چون ٿا ته طاقتور ملڪن جون ملڪي خاص طور سياسي اقتصادي پاليسيون ڊگهي عرصي لاءِ جوڙيون وڃن ٿيون، حڪومت ۾ ڪهڙيون به پارٽيون اچن يا وڃن، انتظاميه ۽ عدليه ۾ ڪيتريون به تبديليون ٿين، پر پاليسيون جاري ۽ ساري رهن ٿيون، مڪمل ٿين ٿيون. اهي ملڪ ترقيءَ جا ڏاڪا تيزيءَ سان چڙهندي پنهنجي ملڪ ۽ عوام لاءِ سک ۽ سهولتون مهيا ڪندا رهن ٿا. اصل ۾ انهن ملڪن جا حڪمران، سياستدان، مختلف هنرن ۽ علمن جا ماهر، عوام، قومن ۽ ملڪن سان سچو پيار ڪن ٿا ۽ وفادار رهن ٿا. نتيجي ۾ انفرادي ۽ اجتماعي اختلافن کي ملڪي مفاد جي خلاف استعمال نٿا ڪن.