ڪوئلي جي دولت تي ويٺل ديس ۾ ڏڪار سٽيل عوام
Ali Nawaz Rahimon ڪالم نگار، سوشل ورڪر
سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ. خاص طور تي ماحوليات، موسمي تبديلين ۽ ٻهراڙين ۾ پاڻي جي موضوع تي لکندڙ ليکڪ.
ٿرپارڪر، سنڌ جي انهن ضلعن مان آهي جيڪو قدرتي ۽ معاشي وسيلن سان مالا مال هجڻ جي باوجود سماجي ۽ معاشي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ ڪمزور علائقن ۾ شمار ٿئي ٿو. هتي ثقافتي ورثو، مال متاع تي ٻڌل معيشت، زراعت ۽ معدني دولت جا وڏا ذخيرا موجود هوندي، ماڻهو تعليم، صحت، پاڻي، غذائيت ۽ بنيادي ڍانچي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ڊان جي 1 مارچ 2026 واري رپورٽ موجب سنڌ حڪومت 2023 کان 2025 دوران ٿر جي ڪوئلي مان 50 ارب رپيا رائلٽي ڪمايا. ڪوئلي جو ميدان 9,100 چورس ڪلو ميٽرن تي پکڙيل آهي ۽ ان ۾ اندازن 175 ارب ٽن ذخيرا آهن. 2023 جي مردم شماري موجب ضلعي جي آبادي 1,778,407 آهي، جيڪا 327,584 گهرن ۾ رهي ٿي. ضلعو 19,637 چورس ڪلو ميٽرن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ ستن تعلقن ۾ 2,365 ڳوٺ آهن ۽ شرح خواندگي 36.4 سيڪڙو آهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ريگستان جي هيٺان موجود دولت مٿي رهندڙ ماڻهن تائين نه پهتي آهي.
خودڪشيون، ٻارن جو موت ۽ لڏپلاڻ: ميڊيا رپورٽن موجب جنوري کان سيپٽمبر 2026 دوران ضلعي ۾ 122 ماڻهن خودڪشي ڪئي. جڏهن ته 2025 ۾ 116 خودڪشيون رڪارڊ ٿيون. مقامي رپورٽن ۽ پوليس جي تحقيق ۾ سماجي ۽ معاشي دٻاءُ، ڊگهي ڏڪار، ننڍي عمر ۾ شادي، گهريلو تڪرار، تفريق ۽ عام مايوسي کي سبب ٻڌايو ويو آهي. صحت جي صورتحال به ايتري ئي ڏکوئيندڙ آهي. جنوري کان آگسٽ 2026 دوران مٺي جي سول اسپتال، جيڪا ضلعي جي واحد وڏي سرڪاري اسپتال آهي، ۾ غذائي کوٽ، گهٽ وزن سان ڄمڻ ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا 480 نوان ڄاول ٻار فوت ٿيا. جڏهن برسات نه پوي ٿي ته هر سال هزارين خاندان سانگھڙ، ميرپورخاص ۽ بدين جي بئراجي علائقن ڏانهن لڏي وڃن ٿا. ٻارن ٻچن سميت سردي گرميءَ ۾ گهر ڇڏڻ ڪو شوق ناهي، پيٽ جي مجبوري آهي. اهي ڇھه ڇھه مهينا ڪم ڪري ٻه ٽي مڻ اناج گڏ ڪن ٿا. هن لڏپلاڻ جي سڀ کان وڏي قيمت ٻار ڏين ٿا: ٻارن جي اسڪول جو سلسلو ٽٽي پوي ٿو ۽ اهي چائلڊ ليبر تي مجبور ٿي وڃن ٿا.
ڏڪار ۽ حڪومتي رد عمل: هن سال ٿر ۾ مناسب برسات نه پوڻ سبب لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو فصل تباھ ٿي ويا. مال لاءِ چارو ختم ٿيڻ سبب مال بيمارين سبب مرڻ لڳو ۽ کير مکڻ جهڙو ٿرين جو بنيادي غذائي وسيلو به ختم ٿي ويو، وڻ ٽڻ سڪي ويا ۽ کوهه کارا ٿي ويا. 7 نومبر 2026 تي سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاھ ٿرپارڪر کي ڏڪار متاثر قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪري پاڻي ۽ چاري جي هنگامي فراهمي جون هدايتون ڏنيون. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪارڊ رکندڙ خاندانن لاءِ امداد جو اعلان به ڪيو ويو آهي، پر هڪ بنيادي سوال اڃان تائين قائم آهي. ڏڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقل حڪمت عملي ڪٿي آهي؟ ڏڪار هڪ قدرتي آفت آهي ۽ ان کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ تياري ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. اها قسمت جو کيل نه، بلڪه ناقص حڪمرانيءَ جو اظهار آهي. هنگامي امداد ضروري آهي، پر ڪڻڪ جو ڪٽو، اهو به مخصوص خاندانن کي، ڪنهن مسئلي جو مستقل حل ناهي. ڏڪار کان بچائڻ لاءِ ٿر کي مستقل روزگار جي ضرورت آهي.
مستقل حل، روزگار ۽ ٿر جا پنهنجا وسيلا: ٿر جا هزارين نوجوان ڪراچي جي گارمينٽ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪن ٿا. جيڪڏهن اهڙيون فيڪٽريون ٿر جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ لڳايون وڃن ته اهي نوجوان، جن وٽ ڪراچي ۾ رهائش جو بندوبست ناهي، پنهنجي علائقي ۾ روزگار ماڻي سگهن ٿا ۽ نقل مڪاني گهٽجي سگهي ٿي.
هينڊي ڪرافٽ: ٿر جو هنر دنيا ۾ مشهور آهي، پر ٿرياڻين کي مهيني جي محنت جو مناسب اجورو نٿو ملي، جڏهن ته وچولا ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن. حڪومت کي گهرجي ته هينڊي ڪرافٽ جي واجبي اجوري جو بندوبست ڪري ته جيئن عورتون گهر ويٺي عزت سان روزگار ڪمائي سگهن.
ڊيري فارمنگ: ٿر جي پراڻي چوڻي آهي ته، “ٿر آهي ٿڻ تي، نه ڪي ڪڻ تي” يعني ٿر جي زندگي مال تي بيٺل آهي، زمين جي پيداوار تي نه. ٿر ۾ کير ڏيندڙ مال وڏي تعداد ۾ آهي. ڊيري فارمن ۾ عام ماڻهن جي مال کي شامل ڪرڻ جي واضح پاليسي سان وڏو روزگار پيدا ٿي سگهي ٿو.
چارو ۽ ڏڪار پاليسي: مال جو چارو مفت ڏيڻ بدران گهٽ قيمت تي ڏنو وڃي ته جيئن ماڻهن جي عزت نفس مجروح نه ٿئي ۽ حڪومت تي بار به گهٽ ٿئي. ٿر ۾ ٻنيون گهڻيون آهن جتي هر قسم جي ڀاڄي پيدا ڪري سگهجي ٿي، پر پاڻي جي کوٽ ڪري پوکي نه ٿيون سگهجن. جيڪڏهن آبادگارن کي شمسي توانائي تي هلندڙ پمپ آسان قسطن تي ڏنا وڃن ته اهي پوکي ڪري ٻيلي ۽ ڀاڄين جون ٻنيون آباد ڪري سگهن ٿا.
ٿر جي ڪوئلي ۾ ٿرين کي اوليت ۽ ٿر جي شاگردن لاءِ خاص اسڪالرشپ جو بندوبست هجڻ گهرجي. ٿر جي ڪوئلي مان حاصل ٿيندڙ دولت تي پهريون حق ٿر جي ماڻهن جو آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ٿر ڪول پروجيڪٽن ۾ روزگار جي هر سطح تي، مزدور کان وٺي ٽيڪنيشن، انجنيئر ۽ انتظامي عملي تائين، ٿرپارڪر ضلعي جي رهواسين کي پهرين ترجيح ڏيڻ جي واضح پاليسي جوڙي. ان پاليسي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪمپنين کي پابند ڪيو وڃي ۽ ڀرتين جو سڄو عمل شفاف هجي ته جيئن ٿر جا نوجوان پنهنجي ڌرتيءَ تي روزگار حاصل ڪري سگهن. ان سان گڏ، ٿرپارڪر ضلعي جي شاگردن لاءِ خاص اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو وڃي. ڪوئلي جي رائلٽي جو هڪ مقرر حصو ٿر جي تعليم لاءِ رکيو وڃي ته جيئن ٿر جا هوشيار ۽ غريب شاگرد مائننگ، انجنيئرنگ، توانائي، طب ۽ ٻين شعبن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن. ائين ڪرڻ سان ٿر جا تعليم يافته نوجوان مستقبل ۾ انهن ئي پروجيڪٽن ۾ اهم عهدن تي ڪم ڪرڻ جي قابل ٿيندا ۽ ٿر جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندا. جڏهن ٿر جي ماڻهن کي پنهنجي گهر ويجهو روزگار ۽ تعليم ملندي، تڏهن ئي ڏڪار جي ڪري ٿيندڙ لڏپلاڻ گهٽجندي، ٻار اسڪول ۾ رهندا ۽ ڏڪار جو اثر به گهٽ ٿيندو. ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي جهڙو ادارو، پاڻيءَ جي انتظام، مال متاع، ڏڪار برداشت ڪندڙ زراعت، صحت، تعليم ۽ روزگار کي گڏيل منصوبابندي ۽ احتساب هيٺ هلائي، ڊگهي مدي جو فريم ورڪ ڏئي سگهي ٿو. ٿر جي ماڻهن کي گهر ويٺي روزگار جا وسيلا مهيا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. سرڪاري نوڪرين جا وڏا اعلان ۽ ڪڻڪ جي ڪٽي واري لولي پاپ سان مسئلو حل نه ٿيندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟