ننڍي کنڊ جي آزادي واري جدوجهد جو حقيقي جائزو
Tufail Magsi
ڪالم نگار
اسان کي عام طور تي تاريخ انهيءَ انداز ۾ پڙهائي ويندي آهي ته ننڍي کنڊ جي آزادي ڪجھه اڳواڻن جي جدوجهد جو نتيجي هئي. مهاتما گانڌي، محمد علي جناح ۽ ٻين اڳواڻن، تحريڪون هلايون، برطانوي حڪومت تي دٻاءُ وڌائون ۽ نيٺ 1947ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان آزاد ٿيا. اها تصوير مڪمل طور تي غلط ته ناهي، مگر نا مڪمل ضرور آهي.
اصل تاريخي سوال: برطانيه ٻي جنگ عظيم کان فورن بعد پنهنجي ڪشادي بيٺڪيتي سلطنت کان هٿ ڇو کڻڻ شروع ڪيو؟ ان سوال جو جواب صرف گانڌي، جناح يا ڪنهن هڪ سياسي پارٽي کان نٿو ملي. ان لاءَ اسان کي ٻي جنگ عظيم، برطانوي معيشت، آمريڪي مالي طاقت، بيٺڪيتي مزاحمت، هندستاني سياست، برطانوي فوج ۽ جي اندر بدلجندڙ لاڙن ۽ عالمي سطح تي خود اراديت جي وڌندڙ تصور سڀني کي گڏ ڏسڻو پوندو.
ٻي جنگ عظيم ۽ برطانوي سلطنت جا بنياد: 1939ع ۾ شروع ٿيڻ واري ٻي جنگ عظيم برطانيه کي فوجي ۽ معاشي طور تي شديد نقصان رسايو. جنگ جي خاتمي تي برطانيه فاتح ضرور هو، مگر هن جي مالي حالت نهايت ڪمزور ٿي چڪي هئي. برطانوي حڪومت کي آمريڪي قرضن ۽ Lend‑Leas نظام تي دارو مدار ڪرڻو پيو. برطانوي حڪومت پنهنجي تاريخي دستاويز به تسليم ڪري ٿي ته جنگ ملڪ کي اٽڪل ڏيوالپڻي واري حالت تي پهچائي ڇڏيو هو.
هتي هڪ اهم نقطو سامهون اچي ٿو: برطانوي سلطنت صرف سياسي مسئلو نه رهي هئي؛ بلڪه انهيءَ کي برقرار رکڻ معاشي ۽ فوجي طور تي به مشڪل ٿي رهيو هو. ليڪن اهو چوڻ ته برطانيه صرف ان لاءِ هندستان منجهان نڪتو ته آمريڪا هن کي حڪم ڏنو هو، تاريخي طور تي درست نه ٿيندو. آمريڪا واقعي برطانوي بيٺڪيتي نظام کان خوش نه هو ۽ جنگ جي خاتمي کانپوءِ وڌيڪ کليل عالمي واپاري نظام جو خواهشمند هو. آمريڪي دستاويزن مان پتو پوي ٿو ته واشنگٽن ۽ برطانويEmpire Preferences ۽ بيڪيتي معاشي نظام جي خاتمي کي پنهنجي ڪشادي اقتصادي منصوبي جو حصو سمجهندو هو، مگر برطانيه جي هندستان کان نڪرڻ جو فيصلو آمريڪي حڪم جو سڌو نتيجو نه هو.
هندستان جي مالي دعويٰ: اهو پاسو عام پاڪستاني يا ڀارتي نصابي بياني ۾ تمام گهٽ بحث جي اندر اچي ٿو. ٻي جنگ عظيم جي دوران برطانوي حڪومت هندستاني وسيلن ۽ فوج کي وڏي پيماني تي استعمال ڪيو. جنگ جي خاتمي تائين هندستان جي نالي برطانيه وٽ تمام وڏو Sterling Balances جمع ٿي چڪو هو. تحقيقي مطالعن مطابق جنگ جي خاتمي تي برطانيه جي Sterling liabilities ۾ هندستان جو حصو اٽڪل وڏو هو. 1945تائين هندستان جا اٽڪل £1.3ارب جا Sterling balances موجود هئا. هڪ ويجهڙ وارو مطالعو ان کي ائين بيان ڪري ٿو ته ٻي جنگ عظيم جي دوران برطانيه جا اٽڪل £3.5 ارب جا Sterling balances ۾ هڪ حصي کان وڌيڪ هندستان جي ذمي هئا. يعني تصوير صرف اها نه هئي ته “برطانيه هندستان کي آزاد ڪري ڇڏيو” بلڪه اهو هو ته برطانيه جنگ کانپوءِ هڪ ڪمزور مالي طاقت هو، جڏهن ته هندستان ان سان گڏ هڪ وڏي مالي حساب ڪتاب جي ڌر به هو.
ڇا هٽلر هندستان جي آزادي جو باني هو؟: اها دعويٰ ڏاڍي دلچسپ آهي، تاريخي اعتبار کان انهيءَ کي سڌو سنئون قبول نٿو ڪري سگهجي. ها ٻي جنگ عظيم برطانوي سلطنت کي شديد ڪمزور ڪيو. نازي جرمني ۽ جاپان جي خلاف جنگ يورپي طاقتن جي عالمي اثر کي شديد نقصان پهچايو. جنگ کانپوءِ دنيا ۾ بيٺڪيتي نظام جي خلاف ماحول نهايت تيزي سان تبديل ٿيو، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هٽلر هندستان کي آزاد ڪرايو. وڌيڪ درست ڳالھه اها آهي ته ٻي جنگ عظيم جنهن جي شروعات هٽلر جي جرمن جارحيت کان ٿي، نيٺ ان عالمي طاقت جي توازن کي تباھ ڪري ڇڏيو، جنهن تي يورپي بيٺڪيتي نظام بيٺو هو. اهو هڪ تمام وڏو فرق آهي، هٽلر جو مقصد هندستان يا ٻين بيٺڪيتن کي آزادي ڏيارڻ نه هو؛ هن جو مقصد جرمن طاقت؛ علاقائي ڪشادگي ۽ نازي عالمي نظام قائم ڪرڻ هو. ان لاءِ هٽلر کي“آزاديءَ جو باني” چوڻ تاريخي طور تي درست ناهي. البته اهو چوڻ درست آهي ته هٽلر جي شروع ڪيل جنگ جي عالمي نتيجن يورپي سامراج جي زوال کي تيز ڪري ڇڏيو.
هندستاني آزادي جي تحريڪ جو ڪردار: هتي ٻي انتها کان بچڻ به ضروري آهي. جيڪڏهن اسان اهو چئون ته گانڌي ۽ ڪانگريس ڪجهھ نه ڪيو ته اهو به تاريخي طور تي غلط ٿيندو. گانڌي جي عدم تشدد جي سياست، ڪانگريس جي ڊگهي سياسي جدوجهد، سول نافرماني جي تحريڪ، هندستاني قوم پرستي ۽ لکين ماڻهن جي سياسي ڀائيواري برطانوي حڪومت لاءِ هندستان تي حڪومت ڪرڻ مشڪل بڻايو. برطانوي نيشنل آرڪائيوز به هندستاني آزادي جي سببن ۾ Quit India Movement، ٻي جنگ عظيم جي لاڳت ۽ 1946جي Indian Naval Mutiny کي اهم عنصر قرار ڏنو آهي.
اصل تصوير هيءَ ٺهي ٿي: جنگ برطانيه کي ڪمزور ڪيو، پر هندستاني سياس مزاحمت ان ڪمزور سلطنت جي لاءِ هندستان تي حڪومت جاري رکڻ وڌيڪ مشڪل بڻائي ڇڏيو ۽ 1946جي بغاوت اهو پاسو آهي، جنهن کي روايتي “صرف گانڌي جي عدم تشدد کان آزادي” واري ڪهاڻي ۾ اڪثر گهٽ جڳھه ملي ٿي. سڀاش چندر بوس جي قيادت ۾ Indian National Army (INA) جاپان جي مدد سان برطانوي حڪومت جي خلاف هٿياربند جدوجهد ڪئي. فوجي اعتبار کان INA برطانوي هندستان کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب نه ٿي، پر جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ INA جي آفيسرن جي خلاف هلڻ واريRed Fort Trials هندستان ۾ زبردست عوامي رد عمل پيدا ڪيو. ان کانپوءِ 1946۾ Royal Indian Navy ۾ بغاوت پکڙي، جنهن ۾ اٽڪل 20,000 هندستاني سپاهي ۽ 78 سامونڊي جهاز شامل هئا. فوج ۽ هوائي فوج جي ڪن حصن ۾ به بي آرامي پيدا ٿي. اهو واقعو برطانوي حڪمرانن جي لاءِ نهايت اهم هو. ڇو ته برطانوي سلطنت جو اصل ٿنڀ هندستاني فوج هئي. جيڪڏهن هندستاني سپاهي ئي برطانوي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪرڻ لڳا ته هندستان تي برطانوي اقتدار جو بنياد ڪمزور ٿيندو ٿي ويو. هڪ عملي مطالعو انهيءَ نقطي ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته INA Trials کانپوءِ برطانوي حڪومت لاءِ هندستاني هٿياربند فوج جي وفاداري تي اڳ جهڙو اعتماد باقي نه رهيو هو. انهيءَ لاءِ آزادي جي ڪهاڻي ۾ گانڌي + جناح سان گڏ ٻئي جنگ عظيم + 1946Naval+INA+ هندستاني فوج جي وفاداري جو بحران به شامل ٿيڻ گهرجي.
1945کانپوءِ برطانوي سلطنت جو خاتمو: برطانوي سلطنت جي 1945 کانپوءِ وڏي انگ ۾ ملڪ آزاد ٿيا، برطانوي پارليمنٽ جي رڪارڊ ۾ 1947 کان 1970 جي دوران هندستان، پاڪستان، برما، سريلنڪا، گهانا، ملايا، نائجيريا، صومالي لينڊ، سائپرس، سيرالون، تنزانيا، جميڪا، يوگنڊا، ڪينيا، مساوي، ريمبيا، گيمبيا، مالديپ، گيانا، بوٽسوانا، ليسٿو، بارباڊوس، ماريسش، سوازي لينڊ ۽ فجي سميت ڪافي رياستون لکيل آهن. ان ڪري اها ڳالھه بلڪل درست آهي ته 1945 کانپوءِ برطانوي Empire جو تيزي سان خاتمو ٿيو، پر اهو چوڻ ته انهن منجهان 90 سيڪڙو ملڪن ۾ آزاديءَ جي ڪا تاريخ ئي نه هئي. قابل اعتماد تاريخي دعويٰ جي طور تي پيش ڪرڻ مشڪل آهي. مثال طور: گهانا، ڪينيا، قبرص، ملايا، نائجيريا، سيرالون، صومالي لينڊ وغيره ۾ مختلف نموني جو سياسي تنظيمون، قوم پرست تحريڪون، ڳالهيون، مزاحمت يا ڪن جڳهين تي هٿياربند جدوجهد موجود هئي. ڪنهن هنڌ تحريڪ ڪمزور هئي، ڪنهن هنڌ مقامي اميرن ۽ برطانوي حڪومتن جي وچ ۾ ڳالهيون غالب هيون ۽ ڪنهن هنڌ آزادي اڪثر ڪري آئيني منتقلي جي وسيلي ٿي، ان ڪري هر نئين آبادي جي تاريخ الڳ هئي.
مسلم ليگ 1937 کان 1946 تائين: 1937جي چونڊن ۾ مسلم ليگ کي هندستان جي سمورن مسلم اڪثريتي علائقن ۾ اها ڪاميابي نه ملي، جنهن جي جناح کي اميد هئي. پنجاب ۾ ته مسلم ليگ بري ريت ناڪام ٿي ۽ Unionist Party غالب رهي عائشه جلال جي هڪ تحقيقي ٿيسس مطابق 1937 جا نتيجا جناح جي لاءِ وڏو ڌڪ هو. پنجاب ۾ Unionists بنگال ۾ هڪ علاقائي حڪومت سنڌ ۾ الڳ سياسي قوت ۽ سرحد ۾ ڪانگريسي وزارت قائم ٿي. پنجاب ۾ 1937 جي چونڊن ۾ مسلم ليگ صرف ٻه مسلم سيٽون کٽي سگهي هئي. ان لاءِ اهو چوڻ ته مسلم ليگ 1930 جي ڏهاڪي ۾ اڄ جهڙي هڪ ڪشادي عوامي طاقت هئي. غلط ٿيندو، پر ٻئي پاسي اهو چوڻ به درست ناهي ته مسلم ليگ صرف جاگيردارن جي جماعت هئي ۽ عوام جو ان ۾ ڪو ڪردار نه هو. 1937 کان 1946 جي وچ ۾ مسلم ليگ پنهنجي تنظيم، سياسي بياني ۽ عوامي Mobilization کي نهايت تيزي سان وڌايو. جديد تحقيق پنجاب ۾ شاگردن، عورتن ۽ مقامي ڪارڪنن جي ڪشادي سياسي سرگرمي کي به چٽو ڪري ٿي.
جاگيردارن جو ڪردار: پنجاب جي رياست ۾ زميندار طبقو، پير، برادريون ۽ مقامي اشرافيه نهايت طاقتور هيون. 1938 ۾ Unionist Party هڪ بين الجماعتي وڏي حد تائين اشرافيه تي ٻڌل سياسي اتحاد هو، پر اهو چوڻ ته مسلم ليگ صرف زمين بچائڻ لاءِ پاڪستان ٺاهيو. تاريخي طور تي تمام وڏو سادگي پسندي هوندو، پاڪستان جي مطالعي ۾ ڪيترائي سبب شامل هئا:
مسلم سياسي نمائندگي: ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ اقتدار جي ورهاست جو مسئلو، خودمختياري، مسلم اڪثريتي علائقن جو سياسي مستقبل، معاشي ۽ طبقاتي مفاد، مذهبي سڃاڻپ، برطانوي آئيني سڌارا، هندو مسلم ڇڪتاڻ، جديد تحقيق مطابق مسلم ليگ جي ڪاميابي کي صرف جاگيرداراڻي مفاد کان نه بلڪه تنظيمي طاقت، چونڊ مهم، قيادت، مذهبي ۽ سياسي بياني ۽ مقامي سياست جي گڏيل صورت طور ڏسڻ گهرجي.
جناح: سيڪيولر يا مذهبي سياستدان؟: اهو به هڪ دلچسپ پر ڏکيو سوال آهي. جناح جي ذاتي سياسي ٻولي، آئيني سوچ ۽ رياست جي تصور ۾ جديد قانوني ۽ تمدني اصول چٽا هئا. Oxford جي هڪ علمي تحقيق ته اهو دليل ڏئي ٿي ته جناح مذهبي رياست بجاءِ هڪ اهڙي رياست جو تصور ڪيو جنهن ۾ حق، نمائندگي ۽ آئيني سياست بنيادي اهميت رکندا هئا، پر ان سان گڏ اها حقيقت به نظرانداز نٿي ڪري سگهجي ته 1937 کانپوءِ مسلم ليگ اسلامي سڃاڻپ ۽ مذهبي سياسي ٻوليءَ کي وڏي پيماني تي سياسي تحريڪ لاءِ استعمال ڪيو. جديد پاڪستاني تحقيق به پاڪستان تحريڪ ۾ مذهبي، سياسي ۽ معاشي سببن جي گڏيل تعلق کي ڇٽو ڪري ٿي.
ان ڪري محتاط تاريخي جملو اهو ته جناح ذاتي ۽ آئيني سياست جي اعتبار کان جديد، قانوني ۽ غير مذهبي طرز سياست جو مالڪ هو، پر پاڪستان جي تحريڪ کي عوامي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ مسلم سڃاڻپ ۽ مذهبي سياسي ٻولي به استعمال ڪئي، اهي ٻئي ڳالهيون ساڳئي وقت درست ٿي سگهن ٿيون.
ورهاست جو سڀ کان وڏو الميو: 14/15 آگست 1947ع تي ننڍو کنڊ آزاد ضرور ٿيو، پر ان سان گڏ ننڍي کنڊ انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي لڏپلاڻ به ڏٺي. اٽڪل 14 کان 15 ملين ماڻهن سرحدون پار ڪيون يا گهرن کان بي گهر ٿيا، جڏهن ته ٻن لکن کان ڏھ لک تائين ماڻهن پنهنجون زندگيون وڃايون، جنهن جو سڀ کان وڏو شڪار پنجاب ٿيو. هتي اهو فرق سمجهڻ نهايت ضروري آهي ته آزادي هڪ سياسي واقعو هو؛ ورهاست هڪ انساني الميو هو، ماڻهو آزادي جي ڏينهن صرف آزاد شهري نه بڻيو؛ لکين ماڻهو انهيءَ عمل ۾ مهاجر، بي گهر، يتيم يا قتل ڪيا ويا. انهيءَ لاءِ اهو چوڻ وڌيڪ درست آهي ته1947 ۾ آزادي ۽ ورهاست هڪ ئي تاريخي عمل جا ٻه مختلف، مگر هڪ جهڙا ڳنڍيل نتيجا هئا ته پوءِ اصل باني ڪير هو؟ جيڪڏهن سوال اهو آهي ته برطانوي سلطنت جي عالمي زوال جو هڪ ئي ذميوار يا باني ڪير هو؟ ته جواب آهي ته ڪو هڪ شخص نه، پر ان وقت پيدا ٿيندڙ حالتون هيون، جن هڪ اهڙو نظام پيدا ڪيو، جنهن برطانوي حڪومت کي ڪمزور ڪيو. تاريخ کي سچ جي نگاهه سان ڏسڻ ۽ پرکڻ تمام گهڻو ضروري آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟