مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

قوم ٿي زنده رهي، پر جي زبان زنده رهي

Sarwar Rasheed Siddiqui تعليمدان، ڪالم نگار ۽ سماجي ورڪر

بي ٽيڪ ايم.اي (سوشيالاجي)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

قومن جي زنده رهڻ جو دارومدار زبان تي هوندو آهي. ڪنهن به قوم پنهنجي ٻولي وڃائي ته ان جو موت به لازمي ٿيو پوي. هر ڪنهن زبان کي زنده رکڻ لاءِ زمين/وطن جو هئڻ ضروري آهي. جنهن ٻوليءَ کي زمين نه هوندي ته اها ٻولي جٽادار نه ٿي سگهندي. هر قوم کي پنهنجي ٻوليءَ سان محبت هوندي آهي ۽ اهو فطري عمل به آهي. تاريخ شاهد آهي ته هر فاتح قوم جيڪڏهن محڪوم قوم جي نسل ڪشي ڪئي آهي ته ان جي ٻوليءَ کي ختم ڪيو ويو آهي. انهيءَ هر قوم پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي زبان کي زنده رکڻ لاءِ بي پناهه ڪوشش ڪندي آهي. هر قوم جي پنهنجي زبان هوندي آهي ۽ ان قوم کي ان لاءِ بي انتها محبت ۽ والهانه عقيدت هوندي آهي. زبان جي وسعت جو اندازو ان جي ادبي خزاني مان لڳائبو آهي. اسان جي سنڌي زبان جو ادبي خزانو به مالا مال آهي ۽ ان جو شمار دنيا جي شاهوڪار ٻولين ۾ ٿئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو اڻ کٽ خزانو آهي. هن وقت سنڌي ٻوليءَ کي نقصان ٿيڻ جو خدشو پنهنجن سنڌين مان محسوس ٿي رهيو آهي، جيڪي پنهنجن ٻارن کي پرائمري تعليم کان خانگي اسڪولن ۾ داخل ڪرائين ٿا، جتي سنڌي ٻولي پڙهائي نٿي وڃي. جڏهن ته سرڪار پاران بُڪ بورڊ جي مروج نصاب کي پڻ پاسيرو رکيو وڃي ٿو. سنڌ صوبائي اسيمبليءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ميمبر پنهنجي اباڻي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ ضروري نٿا سمجهن. ايوبي مارشلا ختم ٿيڻ بعد جڏهن ملڪ جون چارئي صوبائي اسيمبليون بحال ٿيون ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي يڪراءِ سان صوبائي ٻولي هجڻ جي قرارداد پاس ڪئي وئي ۽ سنڌ اسيمبلي جا سنڌي ڳالهائيندڙ ميمبر هميشه پنهنجي زبان ۾ ڳالهائيندا هئا، پر هاڻي اڪثر ميمبر پنهنجي اباڻي ٻوليءَ ۾ نٿا ڳالهائين. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي ان ڏس ۾ پنهنجو مضبوط ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻي صورت ۾ سنڌي زبان سان ٿيندڙ موجوده صورتحال قوم جي خدا نه ڪري ته نسل ڪشي جو مثال بڻجي پوندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو