مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

علامه محمد اقبال جي تعليم، تربيت ۽ شاعريءَ تي هڪ نظر

Dr Parveen Moosa Memon محقق، نقاد، لطيف شناس، ٻالڪ ادب لکندڙ، ڪهاڻيڪارا، مترجم

پي.ايڇ.ڊي (سنڌي)، رٽائرڊ پروفيسر، 39 ڪتابن جي ليکڪه، 23 ايوارڊ حاصل ڪندڙ، 6 اڪيڊمڪ ڪتاب ۽ ڪامپيٽيٽو ايگزامس لاءِ لکيل ڪتابن جي مصنفه.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

شيخ جمال الدين جي چئن پٽن ۾ هڪ جو نالو محمد رفيق هو جنهن کي ٻه پٽ ٿيا، نور محمد ۽ غلام محمد شيخ، نور محمد شيخ شاعر مشرق، حڪيم الامت ۽ قوم جي مفڪر علامه محمد اقبال جو والد هو. شيخ نور محمد 1835ع ۾ سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو جنهن جي طبيعت ۾ انڪساري، نيڪي ۽ تقويٰ سبب پورو پاڙو سندس عزت ڪندو هو ۽ خاندان ۾ هُن کي “ميان جي” سڏيندا هئا، کيس صوفين جي صحبت پسند هئي، اقبال جي تربيت ۾ سندس والد جو خاص هٿ هو، جنهن جي لاءِ ڊاڪٽر اقبال هڪ واقعو پڻ ذڪر ڪيو آهي ته ننڍپڻ ۾ هُن هڪ فقير کي لٺ سان ڌڪيو ته والد صاحب تمام گهڻو ناراض ٿيو ۽ روئيندي چيائين ته، “تنهنجي انهيءَ عمل جو آئون ڌڻيءَ سڳوري کي ڪهڙو جواب ڏيندس؟” علامه اقبال موجب مٿن انهيءَ ننڍپڻ جو واقعي گهڻو اثر ڪيو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي کين غور ۽ فڪر جي عادت هئي، قرآن پاڪ کي والد صاحب جي چوڻ تي معنيٰ ۽ غور سان پڙهندا هئا، سندن والده امام بي بي کي “بي جي” چوندا هئا، جا پڻ هڪ سگهڙ، بردبار ۽ حوصلا مند عورت هئي، پيار مان پنهنجي پٽ اقبال کي “ميرا بالي” چوندي هئي، اقبال جي تربيت تي والدين خاص ڌيان ڏنو علامه اقبال جو والده جي وفات کانپوءِ چيل طويل نظم 1914ع “والده مرحومه ڪي يادين” 186شعرن تي مشتمل آهي، جنهن جو هڪ بند آهي.
زندگي ڪي اوج گاهون سي اتر آتي هين هم،
محبت مادر مين طفل ساده ره جاتي هين هم-(صه-5)
علامه اقبال جي ڀاءُ شيخ عطا محمد جو کانئس 15 سال عمر ۾ وڏو هو، اُن کيس پڙهايو ۽ لکايو .علامه محمد اقبال 9 نومبر 1877ع تي جنم ورتو، سندس وفات 21 اپريل 1938ع تي لاهور ۾ ٿي جتي ئي مدفون آهي، هن شروعاتي تعليم گهر جي ويجهي ديني مدرسي مان ورتي اڳيان سيال ڪوٽ ۽ لاهور جي ڪاليجن مان پڙهيو، فلسفي جي مضمون ۾ ايم اي دوران سموري پنجاب جي شاگردن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين، اورينٽل ڪاليج ۽ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. 1905ع ۾ قانون جي اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ جي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان بار ايٽ لا جي ڊگري حاصل ڪيائين، هُن ايران جي فلسفي تي شاندار ڪم ڪيو، جنهن تي کيس ميونخ يونيورسٽي جرمنيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملي ۽ 1908ع ۾ وطن واپس وريو. ڊاڪٽر اقبال جي شاعري ڪيئن اُسري؟ سندس ذهني تربيت ۽ شاعريءَ جي اصلاح ۾ ڪنهن مدد ڪئي؟ هُن ڪڏهن کان پهريون شعر چيو؟ سندس شاعريءَ جو فڪر ڪهڙو آهي؟ قوم کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيائين؟ انهيءَ لاءِ اهو چونديس ته سندس سڃاڻپ پاڪستان جي قومي شاعر جي حيثيت سان اهميت واري آهي، هن نثر ۾ به سهڻو لکيو، تقريرون ڪيون ۽ اهي تحريرون پڙهڻ جوڳيون آهن، گڏيل هندستان ۾ ڊاڪٽر اقبال مسلمانن کي قومي سجاڳيءَ ۽ سڌاري جو پيغام ڏيندي بلند خيالي ۽ پنهنجي حقن جي سڃاڻپ ۽ حاصلات ڄاڻائي سندس ابتدائي استادن ۾ حامِد شاهه، (جنهن کان پهريون انگريزي جو سبق ورتائين) عمر شاهه، مولانا غلام حسن، هئا، اڳتي مئٽرڪ ۽ انٽرميڊئيٽ ۾ شمس العلماءِ مولوي سيد مير حسن، يورنڊ واخ جارج، سندر سنگهه، سندر داس، نرسنگهه داس، نرنجن داس، جگن ناٿ ڊاڪٽر جي ڊبليو ينگسن، ٿامس واڪر آرنلڊ، پروفيسر لاله جيا رام، محمد الدين (عربي ۽ فارسيءَ جوا ستاد) اهم نالا آهن، گهڻا هندو ۽ انگريز استاد هئا، مٿن مولوي سيد مير حسن جو وڏو اثر هو، پوري حياتي گهڻي عزت ۽ احترام ڪندڙ رهيو، جڏهن کيس گورنر “اسرار خودي” جي انگريزي ترجمي پڙهڻ بعد “سر” جي لقب ڏيڻ کان اڳ مشاورت لاءِ گهرايو ته کانئس پڇيو ته هن سال “شمس العلماءِ” جي لقب لاءِ پنجاب جو وارو آهي “ڇا توهان جي نظر ۾ ڪو اهڙو فرد آهي؟” علامه صاحب چيو ته، “انهيءَ شرط تي نالو ٻڌائيندس جو پوءِ ان کانپوءِ ڪنهن به نالي تي غور نه ٿئي” گورنر سر ايڊورڊ هائوڪار ڪئي ۽ علامه اقبال پنهنجي استاد مولوي مير حسن جي نالي جي تجويز ڏني، جڏهن گورنر مير حسن جي تصنيفات جي باري ۾ پڇيو ته علامه صاحب چيو ته، “هُن جو ڪوبه ڪتاب ڇپيل ڪونهي، انهيءَ جي “زنده تصنيف” آئون پاڻ توهان جي سامهون آهيان” ڪنهن شاگرد جي پنهنجي استاد لاءِ ايتري محبت، عزت ۽ عقيدت مان ثابت ٿئي ٿو ته هن پنهنجي انهيءَ استاد کان گهڻي ۾ گهڻو اُتساهه ورتو هو. انگلينڊ ۾ سندس استادن ۾ اليگزينڊر، پروفيسر اي جي برائون، پروفيسر ڊڪنسن، ڊبليو آر سورلي، ڊاڪٽر جان ميڪ ٽيگرٽ، آر اي نڪلسن، جرمنيءَ جي استادن ۾ ڊاڪٽر ايف هومل ۽ ٻيا هئا. علامه اقبال ۾ سکڻ جي ۽ علم جي حاصلات جي تڙپ ننڍي لاڪون موجود هئي، مٿان کين گهرو ماحول پڻ تعليمي مليو سندس ننڍي ڀيڻ ڪريم بيبي جو چوڻ هو ته “ڏهين درجي پاس ڪرڻ کانپوءِ والد صاحب اقبال کي تجارت ۾ ٿي لڳايو، پر بي جي يعني والده اصرار ڪيو ته هن کي ضرور پڙهڻ گهرجي ان ڪري پوءِ کيس سيالڪوٽ جي اسڪاچ مشن ڪاليج ۾ داخل ڪيو ويو.” (ص-18)
هن انگريزي، اردو، فارسي، عربي، حساب، جاگرافي، تاريخ سڀني مضمونن کي هميشه اوليت ڏني، ڏهين درجي ۾ فرسٽ ڊويزن حاصل ڪري ان وقت 12 رپيا ماهوار اسڪالرشپ کنيائين ۽ انهيءَ کانپوءِ سندس شادي جلدي گجرات جي هڪ آسودي گهراڻي مان ٿي، سندس پهرين گهر واري مان ٻه ٻار معراج بيگم ۽ آفتاب اقبال ٿيا، پر شادي ڪاميابيءَ سان هلي ڪونه سگهي، جنهن کانپوءِ هن ٻي شادي ڪئي. علامه اقبال اسڪول جي زماني کان ئي شعر گوئي شروع ڪئي. شروعاتي غزلن جي اصلاح مرزا داغ دهلويءَ کان ڪرايائين، 1893ع جي هڪ غزل جو بند هن ريت آهي:
ڪيا مزه بلبل ڪو آيا، شيوهء بيداد ڪا،
ڍونڍتي ڦرتي هي، اڙ اڙ ڪر جو گهر صياد ڪا.
ڊاڪٽر اقبال غير معمولي صلاحيتن سان نوازيل هو، سندس ذهني قوت مضبوط هئي، حياتيءَ جي لاڙهن چاڙهن هوندي به ان تعليم کي گهڻي اهميت ڏني ۽ پنهنجي علمي حاصلات جي ڪاميابيءَ سان گڏ شاعريءَ سان نڀايو، سندس پيغام آهي، همت ۽ سمجهه سان حالتن جو مقابلو ڪيو، پنهنجي اعتقادن ۽ نظرين تي مضبوطيءَ سان قائم رهو، فقط تقدير کي ڏوهه نه ڏيو.
ارادي جن ڪي پخته هون، نظرين جن ڪي خدا پر هون،
وه طلاطم خيز موجون سي گهبرايا نهين ڪرتي.
مٿي ڄاڻايل استادن جي ڏنل تعليم ۽ تربيت جو علامه اقبال جي ذهني، فڪري ۽ فلسفياڻي ارتقا ۾ وڏو هٿ رهيو هڪ ذهين ۽ محنتي شاگرد جي حياتيءَ تي قابل استادن جي سهڻي نظرداري ۽ ساٿ سان علامه محمد اقبال جهڙا شاگرد پيدا ٿين ٿا.
(هن مقالي جي مواد لاءِ ڪتاب “علامه اقبال ڪي استاد” ليکڪ پروفيسر عبدالڪريم قاسم، هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد، 2006ع تان مدد ورتي وئي آهي)

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو