مجيب اوٺي جي ناول “اڪيلائيءَ جي آلودگي” تي هڪ نظر
ڪجهه ڪتاب اهڙا هوندا آهن، جيڪي پڙهڻ کانپوءِ بند ناھن ٿيندا؛ اهي ذهن جي ڪنهن خاموش ڪنڊ ۾ کليل ئي رهجي ويندا آھن. مجيب اوٺي جو ناول “اڪيلائيءَ جي آلودگي” به منهنجي لاءِ هڪ اهڙو ئي ڪتاب آهي. هڪ اهڙو تخليقي سفر، جيڪو محبت، وڇوڙي، اڪيلائي، سماجي بيحسي ۽ انسان جي اندروني ڀڃ ڊاهه کي هڪ ئي ڪينواس تي آڻي بيھاري ٿو. ناول جو انتساب “تنها ۽ اداس روحن جي نالي”، ڄڻ سڄي ڪهاڻيءَ جي فڪري فضا جو مختصر تعارف آهي. مرڪزي ڪردار عبدالهادي، محبوبه عاليه جي اوچتي وڇوڙي کانپوءِ اهڙي نفسياتي اڪيلائيءَ ۾ داخل ٿئي ٿو، جتان واپسيءَ جو رستو آهستي آهستي ڌنڌلو ٿيندو وڃي ٿو. موسيقي، ڪتاب، مڌ ۽ سمنڊ سندس ساٿي ته بڻجن ٿا، پر اهي سمورا ساٿَ به کيس پنهنجي اندر جي اونداهين کان نجات نٿا ڏياري سگھن.
عاليه جو ڪردار ناول جو بنيادي محرڪ آهي. يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر جي هراسان ڪرڻ کانپوءِ سندس اچانڪ غائب ٿي وڃڻ، عبدالهاديءَ کي محبت جي درد کان انتقام جي رستي تائين وٺي وڃي ٿو، پر منهنجي نظر ۾ ناول جو اصل موضوع قتل يا انتقام نه، پر انسان جي اندر وڌندڙ اڪيلائي آهي، اهڙي اڪيلائي جيڪا آهستي آهستي احساسن، رشتن ۽ سوچ کي آلوده ڪري ڇڏيندي آهي. هن ناول جي خوبي اها به آهي ته ليکڪ ذاتي درد کي سماجي مسئلن کان الڳ نٿو ڪري. سماج جي بيحسي، اقليتن جا مسئلا، پارسي ڪميونٽيءَ جا حوالا، هجرت، عورتن جي مجبوري، سنڌو درياءَ ۽ ماحولياتي خطرا اهي سڀ موضوع ڪهاڻيءَ جي وهڪري ۾ اهڙي نموني اچن ٿا، جو ناول رڳو هڪ شخص جي الميي تائين محدود نٿو رهي، پر پنهنجي سماج جو به آئينو بڻجي وڃي ٿو.
مجيب اوٺي جو اسلوب پڻ قابلِ ذڪر آهي. مختصر، سادا ۽ معنويت سان ڀرپور جملا سندس بيان کي رواني ڏين ٿا. خاص طور تي خواب، خيال، يادگيري ۽ حقيقت جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ڌنڌلائپ ناول کي هڪ نفسياتي ۽ فڪري رنگ عطا ڪري ٿي. عبدالهاديءَ جو پنهنجي ذهن ۾ هڪ خيالي وجود سان گفتگو ڪرڻ وارو حصو ناول جي انهن پاسن مان آهي، جتي حقيقت ۽ تصور جون سرحدون مٽجندي محسوس ٿين ٿيون. تنهن هوندي به، ڪجهه هنڌن تي عاليه جي ڪردار کي وڌيڪ داخلي آواز ۽ وسعت جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح پروفيسر جي قتل کانپوءِ عبدالهاديءَ جي پڇتاءُ ۽ نفسياتي ڀڃ ڊاهه کي وڌيڪ گهرائين سان پيش ڪيو وڃي ها ته ناول جو ڪلائميڪس اڃان وڌيڪ اثرائتو ٿي سگهي ها، پر اهي ڳالهيون مجموعي تخليقي ڪاميابيءَ کي گهٽ نٿيون ڪن.
هن ناول کي رڳو عشقيه ناول چوڻ ناول سان ناانصافي ٿيندي. هي دراصل هڪ اهڙي انسان جي ڪهاڻي آهي، جيڪو محبت وڃائڻ کانپوءِ پاڻ کي به آهستي آهستي وڃائيندو وڃي ٿو. هي ناول اسان جي سماج جي بيحسي، انسان جي اندروني خواهشن ۽ وجودي بحران کي سوالن جي صورت ۾ اسان جي سامهون رکي ٿو ۽ شايد ناول جو سڀ کان وڏو سوال اهوئي آهي: ڇا اسين به عبدالهاديءَ وانگر پنهنجي اندر ڪنهن اهڙي اڪيلائيءَ جا قيدي ناهيون، جنهن جي خبر اسان کانسواءِ ڪنهن کي به ناهي؟ جيڪو ادب پڙهندڙ کي اهڙو سوال پنهنجي اندر کڻي موٽائي، اهو ادب رڳو پڙهيو نٿو وڃي، پر محسوس به ڪيو وڃي ٿو.
آئون مجيب اوٺي کي هن حساس ۽ فڪري ڪاوش تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟