جيون جي رنگن جو اِندرڌنُشي ڪولاج، ”هستيءَ جو گم ٿيل ٽڪرو“
لکڻ فقط لفظن جي عمارت اڏڻ ناهي، انسان جي من اندر متل اُٿل-پُٿل احساسن جو ڏُھڻ (منٿن)، سوچ ۽ شبدن جي سنگم کي تراشي هڪ مڪمل سرروپ ڏيڻ آهي. هتي مون کي همانشو جوشيءَ جي چوڻي ياد ٿي اچي، “لکڻ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ تپسيا آهي. اڌوري من سان لکيل ساهتيه اڌورو ئي ٿو رهجي وڃي، پڌرو ٿيڻ کانسواءِ…!”
لکڻ جو پهريون شرط آهي ته ليکڪ پاٺڪ کي پنهنجي وهڪري ۾ وهائي وڃي. اهڙي ئي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي جناب مشتاق شوري پنهنجي هن ڪهاڻيءَ جي مجموعي “هستيءَ جو گم ٿيل ٽڪرو” ۾ جنهن ۾ 25 ڪهاڻيون شامل آهن.
هنن ڪهاڻين ۾ جدا جدا پهلو کڻي ڪردارن جي ماڌيم سان ليکڪ ٻاهر ۽ اندر جي دنيا کي جوڙيو آهي. اُن جي ماڌيم سان من جي اُٿل پُٿل، تنھن جي تنهائيءَ جو عالم، سندس من جي پيڙا، بي دلي، بي بسي، لاچاريءَ جي اظهار سامهون آڻڻ جي پُرزور ڪوشش ڪئي آهي.
“هستيءَ جو گم ٿيل ٽڪرو” جي خاص ٻن ڪهاڻين منهنجو ڌيان شدت سان پاڻ ڏانهن ڇڪايوآھي..
ليکڪ ڪھاڻي “جيون جو خاليپڻو” ۾ لکيو آهي ته، “مون کي ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آيو ته موت ۽ زندگي…”
شايد جيون جي ٽريجڊي اها ئي هجي.
سوچ شبدن جو سُهڻو سنگم، لکڻ پڙهڻ ۾ هڪ لئه، جا دماغ جي حدن جا فاصلا طئي ڪري دل جي گهرائين ۾ سمائجي وڃڻ جي توفيق ٿي رکي.
سچ ته اهو آهي ته ڪهاڻي لکڻ به هڪ تيرٿ ياترا آهي ۽ ان ياترا ۾ پاتر، پريويش ۽ سماج جي مسائل ۽ سماڌانن جي واٽن تي اسين به تيرٿ ياترا ۾ شامل ٿا رهون. ريگستان ۾ ڀٽڪندڙ مسافر صحرا جي اُڃ کڻي پريوار نالي واري سنسٿا جو نرماڻ ٿو ڪري جا ٻن ڌُرين جو هڪٻئي تي وشواش جي بنياد تي سڃاڻپ ٿي پائي، پر سنگرهش جي طوفانن مان گذرندي جي ٻيڙي ڇر وکر ٿي وڃي ته پوءِ اُن ڳالهه جي گهڻي اهميت نٿي رهي ته ڪناري جي حصي ۾ ڇا آيو؟
زندگي ۽ موت جي وچ جو فاصلو طئي ڪندي، رشتن جي بازار مان گذرڻو پوندو آهي. اِهو ئي هر عام ماڻهون جي زندگيءَ جو حصو آهي، جنهن جي ڪوڙاڻ چکڻ کانپوءِ اهو جذبو تجربن ۾ شمار ٿو ٿئي. جيستائين آدم ٺوڪرون نٿو کائي تيستائين اهو ڄاڻڻ ممڪن ناهي ته هو فولاد جو ٺهيل آهي يا شيشي جو.
اڄڪلهه اهو عام طور پيو ڏسجي، شايد مشين جي دور ۾ سفر ڪندي ڪندي انسان جي سوچ به مشين جي پُرزي وانگر پنهنجو ڪم ڪندي رهندي آھي، بنا اِهو ڄاڻندي ته هن زندگيءَ جي گهاڻي ۾ ٻن پُڙن جي وچ ۾ ڪير آيو، ڪير زخمي ٿيو، ڪنهن جي ڪيڪڙاٽ اڻ ٻڌي رهجي وئي. هن شور غل؟؟ جي دور ۾ ڪنن تائين انهيءَ رڙ جو پهچڻ ناممڪن آهي. گونگن جي بستيءَ ۾ ٻوڙن کي ٻُڌڻ ۽ سمجهڻ واري ڀاشا اڃان وڪاس جي دور مان گذري رهي آهي. بس سوچ جي رفتار شبدن سان تال ميل نٿي رکي سگهي. شايد اهوئي ڪارڻ ٽائيم زون ۾ Generation Gap ٿي بڻجندي وڃي. اهڙي ئي زندگيءَ لاءِ منهنجو هڪ شعر:
“زندگي ڪو نه مين تو جيِ پائي
اُس ني ئي مجھڪو هئي جِيا جيسي”
اهڙي دور ۾ ڪال چڪر بنا آھٽ، بنا آگاهه ڪرڻ جي، سوارٿ-اسوارٿ جي دائري کان ٻاهر، دک سک جي پرمپرا کي چيريندو، اڳيان وڌندو ٿو رهي، شري مشتاق شوري جي ڪهاڻين جي ڪردارن وانگر هن تيرٿ ياترا جو ياتري بڻجي. ها، ڪردار ڪي ٻيا ڪونه آهن. تون، مان ۽ اسان جي چوڌاري وسندڙ هنن انساني بستين جا ماڻهو آهن، جي پنهنجي پنهنجي حصي جو صليب پنهنجي ڪُلهن تي کڻي هلندا ٿا هلن هن ياترا تي جنهن جي شروعات ڪهاڻيءَ جو آغاز جو ڪارڻ ٿي بڻجي ۽ هڪ ڪهاڻي پوري ٿيڻ کان اڳ ٻي ڪهاڻيءَ جي شروعات ٿئي ٿي. بس پاتر بدلجن ٿا ۽ ڪهاڻيءَ جا عنوان ٿا بدلجن.
مشتاق صاحب جي ٻي ڪهاڻي “ڪائنرتا سان ڀريل جيون” جنهن جي آغاز ۾ ڪو چنبڪ يا ڪا اھڙي ڪشش آهي جو تنھن کي جيون سان جڙيل حقيقت چوان ته غلط نه ٿيندو. ڪهاڻيڪار جي ڪلا جي پڌرائي هن آغاز ۾ خوب جهلڪي رهي آهي.
زندگيءَ جي ڪا خوبصورتي، ڪو سُندر روپ… وڌيڪ بدصورت ۽ ڌڪار جوڳو آهي…؟
شايد…!
شايد نه پڪ ئي پڪ، دل کي ڪا ڪراري چوٽ لڳي آهي، جو رشتا-ناتا، لاڳاپا سڀ پاڻيءَ جيئان اڱرين جي وٿين مان وهي ويا…!
آهه… ۾… واهه… واهه جي سونهن سمايل آهي. ڄڻ ڪائنات ۾ سونهن جي نرماڻ جي پيڙهه رکي وئي آهي. واهه واهه…!
دراصل ڪهاڻي اسان جي وقت جي دائري ۾ سماج جو عڪس آهي، جنهن ۾ اُهو سڀ ڪجهه ٿيندو آهي جو اسان جي سماج ۾ ٿيندو رهندو آهي.
جناب مشتاق شورو به پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ حالتن کي سوچ جي سُٽ سان اُڻيو آهي.
هڪ ٻي ڳالهه به لازمي آهي. سماج ۾ رهندڙ ليکڪ به سماج جو حصو ئي رهندو آهي ۽ اُن ۾ ٿيندڙ هلچل جو حصو به. عام انسان سمان هو به اُنهن گهٽنائُن کان اڇوتو ناهي. لکڻ ۾ ڪٿي نه ڪٿي ليکڪ جي جيون ۾ آيل ۽ گذريل وارتائون به ساڳئي سُٽ سان اڻيل رھن ٿيون، اِنھيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي. حقيقت اها آهي ته زندگي روز هڪ نئون ورق انسان جي سامهون کوليندي آهي ۽ نه ڄاڻ ڪيترا تجربن جا در اسان جي سامهون کوليندي آهي. اڄ جي نئين ڪهاڻي پراڻي ڪهاڻين جي ڪڙي آهي جا نئين دور جي نئين آغاز ۽ نئين سنسڪرتيءَ ۾ پئي پلجي ۽ انهن ڪهاڻين جي روشنيءَ ۾ ڄاڻجي ٿو، پريوار جي ٻنڌنن جي اهميت، ڪردار جي سڃاڻپ، پنهنجي پرائي جي پرک، گردش جون لاهيون چاڙهيون، دک سک ۽ اُس ڇانو.
لازمي يا ضروري آهي، دنيا جو ڪوبه قصو اهڙو ناهي جو ٻُڌل يا ڀوڳيل نٿو لڳي. بس وقت جي چڪر ويوو ۾ هرڪو پنهنجي پنهنجي ياترا پوري ٿو ڪري.
اچو، اڳتي پاڻ پڙهي پنهنجن من پسند ڪردارن سان ملون. هن ناياب مجموعي لاءِ شري مشتاق شورو صاحب کي منهنجون شڀ ڪامنائون.
توهانجي پنهنجي
ديوي ناگراڻي
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟