ماهر نفسيات جي ڊائري: ناول “مراڪش جي گهٽي” فڪري، نفسياتي ۽ ادبي تناظر ۾
Dr Qasim Jamal
نفسيات جو ماهر
نامور ليکڪ اڪبر سومرو کي هميشه دلچسپيءَ سان پڙهندڙن مان هڪ مان به آهيان. سو، هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ جڏهن مون هن ناول کي پهرين واري پڙهيو، ته مون کي اها حيرت ٿي ته هي ڪتاب سندس اڳوڻن ناولن، خاص طور تي “شهر جي ڳالھه” ۽ “کماچ” جهڙو پرڪشش ڇو ڪونه پيو لڳي؟! هڪ پل لاءِ ذهن ۾ سوال اڀريو ته اڪبر صاحب جهڙو سينيئر، تجربيڪار، گهڻ پاڙهو ۽ گهڻ ڄاڻو ليکڪ هن ڀيري پنهنجو اهو سحر ڇو برقرار نه رکي سگهيو آهي؟
پر، پيشي جي حوالي سان هڪ سائيڪياٽرسٽ (ماهر نفسيات) هجڻ ڪري جڏهن مون پنهنجي ئي اندر جو تجزيو ڪيو، ته معلوم ٿيو ته ڪوتاهي ليکڪ جي نه، پر منهنجي هئي. مصروفيتن جي ڪري مان ان ناول کي تسلسل سان پڙهڻ بدران مختلف وقتن تي ٽڪرن ٽڪرن ۾ وقفو ڏئي پڙهندو رهيس، جنهن سبب ڪهاڻيءَ جي نفسياتي گرفت ڪجھه ڪمزور محسوس ٿي رهي هئي. تڏهن ڀٽائي گهوٽ جون اهي سٽون ذهن تي تري آيون ته:
ڪا مونهين ۾ گھٽ، نه ته سڄڻ ٻاجھيندڙ گھڻو-(شاھ )
پنهنجي ان ڪمي ۽ ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪندي، جڏهن مون پنهنجو ذهن مڪمل خالي ڪري، هن ناول کي ٻيهر هڪ ئي روانيءَ ۾ پڙهيو، تڏهن مون تي ‘مراڪش جي گهٽي’ جا اهي طلسماتي ۽ فڪري رنگ کليا، جيڪي پهرين نظر کان اوجهل ٿي ويا هئا. تنهن کانپوءِ جيڪا فڪري ۽ نفسياتي راءِ جڙي، سا جيئن جو تيئن اڪبر سومرو ۽ سندس پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
1 . ڪردارن جي نفسياتي هڪ جهڙائيءَ جو تسلسل ۽ اڪبر سومرو جي مهارت:
هڪ سائيڪالوجسٽ ۽ سائڪياٽرسٽ جي نظر سان ڏسجي ته هي ناول رڳو سماجي عڪاسي نٿو ڪري، پر انساني لاشعور(Unconscious Mind) جي گهرائيءَ کي پڻ پڌرو ڪري ٿو. ناول پڙهندي مون کي سڀ کان وڏي حيراني اها ٿي ته ناول نگار پنهنجي ڪردارن جي باري ۾ ايتري گهري ڄاڻ جو حامل آهي، جو سندس ڪردار جڏهن مختلف جاين تي مختلف روپ ۾ يا ڪم ڪندي نظر اچي ٿو، تڏهن به سندس شخصيت جي بنيادي نفسياتي پهلوئن ۾ سندس “شخصيت جو جوهر” ساڳيو ئي رهي ٿو. ڪردار جي “نفسياتي تسلسل” کي ايترو جاندار رکڻ تي منھنجي ذھن ۾ شڪ اڀريو ته ڪٿي اڪبر سومرو پنهنجي ڪنهن پوئين جنم ۾ نفسيات جو ماهر ته نه هو!
2 . ليکڪ جي شعوري اک: ليکڪ جنهن باريڪ بيني سان سماجي طبقن جي نفسياتي ڪشمڪش کي چٽيو آهي، اهو ڪمال آهي:
شاهي طبقو : حويلين ۾ گذاريندڙ مٿئين طبقي جي ڪردارن ۾ موجود اندروني اڪيلائي، “انا” ۽ سماجي اصلوبن جي نفسياتي گهرائي نظر اچي ٿي.
وچئون طبقو: جنهن کي مڊل ڪلاس چئجي ٿو، هن طبقي جي ڪردارن جي خوابن، سماجي دٻاءُ ۽ اڳتي وڌڻ جي اندروني نفسياتي ڇڪتاڻ کي ليکڪ تمام واضح انداز ۾ اڀاريو آهي.
محنت ڪش ۽ سامونڊي ملاح : محنت ڪش مزدورن ۽ ملاحن جي ڏکن، “بقا جي جنگ” ۽ سندن حقيقي نفسياتي ردِ عمل کي ليکڪ تمام فطري انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
گهڻ-پلاٽي بيهڪ ۽ عالمي تهذيبن جو سحر: فلسفي جي نگاھ کان، هي ناول ڪنهن هڪ محدود خطي جو ناهي، پر هي هڪ وسيع ثقافتي فلسفو پيش ڪري ٿو. سنڌي ادب ۾ هي پهريون مثال آهي، جتي ليکڪ هڪ ئي وقت مختلف پيچيده پلاٽن ۽ مختلف بين الاقوامي تهذيبن جي ڪهاڻين کي پاڻ ۾ پروئڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. اڪبر سومرو روايتي انداز کان هٽي ڪري، هڪ ئي وقت ٽن کان چئن مختلف پلاٽن کي گڏ کڻي هلي ٿو، جيڪو سنڌي ناول نگاريءَ ۾ هڪ نئون سنگِ ميل آهي. هن ناول ۾ سنڌي، هندستاني، ترڪش ۽ عرب علائقن جي تهذيبن جو جيڪو سنگم ڏيکاريو ويو آهي، اهو پڙهندڙ کي وسيع تهذيبي شعور عطا ڪري ٿو. سنڌي، عربي ۽ هندي شاهي ڪردارن سان گڏ واپارين، سامونڊي مهاڻن ۽ جنگجوئن جا ڪردار هڪ عالمي تاريخي پسمنظر جي ياد ڏيارين ٿا.
3. تجريدي فن ۽ جادوئي حقيقيت: هن ناول جي هڪ ٻي اهم فڪري خوبي ان ۾ موجود تجريدي فن (Abstract Art) جو رنگ آهي. ليکڪ ڪهاڻيءَ کي صرف سڌي سنئين بياني تائين محدود ناهي رکيو، پر علامتن ذريعي انساني ذهن جي پيچيدگين کي ڇهيو آهي. ان سان گڏوگڏ، ڪهاڻيءَ جي وچ وچ ۾ شامل لوڪ ڏاهپ جون ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون ۽ افسانوي پرين توڙي ڀوتن جا قصا، جادوئي حقيقيت (Magical Realism) جو هڪ بهترين توازن ۽ امتزاج تخليق ڪيو آهي، جيڪو انسان جي قديم تصوراتي نفسيات(Archetypes) سان ميل کائي ٿو.
4 . ٻوليءَ جي جماليات ۽ تشبيهون: ادبي نفاست جي حوالي سان، اڪبر سومرو تشبيهن جو بادشاھ آهي. سندس منظر نگاري پڙهندڙن جي ذهن ۾ هڪ اڻ ڏٺل دنيا جي سحر انگيز تصوير ٺاهي ڇڏي ٿي. ناول ۾ شامل بهترين رومانٽڪ منظر ۽ ٻوليءَ جي چاشني “جمالياتي حس” کي هڪ عجيب سڪون بخشي ٿي. ڪردارن جي گفتار ۽ ادائگي نهايت فطري ۽ نفسياتي اصولن مطابق محسوس ٿئي ٿي.
5. پروف جي فني چُڪ، نفاست تي هڪ داغ: هتي هڪ تجزيي نگار جي حيثيت سان هڪ فني چڪ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. ناول جي شروعاتي حصي ۾ پروف ۽ ڪمپوزنگ جون ڪجھه غلطيون موجود آهن، هڪ خوبصورت ۽ فڪري ناول جي شروعات ۾ اهڙيون غلطيون پڙهندڙ جي “ذهني روانيءَ” کي متاثر ڪن ٿيون ۽ ڄڻ ڪنهن سهڻي چهري تي داغ وانگر محسوس ٿين ٿيون. هيءَ غلطي پرنٽر يا پروف ريڊر جي غفلتن جو نتيجو آهي. اميد آهي ته ايندڙ ڇاپي ۾ هنن غلطين کي سڌاري ڪتاب جي نفاست کي نظر اڳيان رکي ڇاپيو ويندو.
6. نتيجو: مجموعي طور تي، اڪبر سومرو جو ناول “مراڪش جي گهٽي” پنهنجي فڪري سڃاڻپ، گهڻ-پلاٽي بيهڪ، تهذيبن جي عڪاسي ۽ انساني نفسيات جي گهري پرک جي ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ تمام اعليٰ ۽ پڙهڻ لائق اضافو آهي. هڪ ماهرِ نفسيات ۽ پڙهندڙ جي حيثيت ۾، مان سمجهان ٿو ته هي ناول انساني ذهن ۽ تهذيب جي لاڳاپن کي سمجهڻ لاءِ هڪ بهترين ادبي ڪوشش آهي. ليکڪ کي هن منفرد تخليق تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟