مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪجهه لُڙڪ ڦُڙا، ڪجهه ماڪ ڦُڙا!

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکئين،
اُجھاميو ٻرن، توکـي ساريو سپرين.
انھيءَ خط ذريعي پنھنجا سمورا سُرھا احساس، سمورا جذباتي خيال پنھنجي جيجل سنڌ جي نانءُ ڪيان ٿو. سنـڌ سان پنھنجي لازوال عشق جي سرمستي ۾ پاڻ کي فنا ڪندڙ ڪردارن، جن پنھنجين سـنڌُو جھڙين گِھرين اکين ۾ سنڌ جي آزادي جا خواب ڏٺا ھئا، انھيءَ خطِ قافلي ۾ انھن کاھوڙِيُنِ جي بلندين کي سلام ڪندي پنھنجو ايمان تازو ضرور ڪبو.
اڄ آڳڙيا آئيا، سائو ڪي سڄاڻ
لاھيندا مورياڻ، رُڪ ڪريندا پڌرو!
سنڌ جھڙي ممتا جنھن مون ۾ ٻوليءَ جي رس چس، لھجي ۽ وقت سر ايندڙ ريتن رسمن رواجن سان گڏ زندگيءَ جي لاھين چاڙھين ۾ به پيار جھڙي سکيا ڏنـي آھي. آئون ھاڻي جواني جي دور ۾ پھچي، قلم ۽ ذھن جي نئين رُوپ ۽ لھجي سان ھڪ طرف سنڌ سان رياستي بربريت ذريعي ٿيندڙ ڏاڍائين کان واقف ڪريان، تاريخ جي ھر دور ۾ سنـڌ کي ڦاهيءَ جي سزا آيل قيدي جيان ھٿڪڙيون ھنيون ويون آھن، ويندي قومي احساسن کي چيڀاٽيو ويو آهي. ٻئي طرف سنڌ کي اھڙو پيش ڪريان جيڪا حقيقي سنڌ ھئي، جيڪا نيل گگن ۾ ٽمڪندڙ ستارن يا چنبيلي وَل تي فطرت جي ھٿ سان ٽانڪيل سھاڳي نڪن جي ڦلڙين جھڙن گلن مثل لڳندي ھئي، جيڪا شاھ لطيف ۽ جي ايم سيد جي سنڌ ھئي. تاريخ جي سفر ۾ جڏھن کان بالغِ علم ٿيو آهيان ته قومي سياست ۾ سڀ کان وڏو اُتساھ پاڻ لاءِ سنڌو درياءَ کي سمجھيو اُٿم، جيڪو ھاڻي ماڪن شاھ رضوي بقول، جنھن ۾ خودڪشي ڪري رومينٽڪ موت مرڻ جيترو پاڻي به ناھي رھيو، ڪاش! سمورا سنڌ واسي، ھڪ ھڪ لُڙڪ ڦُڙو ھاري ھن کي وري جيئارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن.
نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪا تياريون،
پَسيو بازاريون، ھينئڙو مون لوڻ ٿئي!-(شاھ)
اھو سنڌو درياءُ جيڪو حب الوطني ۽ غيرت جي ساک سمجھبو ھو، اھو سنڌو درياءُ جيڪو تاريخ ۽ جھدوجھد جي سفر جو اکين ڏٺو شاهد هو، اھو سنڌو درياءُ جيڪو ڌارين جي قبضي جو انڪاري، خونريز معرڪن ۽ امن پسند قبيلن جي درميان سرحد ھو، اھو سنڌو درياءُ جيڪو ھاري ناري جو جياپو ھو، اھو سنڌو درياءُ جيڪو محبوب جي مُرڪ جھڙن ترنم سان وھندڙ سنڌين جي شھه رڳَ ھو، اھو درياءُ وطن سان وفا جي سِلي ۾ سر ڏيندڙ انسانن جو فخر ھو.
ساھڙ مون جيئن سرتيون، جي ڏسو سڀوئي،
سمھون ڪينَ سُک، ھوند ور پاسي ڏيئي،
مونھان اڳيئي، گھڙو سڀ گھڙا کڻي!- (شاھ)
اسان جي قومي تشخص جي علامت سنڌو درياءَ آھي، جنھن سنڌو کي شاھ لطيف ھر ھر اکين ۽ دل جو ماڻو ڪيو آھي، پر پنھنجي تجربي، مطالعي ۽ مشاھدي مان پرکيو اٿم ته سنڌ جا سمورا رستا ۽ ماڳ تاريخ جي عذاب کي ڪنھن ڇيڳري جي ڇالن ۽ گُلابي چپن مثل چڱي ريت سنڀاريل آھن. انھيءَ وطـن جي وجود پنھنجن اُگھاڙن پيرن سان ڪنڊن ڀريل راھن جو سفر خُوب ڪيو آهي. بادلن جي برسات کان ڏڪاريل ٿر تائين. معصوم ٻار، ٽڙندڙ گُل ۽ پکين جي اُڏار کان روئندڙ نيڻن، وڍيل وڻن ۽ شڪاري نگاھن تائين، ھر صورت ۾ روح ۾ جھاتي پاتم ته برکا بڻجي سنڌ وسندي ڏٺم.
سورائتي سڏ، ڪري سڏ سُورن کي
سورن ڀڳس ھڏ، سي پڻ سيڪي سور سين!
ھينئر رات جي پوئين حصي ۾ کارين ڄارين جي گھاٽن وڻن جي اُوٽ ۾ منھنجو ڳوٺ، ڪچين جاين، راڳيل اڱڻن، مال جي وٿاڻن، مُرڪندڙ ونين ۽ چوطرف سارين جي پُوکائي وارين ٻنين درميان پنھنجي گھر جي آڳر تـي اھو احساس ھر ھر ياد ڏياري ٿو ته ماضيءَ جا پاڇا چٽا ڪجن ۽ سچ ته ماضيءَ جون ويرون گذريل وقت جون گھڙيون جاڳندڙ اکين ۾ خواب بڻجي آھستي آھستي تصور جي پردي تي چٽيون ٿينديون وڃن. ڳوٺ کي ڪچھرين ۽ رس رھاڻين سان سينگارجي، يادون کي ھار بڻائي ڳوٺ جي ڳچيءَ ۾ پارائجي، ڪکائين ۽ پڪين اوطاقن کي پٽڪي وَر سمجھي ان ثقافت کي وري جيئارجي. آخر ۾ سنڌ جي قومي وجود جي باري ۾ ايترو چوندس ته ھـي رياست وڏي چالاڪي ۽ حڪمت عمليءَ سان سنڌ ۾ ڪالونائيزيشن جي عمل کي جاري رکندي اچي، جيئن سنڌ جو قومي انقلاب ۽ سنڌي قوم جو مزاحمتي رُخ رياست مخالف ھجڻ بجاءِ پنھنجي ئي سر زمين تي گھرو ويڙھ طرف ھجي. اھڙي صورتحال ۾ جياپي جو واحد رستو قومي مزاحمت ۽ سياسي جھدوجھد جو آھي. سائين جي ايم سيد جنھن پنھنجي صديءَ جيڏي ڄمار قومي خدمت ۽ قومي سجاڳيءَ جي نظر ڪري ڇڏي، قومي رھبر اھي ھوندا آھن جن ۾ تاريخ جون سموريون روايتون تاريخ جي سموري طاقت واسو ڪري ويندي آھي، ھاڻي توھان ۽ اسان جي سوچ مطابق ئي مادرِ وطن سنڌ ۽ توھان جي وجود جي بقا ۽ ضمانت انھيءَ ۾ آھي.
اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي،
ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.
اسان جو جڏھن خون خوشبوءِ ٿي ويندو ته ويڙھا وطن ۾ به واسي ڇڏيندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو