مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

هڪ نئين اميد جو نالو: بين الاقوامي تعلقات

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته بين الاقوامي تعلقات جو مضمون متعارف ٿيڻ کانپوءِ مذهبن جي سياسي اهميت گهٽجي وئي آهي. ڇو ته سڀني مذهبن جو مقصد آهي، انسانن کي منظم ڪرڻ ۽ امن امان سان هِن دنيا ۾ رهڻ جو رستو ڏيکارڻ ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جي به ساڳي وصف آهي. آئون هن تحرير ۾ بين الاقوامي تعلقات جو تعارف ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ اهم اصطلاحن جو مختصر بيان پيش ڪيان ٿو. پنھنجي ايندڙ تحريرُن ۾ انهن اصطلاحن کي وڌيڪ تفصيل سان سمجھائيندس.
هن “جديديت پڄاڻان” (Post-modernism) واري دور ۾ “فطرتي سائنس” ۽ آفاقي علم (Astronomy) سان گڏوگڏ “سماجي سائنس” به تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي. رُجعت پسندي ۽ دَقيانوسي سوچ کي صرف جديد سائنس ئي پوئتي ڌڪي سگهي ٿي. مون ڪجھه سال اڳ هڪڙي مضمون ۾ لکيو هو ته: عالمي امن لاءِ ۽ انسانيت کي بچائڻ خاطر ڪيترين ئي مُقدس هستين ڪوششون ڪيون ۽ انهن جي غير معمولي ڪوششن سان سالن تائين انسان امن ۽ اتحاد ۾ رهيا، پر وري به انسانن نئين شين جي ايجاد ڪرڻ کانپوءِ نئين نموني فساد شروع ڪيا ۽ انهن جي حل لاءِ کين نوان رستا ٺاهڻا پيا. انهن نون رستن منجھان هڪ “بين الاقوامي تعلقات” به آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾International Relations (IR) چيو ويندو آهي. هي مضمون انفراديت کان ويندي اجتماعيت تائين هڪٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. اُهو سڀ ڪجھه هن مضمون ۾ آسان طريقي سان سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اميد ته اوهان جا IR بابت سڀئي مونجهارا حل ٿي ويندا.
بين الاقوامي تعلقات ڇا آهن؟: بين الاقوامي تعلقات اهو علم آهي، جنهن ۾ مختلف ملڪن، تنظيمن ۽ قومن جي وچ ۾ تعلقات، مفادات ۽ تڪرارن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي. موجوده وقت ۾ هن دنيا کي “عالمي ڳوٺ” (Global Village) جو مثال ڏئي سمجھايو ويندو آهي ۽ رياستن کي ان ڳوٺ جا گھر سمجھيو ويندو آهي. ان ڳوٺ جي عمل کي “گلوبلائيزيشن” چيو ويندو آهي. گلوبلائيزيشن جي دور ۾ ڪوبه ملڪ اڪيلو ترقي نٿو ڪري سگهي، ان ڪري سفارتڪاري ۽ هڪٻئي سان تعاون يقيني بڻجي چڪو آهي. آءِ.آر جو سبجيڪٽ اها معلومات فراهم ڪري ٿو ته آخر ڪيئن هڪٻئي سان ڳانڍاپي ۾ رهي سگھجي ٿو. هن جا ڄاڻون هن کي هڪ بين الاقوامي نظام پڻ سڏين ٿا. بين الاقوامي نظام چئن اهم عنصرن تي مشتمل آهي: (1) رياست (State)، (2) خود مختياري (Sovereignty)، (3) لاقانونيت (Anarchy)، (4) انحصار (Interdependence).
جيڪڏهن توهان آءِ. آر جا شاگرد آهيو يا ان ۾ دلچسپي رکو ٿا ته توهان کي ان جا اصطلاح ياد ڪرڻا پوندا. ڇو ته جيستائين توهان آءِ. آر جا اصطلاح نه سکندا، تيستائين توهان ان کي سمجھي نه سگھندا. اهو ائين آهي، جيئن توهان رياضي پڙهو، پر کوڙا ياد نه هجن يا علم ڪيميا پڙهو، پر عناصرن جي جدول ياد نه هجي. آءِ. آر جيترو سولو لڳي ٿو اوترو آهي ڪونه! ڇو ته ان جو تعلق ماضي جي هر واقعي ۽ موجوده حال سان آهي. جيڪڏهن توهان روزاني خبرون نٿا پڙهو ته آءِ. آر سمجھه ۾ نه ايندو. ان ڪري آءِ. آر هڪ وسيع مضمون آهي. ملڪ جي مختلف چٽاڀيٽي وارن امتحانن ۾ ان کي 200 نمبرن جو مضمون رکيو ويو آهي، ڇو ته ان کي سمجھڻ ۽ ان جي تياري ڪرڻ لاءِ مسلسل مطالعي جي ضرورت پوي ٿي. بين الاقوامي نظام چئن مختلف عنصرن تي مشتمل آهي. انھن جي مختصر تشريح هيٺ ڏجي ٿي، جيئن بين الاقوامي نظام جو ڍانچو آسانيءَ سان سمجھه ۾ اچي سگهي.
رياست (State) ان عنصر کي چئبو آهي، جيڪا هِنن چئني عنصرن تي مشتمل هُجي. آبادي (Population)، مخصوص علائقو (Territory)، حڪومت (Government) ۽ خود مختياري (Sovereignty). جڏهن اهي چارئي عنصر هڪ جاءِ تي گڏ ٿين ته ان کي “رياست” چئبو آهي.
خود مختياري (Sovereignty): بين الاقوامي تعلقات ۾ ان جو مطلب اهو آهي ته ڪابه رياست ڪنهن ٻي رياست جي اثر کان آزاد هجي ۽ پنهنجي “پرڏيهي پاليسي” ٺاهڻ ۾ خود مختار هجي.
لاقانونيت (Anarchy): بين الاقوامي نظام ۾ ڪوبه مرڪزي قانون ناهي، جيڪو رياستن کي مجبور ڪري. تنهنڪري بين الاقوامي نظام کي “لاقانونيت” جو نظام چيو ويندو آهي. ان جو مطلب انتشار ناهي، پر ڪنهن مٿانھين اختيار جي عدم موجودگي آهي.
انحصار (Interdependence): هي عنصر آءِ. آر ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، ڇو ته هن مضمون جو مقصد ئي اهو آهي ته دنيا جا ملڪ هڪٻئي سان لاڳاپا اختيار ڪن. انحصار جو مطلب آهي، ملڪَ ڪيئن هڪٻئي تي اقتصادي، سياسي ۽ سماجي طور تي ڀروسو ڪري سگھن ٿا. بين الاقوامي تعلقات کي وڌيڪ سمجھڻ لاءِ هن جي ماهرن جا ڏنل نظريا پڙهڻ لازمي آهن. آءِ. آر جا ٽي اهم نظريا آهن:
1. حقيقت پسندي (Realism): هن نظريي مطابق “طاقت ئي سڀ ڪجهه آهي” بين الاقوامي نظام ۾ هر رياست کي طاقتور ٿيڻ گهرجي ته جيئن ڪو ٻيو ان تي حملو نه ڪري سگهي. اُها طاقت گھڻن ئي ملڪن جو هڪٻئي سان “اتحاد” جوڙڻ سان به قائم ٿي سگھي ٿي.
2. آزاد خيال پسندي (Liberalism): هن نظريي مطابق بين الاقوامي نظام ۾ گڏيل تنظيمون، آزاد تجارت ۽ جمهوريت سان امن قائم ٿي سگهي ٿو، نه رڳو طاقت گڏ ڪرڻ سان، پر هڪٻئي سان دوستاڻو ماحول جوڙڻ سان به امن قائم ٿي سگھي ٿو.
3. تعمير پرستي (Constructivism) : هن نظريي مطابق دوست ۽ دشمن رياستن جا ٺاهيل هوندا آهن. جيڪڏهن رياستن جا اڳواڻ چاهين ته سڀ دوست ٿي سگهن ٿا ۽ نه چاهين ته دشمن به ٿي سگهن ٿا. مثال: پاڪستانين جو خيال آهي ته ڀارت دشمن آهي ۽ چين دوست آهي، پر جيڪڏهن ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ فيصلو ڪن ته چين دشمن آهي ۽ ڀارت دوست ته عوام جو خيال به ان وقت تبديل ٿي ويندو. ان ڪري دوست يا دشمن بنائڻ رياستي اڳواڻن جي سوچ تي دارومدار رکي ٿو. بين الاقوامي تعلقات ۾ هر ملڪ جو الڳ مفاد هوندو آهي. انهن مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ رياستون هيٺيان اوزار استعمال ڪنديون آهن.
سفارتڪاري (Diplomacy) جنگ کانسواءِ مسئلا حل ڪرڻ.
اتحاد (Alliance) دفاعي نظام مضبوط ڪرڻ.
پابنديون (Sanctions) ملڪن جو رويو بهتر بڻائڻ.
نرم طاقت (Soft Power) ثقافت ۽ ڳالھه ٻولھه سان لاڳاپا جوڙڻ.
موجوده دور ۾ بين الاقوامي تعلقات کي ڪيترن ئي امتحانن مان گذرڻو پوي ٿو. هيٺ ڏنل ڪجھه مسئلا(Challenges) آهن، جيڪي بين الاقوامي تعلقات جي لاءِ مشڪل ثابت ٿين ٿا:
جوهرِي هٿيارن جي پکيڙ، دهشتگردي، موسمياتي تبديلي، سائبر جنگ. هي اهي مسئلا آهن جيڪي دنيا جي ملڪن کي هڪ ٻئي کان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ بين الاقوامي تعلقات جي نظريات جي بنياد تي ڪيتريون ئي تنظيمون ٺاهيون ويون آهن، جيڪي بين الاقوامي نظام کي مضبوط بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. مختصر لفظن ۾، بين الاقوامي تعلقات صرف ڪتابن جو مضمون نه، پر دنيا کي بچائڻ جو رستو آهي. بين الاقوامي تعلقات جو مضمون ڄاڻ ڏئي ٿو ته ملڪن جا تعلقات بابت، بين الاقوامي تنظيمن بابت ۽ جنگين کان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪجي ۽ امُن امان سان ڪيئن رهجي؟ ڪيئن طاقت، مفاد ۽ اعتماد جو توازن قائم ڪجي. بين الاقوامي تعلقات جي نظرياتي موضوئن تي بحث مباحثا ڪرڻ کانپوءِ جيڪي رايا قائم ڪيا آهن، تنھن مان “اتحاد” جي صورت ۾ “طاقت جو توازن” قائم ڪرڻ ۽ ڪجھه جو چوڻ آهي ته مضبوط سفارتڪاريءَ سان امن ۽ ترقي حاصل ڪري سگھجي ٿي. ڏٺو وڃي ته طاقت سان فقط سرحدون بچنديون آهن، پر سفارتڪاريءَ سان دليون کٽيون وينديون آهن ۽ جنهن دنيا ۾ دليون کٽجي وڃن، اتي جنگ جي ضرورت ئي نه پوندي. تنهنڪري بين الاقوامي تعلقات جو شاگرد، اڄ جو شاگرد سڀاڻي جو سفارتڪار بڻجي، بين الاقوامي تعلقات جي علم سان دنيا ۾ امن، عدل ۽ انسان دوستي جو نئون باب لکي سگهي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو