نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ پاران لکيل ڪتاب “سنڌيڪا سنڌي گرامر” سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ھن ڪتاب اندر محقق لکي ٿو ته: “افسوس اھو آھي جو موجوده دور اسان جي تعليمي ادارن ۾ گرامر تي گھٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. اھوئي سبب آھي جو اڄ اسان جو نوجوان پنھنجي پياري زبان جي لکڻ پڙھڻ ۽ ڳالھائڻ ۾ غلطي ڪري ٿو، جيڪو اسان جي ٻوليءَ لاءِ ھاڃيڪار آھي. ان لاءِ ضروري آھي ته شاگردن کي گرامر جي صحيح ڄاڻ ڏني وڃي. ان ڪري مون سمجهاڻين سان ئي گرامر تاليف ڪيو آھي.”