين توڙي ادبي ميلن ۾ سيشن ڪرڻ گھرجن، جن مان اڄ جي نسل کي ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گھرجي.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟