حيدرآباد جي ويجھو بخاري سادات بزرگ ھستين جي وسندي ڳوٺ محمد خان باگراڻي “ديھ شاھ بخاري” جي صوفي رنگن سان ڀريل درويشي وڻندڙ ماحول ۾ 2 مارچ تي جنم وٺندڙ سدا بھار شاعر اڪرم بخارائي ھڪ يار ويس مولائي طبيعت رکندڙ دلبر شخص آھي. نه منجھس زماني گيري واري ٺشن بازي ڏسڻ ۾ ايندي نه غرور ۽ تڪبر واري طبيعت محسوس ٿيندي. منجھانئس سادگي، نوڙت جي خوشبو جي سرهاڻ جو لطف اچڻ ڪري ساڻس ڪچھري دوران وقت جي خبر ئي نه پوندي، صبح منجهند ۽ شام جا پھر گذرندي رات جي اونداھي ليا پائڻ لڳندي آهي. خبرون چارون، عشق، شاعري، ڪلام، موسيقي جا سڀ رنگ ھن سٻاجھڙي شاعر ۾ موجود ملندا. محمد اڪرم سان ڪچھري جي سڳنڌ سان ائين لڳندو آهي ڀلي پيو وقت گذري جيئن ڪچھري جي لطف سان دل ۽ دماغ کي ويٺو ٺارجي.