(تحقيقي مضمون) شين جي مڪمل سمجهه ناممڪن نه، تڏهن به مشڪل آهي ۽ رهندي! (حصو پهريون)
Dr Muhammad ilyas Bhutto اسڪالر، تعليمدان، ليکڪ
پي.ايڇ.ڊي اقراءَ يونيورسٽي، ايم.فل ڊگري ۾ فرسٽ پوزيشن/گولڊ ميڊلسٽ، SPSC مان 2nd pos. حاصل ڪئي. هن وقت GBDC سيوھڻ ۾ پنهنجون تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. 13 ڪتابن ۽ 12 بين الاقوامي تحقيقي مقالن جا مصنف.
انسان جڏهن پهريون ڀيرو آسمان ڏانهن ڏٺو هوندو، تڏهن شايد سندس ذهن ۾ اهو سوال ضرور اڀريو هوندو ته هيءَ بي انتها وسعت آخر ڇا آهي؟ تارا ڇو ٿا چمڪن؟ رات ڇو ٿِي ٿئي؟ ڏينهن ڇو ٿو موٽِي اچي؟ ۽ هُو پاڻ ڪير آهي؟ انهن ۽ اهڙن سوالن کان شروع ٿيل سندس سفر لکين سالن کان اڄ به جاري آهي. غار جي اونداهيءَ کان ڪائنات جي اونداهين تائين، پٿر جي اوزار کان مصنوعي ذهانت تائين، انسان ڪيترن ئي وهمن جو شڪار ٿيندو رهيو، پر وقت گذرڻ تي ٿڌي دماغ سان سببن ۽ نتيجن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ سان سندس ذهن ۾ علم ۽ ڏاهپ جي روشني پيدا ٿِي. انسان هر دور ۾ پنهنجي منطقي استدلال، ڳُوڙهن مشاهدن ۽ علم جي روشنيءَ سان لاعلميءَ جي اونداهين کي چيريندو آيو آهي ۽ وهمن مان پنهنجِي جان ڇڏائيندو آيو آهي. هُن باهه کي قابو ڪيو، ٻولي ٺاهِي، لکڻ سکيو، ڪتاب لکيا، دوربينيون ايجاد ڪيون، ايٽم کي ٽوڙيو، جِين جو ڪوڊ پڙهيو ۽ هاڻي هُو مشينن کي سوچڻ، سکڻ ۽ فيصلو ڪرڻ سيکاري رهيو آهي. هن سموري سفر ۾ ٻوليءَ ئي سندس علم کي همعصرن ۽ نين نسلن تائين منتقل ڪيو ۽ آخرڪار ان بدولت فطرت جي رازن کي پڙهڻ لاءِ استدلالي طريقن کي بنياد بڻائي اڻ ڌرين مشاهدن ۽ تجربن مان نتيجا ڪڍڻ (سائنس) جو دڳ ورتو. اڄ هُو کُليل اک سان نظر نه ايندڙ جاندارن جي بنيادي ايڪي يعني جيو گهرڙي (سيل) اندر طاقتور اليڪٽرانڪ مائيڪرو اسڪوپ وسيلي ان جي مرڪز (نيوڪليس) اندر جهاتيون پائي ڪروموسومس ۽ ڊِي. اين. اي سان چهٽيل جِين (Gene) کي ايڊٽ ڪري سگهي ٿو، مشينن کي سوچڻ سيکاري سگهي ٿو، مصنوعي ذهانت پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ ڪائنات جِي ڪنهن ڪنڊ مان پهتل روشنيءَ مان اربين سالن جون پراڻيون ڪهاڻيون پڙهي سگهي ٿو. ان جو مطلب قطعي طور تي اهو نه آهي ته هن فطرت ۽ ان سان لاڳاپيل سڀ سوال ۽ مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن، پر سچ اهو آهي ته سندس سامهون سوال اڃان ساڳيو آهي: ڇا انسان واقعي شين کي سمجهي ورتو آهي؟ مختصر جواب آهي “يقينن نه!” الٽو جيترو انسان فطرت ۽ حياتي جا راز وڌيڪ معلوم ڪندو وڃي ٿو، کيس فطرت، حياتي ۽ ڪائنات اوترو وڌيڪ پراسرار ۽ سوال ڪندڙ محسوس ٿين ٿا!
حقيقت اها آهي ته شين جي مڪمل سمجهه جيڪڏهن ناممڪن نه آهي، تڏهن به مشڪل ضرور آهي ۽ رهندي! ڇو ته هر سوال جو جواب پنهنجي اندر ڪيترن ئي نون سوالن کي جنم ڏئي ٿو. اسان ڪنهن شيءِ جو هڪ تهه يا پردو هٽايون ٿا ته ان جي هيٺان اڻ ڏٺل حقيقتن جا ڪيترائي تهه ۽ پردا هڪيا تڪيا موجود ملن ٿا. ڪنهن اڻ ڄاڻائي يا جهالت سان مقابلو اسان لاءِ لاڳاپيل علم جو هڪ نئون دروازو ته کولي ٿو، پر اهو دروازو اسان کي وري لاعلميءَ جي هڪ وڌيڪ وسيع دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو. اهڙي طرح ڪائنات جي اَکُٽ اسرارن تي اسان کي ڏندين آڱريون اچيو وڃن! انسان اڄ تائين جيڪا ترقي ڪئي آهي يا وري ايندڙ سڀني زمانن ۾ جيڪا ترقي ڪندو، ان جو بڻ بڻياد ۽ ماخذ پنهنجي اڻ ڄاڻائي ۽ جهالت کي تسليم ڪرڻ آهي. آئيزيڪ نيوٽن (Isaac Newton) کان هڪ دفعي سوال ڪيو ويو ته توهان علم ۽ سائنس ۾ ايڏا وڏا ڄاڻو ۽ دانشور آهيو، توهان پاڻ کي علم ۽ دانش ۾ ڪٿي بيٺل ٿا ڏسو؟ پاڻ تاريخي جواب ڏيندي فرمايائون ته:
مون کي خبر ناهي ته دنيا جي نظر ۾ مان ڪهڙو نظر اچان ٿو؛ پر پنهنجي نظر ۾ ته مان پاڻ کي سمنڊ جي ڪناري تي کيڏندڙ هڪ ٻار وانگر ئي سمجهان ٿو، جيڪو ڪڏهن ڪنهن عام پٿر کان وڌيڪ لسو پٿريا ڪو وڌيڪ سهڻو ڪوڏ ڳولهي ٿو ته ان سان ئي پنهنجي دل وندرائي ٿو. جڏهن ته سچائيءَ جو عظيم سمنڊ منهنجي اڳيان اڃان تائين اڻڳوليل ۽ اڻکُٽ حد تائين پکڙيل آهي (Goodreads.com).
ان ڪري انسان جو ۽ انساني تاريخ جو سڀ کان وڏو مسئلو شايد لاعلمي نه آهي (ڇو ته اهو ته ڄاڻ ۽ سمجھه جو بنيادي ڏاڪو آهي)، پر پنهنجي محدود علم کي مڪمل علم سمجهڻ آهي. سڀ نه، ته اڪثر قومون، ملڪ، مذهب ۽ سندن پيروڪار هن ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل نظر اچن ٿا ۽ پنهنجي تصورن ۽ نظرين کي مڪمل هجڻ جو بنياد بڻائي ٻين قومن، ملڪن ۽ مذهبي پيروڪارن جو استحصال ڪندا اچن ٿا. هڪ زماني ۾ انسان سمجهندو هو ته ڌرتي ڪائنات جو مرڪز آهي (گيليلو گيليلِي جڏهن پنهنجِي ايجاد ڪيل دوربين ۾ سيارن جي گردش جي باريڪ بين مشاهدن جي ٺوس بنياد تي ٽوليمِي Ptolemy جي زمين مرڪزي نظرئي کي رد ڪيو ۽ ڪُوپرنيڪس جي سج مرڪزي نظرئي کي صحيح قرار ڏنو ته عيسائي چرچ جي وڏي پادري سندس بيان کي بائيبل مقدس جي تعليمات سان تضاد جي ڪري مٿس روم جي عدالت ۾ ڪيس ڪيو؛ چرچ طرفان 1636ع ۾ کيس سخت سزا قبول ڪرڻ يا پنهنجي دعويٰ تان دستبردار ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو؛ جنهن تي گيليو پنهنجي دعوي تان دستبردار ٿيو، پر تنهن هوندي به کيس باقي عمر پنهنجي گهر ۾ نظربند رکيو ويو.) پوءِ هن کي معلوم ٿيو ته ڌرتي سج جي چوڌاري گردش ڪري ٿي. اڳتي هلي کيس خبر پئي ته سج به ڪنهن هڪ جاءِ تي بيٺل ناهي؛ اهو ڪهڪشان ۾ سفر ڪري رهيو آهي. پوءِ معلوم ٿيو ته اسان جي ڪهڪشان به ڪائنات جي بيشمار ڪهڪشائن مان رڳو هڪ آهي! اڄ جو سوال وري اهو نه آهي ته ڪائنات ڪيتري وڏي آهي؛ سوال اهو آهي ته اسان جيڪا ڪائنات ڏسي سگهون ٿا، ڇا اها ئي مڪمل ڪائنات آهي؟ ڇا هن ڪائنات جي ڀرپاسي ٻيون به ڪائناتون آهن؟ ڊارڪ ميٽر ڇا آهي؟ يعني هر جواب پنهنجي پٺيان هڪ نئون سوال کڻي اچي ٿو. شايد علم جي منزل، جواب نه، پر سٺو سوال پيدا ڪرڻ آهي. اهوئي سبب آهي ته انساني علم ۽ سمجهه جِي مسلسل واڌ ۽ ارتقا جي اڙانگي سفر ۾ سندس سوال گهٽجڻ بجاءِ وڌندا ئي رهيا آهن.
جيتوڻيڪ اڄ انسان اڳ کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو، پر اِهو به سمجهي ٿو ته هُو ڪيترو گهٽ ڄاڻي ٿو. ان ڪري شايد سڀ کان وڏو فڪري سچ اهو آهي ته: فطرت، ڪائنات ۽ سندن لقائن ۽ شين جي مڪمل سمجهه جيڪڏهن ناممڪن نه، تڏهن به مشڪل ضرور آهي ۽ رهندي! ڇو ته ڪائنات ڪو ننڍو ۽ محدود ڪتاب نه آهي، جنهن جو آخري صفحو به ڪنهن ڏينهن پڙهي سگهجي. ان جي ته هر لفظ ۽ صفحي پڙهڻ کانپوءِ غور ۽ فڪر جو هڪ نئون باب کلي ٿو.
فطرت: جنهن کي اسان سمجهون ٿا يا جيڪا اسان کي سمجهي ٿي؟ اسان صدين کان فطري قانونن کي سمجھِي ان کي فتح ڪرڻ جي ڳالهه ڪندا آيا آهيون ۽ ڪافي قدر ان کي فتح پڻ ڪيو اٿئون. هاڻي اسان وڻن تي نٿا رهون، اسان جون زندگيون جانورن ۽ موسمن جي رحم ڪرم تي نه آهن. اسان محفوظ گهرن ۾ رهون ٿا؛ موسم جي سردي گرمي اسان کي پريشان نٿي ڪري، الٽو گهرن ۽ آفيسن اندر موسم کي پنهنجي آسائش ۽ مرضي مطابق وڻندڙ سطح تي برقرار رکون ٿا. اسان جانورن ۽ ٻوٽن کي پالتو بڻايوسين، دريائن کي بندن ۾ قيد ڪيوسين، جبلن کي کوٽي ڇڏيوسين، اهرامِ مصر جهڙا عجوبا ٺاهياسين، ٻيلن کي شهرن ۾ تبديل ڪيوسين، سمنڊن ۽ زمين مان معدني وسيلا ڪڍياسين، هٿرادو برساتون وسائي رڻپٽن کي آباد ڪيوسين، آسمان سان ڳالهائيندڙ بلڊنگون ۽ ٽاور ٺاهياسين ۽ ايستائين جو جاندارن جي نسلن کي پنهنجي ضرورت مطابق تبديل ڪرڻ جي قابل پڻ بڻجي وياسين!، پر ان هوندي به فطرت کي فتح ڪرڻ شايد انسان جو سڀ کان وڏو فڪري مغالطو آهي. درياءَ اسان جي مرضيءَ سان نه وهندو آهي؛ برف اسان جي حڪم سان نه ڳرندي آهي؛ هوا اسان جي خواهش مطابق نه هلندي آهي؛ ٻج پنهنجي اندر هڪ اهڙي حڪمت رکي ٿو، جيڪا اسان جي سموري سائنسي لغت کان پراڻي آهي.
توڙي جو اسان سمجهون ٿا ته اسان فطرت کي بدلائي رهيا آهيون، پر حقيقت ۾ فطرت جي هر تبديلي اسان کي پڻ تبديل ڪري رهي آهي. گلوبل وارمنگ رڳو گرميءَ جو وڌڻ نه آهي؛ اها ماحول، پاڻي، زراعت، جاندارن، انساني آبادين ۽ سماجي نظامن جي وچ ۾ قائم نازڪ توازن ۾ تبديلي آهي. جبلن تي موجود گليشيئر رڳو برف جا جبل نه آهن؛ اهي پاڻيءَ جا قدرتي ذخيرا آهن. جڏهن اهي تيزيءَ سان ڳرن ٿاته هڪ ئي وقت ٻه متضاد خطرا پيدا ٿين ٿا: اڄ وڌيڪ پاڻي ۽ ٻوڏ آهي، ته سڀاڻي گهٽ پاڻي ۽ خشڪ سالِي! نيپال ۾ تازو ئي گليشر ڦاٽڻ سبب ڪيترو نه وڏو نقصان ٿيو آهي؛ هزارين ماڻهو ۽ گهر لڙهي ۽ تباهه ٿي ويا آهن! يعني فطرت پنهنجي تبديليءَ جو بدلو ڪڏهن ٿڏي تي ته ڪڏهن قسطن ۾ وٺندي آهي. ماضيءَ ۾ انسانن جي پيدائش کان اڳ امڪاني آفتن جهڙوڪ: خلائي ميٽريوئاڊس، سَن-فِليئرس، وولڪينوئڪ اِرپشنس وغيره جهڙن سببن جي ڪري هن ڌرتيءَ تي زندگي تقريبن پنج ڀيرا مليا ميٽ ٿي چڪي آهي يا ان کي هيڪاندو نقصان رسيو آهي. هن سلسلي ۾ پرمِين ماس ايڪسٽِنڪشن (Permian Mass Extinction) ۽ ڪي ٽِي ايڪسٽِنڪشن (K.T. Extinction) تمام خوفناڪ تباهي جا واقعا رهيا آهن. ان وقت زندگي جي نسلن کي ناياب ڪندڙ واقعو “پرمين ماس ايڪسٽِنڪشن” 25 ڪروڙ سال اڳ ظهور پذير ٿيو. جڏهن ته پويون “ڪي. ٽِي ايڪسٽِنڪشن” واقعو 6.5 ڪروڙ سال اڳ يعني انسان جي پيدائش کان فقط ڇهه يا ست هزار سال اول ظهور پذير ٿيو؛ پهرين مها واقعي ۾ آڪسيجن جي شديد کوٽ جي ڪري تقريبن ٪96 زندگيءَ جا نسل ناياب بڻجي ويا. جڏهن ته ٻئي مها واقعي ۾ ڊائناسارس جهڙا جانور، جيڪي ڌرتيءَ تي 15 ڪروڙ سالن تائين گهمندا رهيا هئا، مڪمل طور تي ناياب ٿي ويا. جيولاجي جي تاريخ ان جي شاهد آهي (ڪرسٽوفر لاسيلز، 2015، ص. 2-3) انسان هن ڌرتيءَ تي اها واحد مخلوق آهي جيڪا پنهنجي جبلتِي لاڙن کان اڳتي وڌي فطرت مطابق نه، پر فطرت کي پنهنجي سهولت ۽ مفاد آهر تبديل ۽ تسخير ڪندڙ آهي. هن تناظر ۾ فطرت پڻ ردِ عمل ڏيکاريندڙ آهي! انسان طرفان ڪيل هٿ چراند ۽ ان کي تسخير ۽ تبديل ڪرڻ جي اثرن کي زائل ڪرڻ لاءِ فطرت پاڻ کي متوازن رکڻ جي ڪوشش ضرور ڪندي آهي. اهوئي سبب آهي ته ڪڏهن درياءَ پاڻ کي سوڙهو ڪندڙ انساني آبادين، بندن ۽ پُلين کي مستي ۾ اچي لوڙهي ويندو آهي؛ شديد زلزلا ڳوٺن جا ڳوٺ توڙي سموري شهر کي منٽن ۾ کنڊرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن؛ سُونامي ۽ سيلاب ساحلي علائقن ۽ آسپاس جي شهرن مان سڀ ڪجهه لوڙهي ويندا آهن. ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته مظلوم پالتو جانور، ٻوٽا ۽ جراثيم فطرت جي سهاري هڪ ڀيرو ٻيهر طاقتور بڻجي وڃن ۽ انسانن تي حاوي ٿي انساني تاريخ کي ماضي جي ورقن ۾ دفن ڪري ڇڏين!
جِين سان هٿ چراند ۽ هٿرادو ذهانت جو غرور؟: جينيٽڪ ايڊيٽنگ يا جينياتي هير ڦير انسان کي زندگيءَ جي بنيادي ڳُجھه (ڪوڊ) تائين رسائي ڏئي رهِي آهي. اها ٽيڪنالاجي موروثي بيمارين جي علاج، زراعت، جانورن جِي صحت ۽ ڪيترن ئي ٻين شعبن ۾ غير معمولي سطح جا ڪروڙين امڪان پيدا ڪري رهي آهي، پر ٻين طاقتن وانگر هن جي لاڀائتي استعمال لاءِ انسانن مٿان حد کان وڌيڪ ذميواريءَ جا سوال به لاڳو ٿين ٿا. ياد رهي ته انسان کي پيدائش کان وٺي موجوده وقت تائين ارتقا ڪندي تقريبن ٽي لک سالن جو عرصو گذري چڪو آهي (https://www.reddit.com)، پر سندس جينياتي مواد يا ڊي. اين. اي ۾ ٪01 (هڪ سيڪڙو) کان به گهٽ تبديلي آئي آهي. هن عرصي ۾ اسان جي جينوم جا ٽي ارب بنيادي جوڙا بلڪل مستحڪم ۽ ساڳيا رهيا آهن. انساني جِينز ۾ هڪ سيڪڙو يا ان کان به گهٽ جيڪا تبديلي آئي آهي، اها فقط جينياتي جوڙن ۾ اليلز (alleles) جي تعداد ۽ انهن جي مٽ سٽ ۾ آئي آهي (https://www.science.org)، تڏهن به ان معمولي جينياتي تبديلي جي اثر هيٺ انسانن پٿر جي دور کان هٿرادو ذهانت جي انقلاب تائين سفر ڪيو آهي!
هن تناظر ۾ جديد انفارميشن ۽ بايو ٽيڪنالاجيز ۽ هٿرادو ذهانت جي موجوده ابتدائي دور ۾ خوردبيني جاندارن، گهڻ گهرڙن وارن جانورن ۽ انسانن جي جينياتي مادي اندر ڊي. اين. اي ۾ وڏي پيماني تي تبديلي ممڪن آهي ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ جارِي ۽ سارِي آهي. ٿورو نه، پر گهڻو سوچيو ته ايندڙ هڪ ڏهاڪي اندر انساني توڙي حيواني زندگي ۽ اسان جو سماجي ڍانچو ڪيتري قدر تبديل ٿي چڪو هوندو! ڇا اسان اهڙين وڏين تبديلين جو بار برداشت ڪري سگهنداسين؟! هن وقت پڻ هٿرادو ٻار ماءُ (Artificial Womb)، ٽشو ڪلچر ۽ ڪلوننگ (Tissue Culture & Cloning) وسيلي هٿرادو گوشت ۽ جانور مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن! عجب نه آهي جو انساني لاپرواهيءَ جي ڪري دنيا تي هٿرادو ويڙهاڪ روبوٽس ۽ جينياتي تبديل ٿيل سگهاريون مخلوقون (Artificial Robots & Genetically Modified Powerful Creatures) غالب اچي وڃن ۽ انسان ذات ڳولئي به نه مِلي! …(هلندڙ)…
هي مضمون ڪيئن رهيو؟