معدني وسيلن سان مالال وچ اوڀر جو خطو ھن وقت عالمي طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ لکين بي گناھ انسانن جي قتل ۾ ملوث اسرائيل جي وحشت ۽ بربريت سبب عدم استحڪام ۽ غير يقيني واري صورتحال جو شڪار آھي. ھنن حالتن جي تلخي ۾ تيزي تڏھن آئي جڏھن حماس سربراھ جناب اسماعيل ھانيه جي ايران ۾ دردناڪ شھادت ٿي ۽ ايران پاران اسرائيل کي ان واقعي ۾ ملوث قرار ڏئي ان کان بدلي وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو. بدلي وٺڻ جو اعلان خود ايران جي روحاني پيشوا جناب سيد علي خامنہ اِي ڪيو آھي. جنھن بعد وچ اوڀر ۾ ھلچل تيز ٿي وئي آھي. تازو ڪجھ ڏينھن پھرين شام ۾ قبيلائي طاقتن پھريون دفعو آمريڪي فوجين جي اڏي تي حملو ڪري انھن کان پنھنجي ھڪ وڏي شامي آئل ريفائنري آجي ڪرائي پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏي آھي. جڏھن ته اسرائيل ۾ ھٿيارن سان ڀريل آمريڪي بار بردار جهازن ۽ ايران توڙي شام ۾ ھٿيارن سان ڀريل روسي بار بردار جهازن جي مسلسل لينڊنگ اھم آھي.