مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

(تحقيقي مضمون) شين جي مڪمل سمجهه ناممڪن نه، تڏهن به مشڪل آهي ۽ رهندي! (پورو ٿيو)

Dr Muhammad ilyas Bhutto اسڪالر، تعليمدان، ليکڪ

پي.ايڇ.ڊي اقراءَ يونيورسٽي، ايم.فل ڊگري ۾ فرسٽ پوزيشن/گولڊ ميڊلسٽ، SPSC مان 2nd pos. حاصل ڪئي. هن وقت GBDC سيوھڻ ۾ پنهنجون تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. 13 ڪتابن ۽ 12 بين الاقوامي تحقيقي مقالن جا مصنف.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسان جڏهن ڪنهن جاندار جي هڪ خاصيت کي جينياتي هير ڦير وسيلي تبديل ڪري سگهون ٿا ته ڇا ساڳئي وقت اسان ان تبديليءَ جا سڀئي نتيجا اڳواٽ ڄاڻي سگهون ٿا؟ شايد نه. هڪ جِين جو ڪم اڪثر هڪ ئي نتيجي تائين محدود نه هوندو آهي. جاندارن جي جسم، مدافعتي نظام، دماغ، رويي، ماحول ۽ ٻين جِينز جي وچ ۾ پيچيده لاڳاپا هوندا آهن. هڪ تبديليءَ جو اثر ڪڏهن سڌو ۽ تڪڙو ظاهر ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن ڪيترن ئي نسلن کانپوءِ ۽ ڪڏهن وري اهڙي ماحولياتي تناظر ۾ ظاهر ٿئي ٿو جنهن جو اسان اڳواٽ تصور به نه ڪيو هجي! ان ڪري اصل سوال اهو نه آهي ته: “ڇا اسان جِين تبديل ڪري سگهون ٿا؟”، پر اصل سوال اهو آهي ته: “ڇا اسان ان تبديليءَ جي سمورن ممڪن نتيجن کي سمجهون ٿا؟” جيڪڏهن جواب مڪمل طور “ها” ۾ نه آهي ته پوءِ سائنسي تحقيق ۽ تجربن سان گڏ احتياط، اخلاقيات ۽ ڊگهي مدي وارا نگرانيءَ جا نظام به لازمي بڻجِي وڃن ٿا. ڇو ته زندگيءَ جو نظام ڪنهن ڪمپيوٽر پروگرام وانگر نه آهي، جنهن ۾ هڪ غلطيءَ کي ميساري يا “اڻ-ڪيل” (undo) ڪري، ان جو ٻيهر صحيح ورزن انسٽال ڪري سگهجي.
جين ايڊيٽنگ جاندارن کي انتهائي تڪڙِي ارتقا طرف ضرور ڌڪيندِي جيڪا سندن داخلي توڙي خارجي ماحول ۽ لوازمات سان خوفناڪ ٽڪر پيدا ڪندِي. ان ٽڪر جا نتيجا لاڳاپيل جاندارن توڙي فطرت ۽ انساني سماج کي ڌونڌاڙي رکندا. ڇاڪاڻ ته اهي جينياتي تبديليون زميني ۽ ڪائناتي تناظر ۾ فطري طور يا “نيچرل سليڪشن” طور ظاهر نه ٿيون هونديون، پر اُهي اسان انسانن طرفان مڙهيل هونديون. ٻيو ته موجوده ماحولياتي تبديليون، گرين هائوس گيسز ۽ ڪلورو فلورو ڪاربانس جو وڌندڙ اخراج، گلوبل وارمنگ، ريڊيئيشن، اليڪٽرو ميگنيٽڪ لهرن ۽ سگنلن جي ڀرمار، اسان جي فطري ماحول جو توازن بگاڙي رهيون آهن. ساڳئي وقت کاڌي ۾ مصنوعي ڪيميڪلن جو وڌندڙ استعمال، فضائي، زميني ۽ آبي گدلاڻ ۽ انهن جي نتيجي ۾ فوڊ چين ۽ ايڪو سسٽم ۾ ايندڙ تبديليون، زندگيءَ جي سمورن پاسن کي متاثر ڪري رهيون آهن. اهي اثر رڳو ماحول تائين محدود نه آهن؛ پر جاندارن (انسانن، جانورن، ٻوٽن ۽ جراثيمن) جي جسماني بناوت، ذهني ڪيفيت، جذبن ۽ سماجي روين تائين پکڙجي رهيا آهن. گويا انسان پنهنجِي ئي پيدا ڪيل ماحولياتي تبديليءَ جو شڪار به آهي ته ان جو خالق به.
ان ڪري “جِين ايڊيٽنگ انقلاب” کان اول ئي مستقبل قريب ۾ پالتو توڙي جهنگلي جانور انسانن جا جاني دشمن بڻجي انهن تي حملا پڻ ڪري سگهن ٿا! جي سڌا حملا نه به ڪن ته يقينن عالمي ۽ ماحولياتي اثرن ۽ نيچرل سليڪشن جي اثرن جي ڪري سندن کاڌي طور استعمال ڪيو ويندڙ گوشت (مضر اينزائيمس، ٽاڪسنس وغيره) اسان انسانن لاءِ دير سوير ضرور هاڃيڪار بڻجندو! ڇو ته فطرت ۾ اهو سڀ ٿيندو رهيو آهي. ٻوٽن ۽ وڻن کي ئي ڏسو. جانورَ انهن کي کاڌي طور واپرائيندا آهن، ان ڪري ڪجھه ٻوٽن نيچرل سليڪشن تحت گهربل جينياتي تبديلي کي پنهنجو هٿيار بڻائي پنهنجي ٿڙن ۽ پنن تي ڪنڊا پيدا ڪري پنهنجي نسل کي محفوظ ڪيو؛ ڪجھه ٻوٽن وري پنهنجي فلوئم يا رس کي هيڪاندو ڪڙو، ڪسو، اُگرو ۽ زهريلو بڻائي پاڻ کي محفوظ ڪيو؛ ته ڪجھه وري پاڻ کي قداور بڻائي دشمنن جو مقابلو ڪيو!
ان کانسواءِ جين ايڊيٽنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ جانورن بابت به ڪجهه اهم خدشا موجود آهن. انهن جانورن ۾ گهربل جِين اسان پاڻ مڙهيندا آهيون. تنهنڪري انهن جو جسم، اسان جو زميني ماحول ۽ ماحولياتي پسمنظر گڏجي اهڙا مدافعتي پروٽين يا ٻيا حياتياتي جزا پيدا ڪري سگهن ٿا، جيڪي ڪجهه عرصي تائين اسان جي نظرن کان اوجهل رهي سگهن ٿا. ان عبوري عرصي دوران انهن جي جسم، دماغ ۽ ذهن ۾ اوچتا ۽ هاڃيڪار ڪيميڪلَ پيدا ٿيڻ جو امڪان پڻ رد نٿو ڪري سگهجي. ساڳيءَ طرح، حياتياتي توازن بگڙڻ سان اهڙا غير متوقع رويا به ظاهر ٿي سگهن ٿا، جيڪي انساني زندگيءَ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿين. ان کان به اڳتي، اهو امڪان مڪمل طور رد نٿو ڪري سگهجي ته جن جانورن کي اسين هزارن ۽ لکن سالن کان پنهنجي خوراڪ لاءِ پالي ۽ استعمال ڪندا آيا آهيون، تن ۾ پنهنجي نسل جي مسلسل ڪوس ۽ انساني مفاد پرستيءَ خلاف ڪا حياتياتي يا ارتقائي مزاحمت جنم وٺي. جيڪڏهن اهڙي مزاحمت ڪنهن صورت ۾ طاقتور بڻجي وئي ته اهي جانور هڪ ڏينهن انسانن سميت ڌرتيءَ تي ٻيهر غالب اچڻ جي ڪوشش به ڪري سگهن ٿا.
ڇا فطرت بدلو وٺندي آهي؟: “فطرت بدلو وٺندي آهي” هڪ سائنسي اصطلاح نه، پر هڪ طاقتور فلسفياڻو استعارو آهي. فطرت کي غصي، نفرت يا انتقام جو شعور هجي يا نه هجي، پر ان جا قانون اسان جي خواهشن جا پابند نه آهن. اسان وڏا بند ٻڌي دريائن جي وهڪري کي روڪيون ٿا، پر ڪنهن وقت ڪو بند ٽٽي سگهي ٿو ۽ ٽٽندو پڻ آهي. اسان لاپرواهيءَ سان جبلن جي لاهين تي آباديون اڏيون ٿا، پر ڪنهن وقت برسات، برفاني ڍير يا لينڊ سلائيڊنگ انهن کي مسمار پڻ ڪندا آهن. اسان هزارن سالن تائين پنڊ پهڻي ٻارڻَ (Fossil Fuels) ٻاري ماحول کي گرم ڪري ڇڏيو آهي، نتيجي ۾ اوچتا گليشيئر ڳرڻ جا واقعا رونما ٿيڻ شروع ٿِي چڪا آهن جيڪي ڇڙواڳ سيلابن سميت سامونڊي سطح جي وڌڻ ۽ گهٽجڻ جو سبب بڻجن ٿا. تازو ئي ارجنٽينا جو سمنڊ ڪيترائي ڪلو ميٽر پوئتي هٽيو ۽ ڪجھه وقت لاءِ بحري جهاز زمين تي بيهجي ويا ۽ ڪيتري مڇيءَ ۽ سامونڊي مخلوق زمين تي تڙپڻ جا منظر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا؛ مٿين ماحولياتي اثرن جي ڪري دنيا جا ڪيترائي ملڪ سيلابن، زلزلن، سونامين، طوفانن ۽ جهنگلي باهين جي لپيٽ ۾ اچي رهيا آهن!
اسان جراثيمن کي ختم ڪرڻ لاءِ مسلسل دٻاءُ وجهون ٿا؛ انهن مان مزاحمتي صورتون پيدا ٿي سگهن ٿيون. انهن واقعن کي “فطرت جو انتقام” چوڻ شاعراڻو ٿي سگهي ٿو، پر سائنسي طور وڌيڪ درست ڳالهه اها آهي ته فطرت سببن ۽ نتيجن جي قانونن سان اسان کي جواب ڏئي ٿي. فطرت ناراض نه ٿيندي آهي؛ فطرت رڳو توازن جو حساب ڪتاب رکندي آهي.
انسان ۽ جانور: شڪار ڪندڙ کان شڪار تائين؟ انسان هزارين سالن کان ٻين جاندارن کي پنهنجي خوراڪ، لباس، ڪم ۽ تحقيق لاءِ استعمال ڪندو رهيو آهي. اهو چوڻ ته جانورن جي اندر انساني ظلم خلاف نسلن کان ڪا شعوري نفرت جمع ٿيندي رهي آهي ۽ اهي ڪنهن ڏينهن گڏجي انسانن کان بدلو وٺندا، سائنسي طور ثابت ٿيل ڳالهه نه آهي، پر هن خيال ۾ هڪ وڌيڪ گهرو فلسفياڻو سوال ضرور لڪل آهي، جيڪڏهن انسان کي پنهنجي بقا لاءِ ٻين جاندارن کي استعمال ڪرڻ جو حق آهي ته ڇا کيس انهن سان بي رحمي ڪرڻ جو به حق آهي؟ شايد جواب “نه” آهي. ڇو ته اخلاق جو امتحان ان وقت نٿو ٿئي جڏهن ٻيو طاقتور هجي؛ اخلاق جو امتحان تڏهن ٿئي ٿو جڏهن اسان طاقتور ۽ ٻيو ڪمزور هجي. انسان جيڪڏهن پنهنجي طاقت کي ذميواريءَ ۾ تبديل نه ڪندو ته سندس ترقي شايد تهذيب جي علامت بدران تباهيءَ جو اوزار بڻجي سگهي ٿي. ٽشو ڪلچر وسيلي اڄ ڪلهه پالتو جانورن سان ڪيل انساني ڪوس جو ازالو ڪري سگهجي ٿو. هاڻي ليبارٽرين ۾ ڪنهن به جانور (يا جاندار) جي هڪ نظر نه ايندڙ جيوگهرڙي (سيل) مان جيترو چاهيون هٿرادو گوشت ٺاهي ۽ واپرائي سگهون ٿا. ٻين لفظن ۾ هاڻي گوشت کائڻ لاءِ جانورن کي پالڻ ۽ ڪُهڻ جي ضرورت نه آهي!
ڇا انسان ختم ٿي سگهي ٿو؟: ڌرتيءَ تي انسان کان اڳ زندگي پنج ڀيرا يا ته تباهه ٿِي چڪي آهي يا وري ان تي موجود گهڻيون مخلوقون ناياب بڻجي چڪيون آهن. هن سلسلي ۾ مٿي ذڪر ڪيل پرمِين ماس ايڪسٽِنڪشن ۽ ڪي ٽِي ايڪسٽِنڪشن تمام خوفناڪ تباهي جا واقعا رهيا آهن، پر انساني نسل جي پيدا ٿيڻ کانپوءِ اهڙي تباهي اڃان تائين نه آئي آهي، ان جو هڪ سبب ڌرتيءَ جي پس منظر ۾ انساني نسل جي عمر بلڪل ٿورڙي آهي ۽ اڃان ڄڻ ته معمولي عرصو ئي گذريو آهي. تنهن هوندي به هي سوال اهم آهي ته: ڇا انسان هميشه رهندو؟ سائنس وٽ ان جو ڪو قطعي واعدو نه آهي. ڪي به جاندار، نسل يا تهذيبون فطرت جي قانونن کان مٿانهان نه آهن. انسان وٽ هن وقت ايٽمي هٿيار آهن، حياتياتي علم آهي، جينياتي ٽيڪنالاجي آهي، مصنوعي ذهانت آهي؛ پر ساڳئي وقت وبائون، موسمي تبديليون، ماحولياتي تباهيون، جنگيون ۽ وسيلا ختم ٿيڻ جا خطرا پڻ هيڪاندا موجود آهن. انسان جي طاقت وڌي رهي آهي، پر ان سان گڏ سندس غلط فيصلن جا تباهه ڪُن لاڙا پڻ وڌي رهيا آهن. شايد مستقبل جو سڀ کان وڏو سوال اهو نه هوندو ته انسان وٽ ڪيتري طاقت آهي؛ پر اهو هوندو ته هو پنهنجي طاقت کي ڪيتري ڏاهپ سان استعمال ڪري ٿو.
علم ۽ لاعلميءَ جي آخري حد ڪهڙي آهي؟: علم جي سفر جو رستو سڌو نه آهي، اهو ورن وڪڙن ۽ لاهين چاڙهين سان ڀرپور آهي ۽ سندس آخري منزل يا ته آهي ئي ڪو نه يا وري هيڪاندي ڏورانهين آهي. ڇو ته اسان کي موجوده معلومات ۽ سُونهَنِ جي آڌار تي جيڪا منزل سامهون نظر اچي ٿِي، اها پڻ جابلو منظر وانگر جيترو ويجهي وڃون ٿا اوترو پري ڀڄندڙ محسوس ٿيندي آهي؛ ۽ جڏهن اڙانگن پنڌن ۾ پير پٿون ڪري ماڻهو اتي رسندو آهي ته معاملو ئي ٻيو نڪرندو آهي؛ اسان کي خبر پوندي آهي ته اها ڪا آخري منزل نه آهي، ڇو ته اتان اسان کي وري نيون ۽ ڏورانهيون منزلون پيون نظر اينديون آهن ۽ پاڻ ڏانهن پيون ڇڪينديون آهن! اهو بلڪل ايئن آهي جيئن افق تائين رسڻ جو خواب سانڍي اسان اڳتي وڌندا هجون، نتيجي ۾ نوان منظر ۽ نيون منزلون لتاڙيندا رهون، پر پوءِ به مطلوبه افق اوترو ئي ڏورانهون ۽ اتساهيندڙ ئي رهي ٿو!
اسان ايٽم کي ٽوڙي ڇڏيو، پر ڪوائنٽم دنيا اسان کي ٻڌايو ته حقيقت اسان جي عام تصور کان ڪيتري مختلف آهي.
اسان جين جو ڪوڊ پڙهي ورتو، پر زندگيءَ جي مڪمل راز کي اڃان به نٿا سمجهون.
اسان دماغ جون تصويرون وٺي سگهون ٿا، پر شعور ڇا آهي، اهو سوال اڃان زنده آهي.
اسان مصنوعي ذهانت ٺاهي سگهون ٿا، پر “ذهانت” جي مڪمل فطرت اڃان به بحث هيٺ آهي.
اسان ڪائنات جي اربين ڪهڪشائن کي ڏسي سگهون ٿا، پر اهو سوال اڃان اُتي بيٺو آهي ته: آخر هي سڀ ڪجهه ڇو آهي؟
شايد انسان جي عظمت ان ڳالهه ۾ نه آهي ته هُو هر سوال جو جواب ڄاڻي ٿو يا ڄاڻي سگهي، پر انسان جي عظمت ان ڳالهه ۾ آهي ته هو پنهنجِي لاعلميءَ کي تسليم ڪرڻ جي جرئت رکي ٿو ۽ ان بنياد تي نين دريافتن ۽ ايجادن جي روشنيءَ ۾ اونداهي ۽ لامحدود دنيا ۽ ڪائنات ۾ اڳتي وڌندو رهي ٿو.
آخري ڳالهه: اسان کي علم ۾ اڳتي وڌڻ گهرجي، پر عاجزي جو دامن ڇڏڻ نه گهرجي. اسان کي جِين ايڊيٽنگ ۾ کوجنا ڪرڻ گهرجي، پر انسانن توڙي ٻين جاندارن جي نسلن ۽ سندن زندگين کي عذاب ڪرڻ جِي قيمت تي نه؛ اسان کي مصنوعي ذهانت گهرجي، پر انساني ۽ ٻِي زندگي جِي قيمت تي هرگز نه؛ اسان کي دريائن، بندن ۽ شهرن جي ضرورت آهي، پر فطري ۽ ماحولياتي تباهي جِي قيمت تي نه؛ اسان کي ترقي گهرجي، پر اهڙي ترقي قطعي نه جيڪا انساني توڙي ٻِي حياتياتي زندگي کي پنهنجي باهه ۾ ساڙي ڇڏي! ڇو ته شايد سڀ کان خطرناڪ انسان اهو نه آهي جيڪو ڪجهه نٿو ڄاڻي، پر سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ انسان اهو آهي، جيڪو تمام ٿورڙو ڄاڻي ٿو، پر الٽو اهو يقين رکي ٿو ته هُو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو! زندگي هڪ اهڙو زخيم ڪتاب آهي، جنهن جا ڪجهه صفحا اسان پڙهي چڪا آهيون، ڪجهه پڙهي رهيا آهيون، پر اڪثر صفحا اڃان بند ۽ اڻ ڇهيل آهن. ان ڪري شايد آخري سچ اهوئي آهي ته شين جي مڪمل سمجهه ناممڪن نه، تڏهن به مشڪل ضرور آهي ۽ رهندي. جيئن ته ڪائنات اڃان تائين ختم نه ٿِي آهي، زندگي ختم نه ٿِي آهي، سوال ختم نه ٿيا آهن، ان ڪري انسان جو علم به اڃان تائين مڪمل نه ٿيو آهي! شايد ايندڙ سڀني زمانن ۾ علم جي آخري منزل “سڀ ڪجهه ڄاڻڻ” نه، پر اهو سمجهڻ هوندي ته “اسان کي اڃان گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ باقي آهي!”
اهم ۽ چونڊ حوالا ۽ مددي ڪتاب:
Bacon, Francis. Novum Organum. 1620, Book I, Aphorism 3. In The Works of Francis Bacon, edited by James Spedding, Robert Leslie Ellis, and Douglas Denon Heath, vol. 4, Longman, 1858, p. 47
Galileo Galilei. (2024). In The Stanford Encyclopedia of Philosophy. Stanford University.
Laucelles, Christopher. (2015) A Short History of the World.Bloomabuey. New Delhi.
NASA. (n.d.). Planetary motion: The history of an idea that launched the Scientific Revolution. NASA Science.
National Human Genome Research Institute. (2022). The human genome sequence is now complete. National Institutes of Health.
Xiong, X., Chen, M., Lim, W. A., Zhao, D., & Qi, L. S. (2016). CRISPR/Cas9 for human genome engineering and disease research. Annual Review of Genomics and Human Genetics, 17, 131–154. https://doi.org/10.1146/annurev-genom-083115-022258
Yuval Noah Harari(2016).Homo Deus: A Brief History of Tomorrow. Vintage, Penguin Random House: London.
https://www.goodreads.com/quotes/30410-i-do-not-know-what-i-may-appear-to-the

How old is the Homo Sapiens species?
by inAskScienceDiscussion


https://www.science.org/content/article/ten-thousand-years-ago-human-evolution-went-overdrive

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو