شاهه جي رسالي جو هٿ آيل صدي پراڻو نسخو
Khaleeq Rehman Keerio ڪالم نگار، محقق
تعليم: MPA-HRM, LLB، تصنيف: “لطيفي ببليوگرافي” (آگسٽ 2023ع ۾ ڇپيل)
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام سنڌي ٻوليءَ جو اهو املھه خزانو آهي، جنهن تي جيتري به تحقيق ڪئي وڃي، اھا گهٽ آهي. وقت سان گڏ شاھ جي رسالي جا ڪيترائي قلمي ۽ ڇاپي نسخا سامهون ايندا رهيا آهن، جيڪي اسان جي ادبي تاريخ ۾ نوان باب رقم ڪن ٿا. اهڙي ئي هڪ اهم، اڻلڀ ۽ تاريخي نسخي جو احوال “رسالو شاھ عبداللطيف” (1925ع – 1905ع) جي عنوان سان ملي ٿو. جنهن جو مرتب اڃان تائين نامعلوم آهي، پر پنهنجي بناوت ۽ تحقيقي اهميت جي لحاظ کان اهو سنڌي ادب خاص طور لطيفيات جو هڪ اهم دستاويز آهي. هن نسخي جي باري ۾ بنيادي معلومات نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي “شاھ جو رسالو، شاھ جو ڪلام (1989ع) جي پهرئين جلد ۾ ملي ٿو. جنهن جي صفحي نمبر 80 تي ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته: “رسالو شاھ عبداللطيف: وڏي تختي تي، هر صفحو ٻن ڪالمن ۾ ڪمپوز ٿيل، 1925ع ڌاري يا ان کان اڳ، تجارت خاطر سکر ۾ ڇپيو. ان جو متن ڪنهن بمبئي ڇاپي تان اتاريو ويو”، پر تحقيقي جستجو اتي ختم نٿي ٿئي. اسان جي لطيف شناس دوست جيون چيلهارئي کي ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪائيوز سنڌ مان هڪ نسخو “رسالو شاھ عبداللطيف” جي نالي سان هٿ آيو. جيڪو وڏي تختي جي مواد تي مشتمل آهي. رسالي جي هر صفحي تي بيت ۽ وايون ٻن ڪالمن جي ترتيب سان ڇپيل آهن. رسالي جي ڪل صفحن جو تعداد 284 آهي، پر بدقسمتيءَ سان هن نسخي جا شروعاتي ڇهه صفحا غائب ٿيل آهن. رسالي ۾ 36 سر ۽ سر سسئي جي ٽيھه اکري هوبهو بمبئي ڇاپي واري رکيل آهي. جيڪا فهرست رسالي جي آخري صفحي تي ڏنل آهي. رسالو شڪارپور جي مشهور ڇاپخاني پوڪرداس تاجر ڪتب مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو.
هن نسخي جي تاريخي حيثيت کي پرکڻ لاءِ جڏهن رسالي جي صفحن تي نظر وجهجي ٿي ته ان تي ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪائيوز سنڌ ڪراچي جو ٺپو لڳل نظر اچي ٿو. جنهن جي مطابق هي رسالو 2006-06-29 تي آرڪائيوز سنڌ ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن کي ايڪسيشن نمبر 19401 الاٽ ٿيل آهي. تاريخي لحاظ کان هي نسخو هڪ اهم بحث کي جنم ڏئي ٿو، جيتوڻيڪ شروعاتي طور تي هن کي 1925ع جو شمار ڪيو ويو آهي، پر جيون چيلهارئي موجب آرڪائيوز جي سرڪاري رڪارڊ ۾ هن نسخي جو سال 1905ع درج ٿيل آهي. هيءَ حقيقت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ان جملي جي به تصديق ڪري ٿي ته هي رسالو “1925ع ڌاري يا ان کان اڳ” جو آهي. سرڪاري رڪارڊ جي روشنيءَ ۾ اهو ثابت ٿئي ٿو ته هي رسالو بلوچ صاحب جي اندازي کان به اٽڪل 20 سال وڌيڪ قديم يعني 1905ع جو آهي.
جڏهن اسان هن مليل نسخي جو باريڪبينيءَ سان مطالعو ڪيو ۽ ان ۾ موجود بيتن ۽ واين جي ڳڻپ ڪئي ته معلوم ٿيو ته پهريان ڇھه صفحا گم ٿيل (جن ۾ سر ڪلياڻ شامل هو) کانسواءِ باقي 35 سرن ۽ ٽيھه اکري سسئيءَ ۾ ڪل 3939 بيت ۽ 228 وايون بيهن ٿيون. تحقيقي ڳولها ۽ متن جي جائزي دوران اها ڳالھه بہ سامهون آئي ته رسالي ۾ انگن اکرن جي ڪمپوزنگ ۾ غلطيون پڻ موجود آهن. مثال طور: صفحو نمبر 23، 71، 72، 102، 121، 133، 135، 141، 147، 157، 158، 160، 194 ۽ 254 ۾ بيتن تي لڳل نمبر يا ته غائب آهن يا ته دهرايا ويا آهن يا وڌايا ويا آهن، ڪي نمبر وري واين تي لڳايا ويا آهن.
جيڪڏهن هن نسخي جي ڀيٽ منهنجي ذاتي لائبريريءَ ۾ محفوظ 1867ع واري پهرئين بمبئي عڪسي ڇاپي ۽ 1876-77ع واري ٻئين بمبئي ڇاپي نسخن سان ڪجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته هن اڻلڀ نسخي جا بيت ۽ وايون پهرئين بمبئي ڇاپي سان گهڻي ڀاڱي ميل کائن ٿا، پر افسوس ته هي رسالو هن وقت پنهنجي موجوده حالت ۾ ناقص ۽ نامڪمل آهي. شروعاتي ڇهن صفحن جي ضايع ٿيڻ ڪري هن جي ڇپائيءَ جو اصل سال ۽ مرتب ڪندڙ جو نالو حتمي طور معلوم نٿو ٿي سگهي. تنهنڪري هي رسالي لطيف شناس محققن ۽ پارکن جي وڌيڪ تحقيق ۽ خصوصي توجهه جو طلبگار آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ سان موازنو:
نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيقي راءِ ۽ هن هٿ آيل نسخي جي ظاهري توڙي باطني خصوصيتن جي ڀيٽ مان اها ڳالهھ ثابت ٿئي ٿي ته هي اهو ئي 1925ع وارو رسالو آهي، جنهن جو ذڪر بلوچ صاحب ڪيو هو. ان جا اهم تحقيقي دليل هيٺيان آهن.
ڊاڪٽر بلوچ لکيو آهي ته هي رسالو “وڏي تختي تي آهي” ۽ “هر صفحو ٻن ڪالمن ۾ ڪمپوز ٿيل” آهي. آرڪائيوز سنڌ مان هٿ آيل نسخي جي بناوت به هوبهو ساڳي آهي، جتي هر صفحي تي مواد ٻن ڪالمن جي ترتيب سان ڇپيل نظر اچي ٿو.
ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق مطابق هي رسالو “تجارت خاطر سکر ۾ ڇپيو.” جڏهن ته اسان وٽ موجود نسخو شڪارپور جي مشهور تاجر ڪتب پوڪرداس جو ڇپيل آهي. ان دور ۾ پوڪرداس جا ڪتاب سکر جي پرنٽنگ پريسن مان پڻ ڇپبا هئا. جهڙي نموني مرزا قليچ وارو ترتيب ڏنل “شاھ جو رسالو – 1913ع” آهي. ان جو شروعاتي حصو هنسراج پرنٽنگ پريس سکر مان ڇپيو، جڏهن ته بقايا متن وري پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو. اهڙي ئي نموني سان اهو ممڪن آهي ته هي رسالو سکر جي ڪنهن پرنٽنگ پريس مان ڇپائي، شڪارپور مان پڌرو ڪيو ويو هجي. ڇاڪاڻ ته ان وقت سکر ۽ شڪارپور جون پرنٽنگ پريسون ۽ انهن جا مالڪ هڪٻئي سان گهرو تعلق رکندا هئا. تنهنڪري هي واپاري ڇاپي وارو نقطو سڌو سنئون ڊاڪٽر بلوچ جي دعويٰ جي تصديق ڪري ٿو.
ڊاڪٽر بلوچ جو چوڻ آهي ته “ان جو متن ڪنهن بمبئي ڇاپي تان اتاريو ويو هو.” جڏهن هن نسخي جي بيتن ۽ واين کي 1867ع ۽ 1876-77ع وارن بمبئي ڇاپن سان سان ڀيٽيو ويو ته ان جو متن هوبهو پهرئين بمبئي ڇاپي سان ميل جول ۾ هو. هي سڀ کان وڏو تحقيقي ثبوت آهي.
رسالي ۾ موجود 36 سرن ۽ ٽيھه اکري سسئيءَ جي فهرست هوبهو بمبئي ڇاپن واري آهي، جيڪا ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي بيان ڪيل ماخذ “بمبئي ڇاپي تان اتارڻ” واري ڳالھه جي تصديق ڪري ٿو.
جيون چيلهارئي موجب آرڪائيوز جي سرڪاري رڪارڊ ۾ رسالي جو سال 1905ع درج ٿيل آهي. هيءَ حقيقت ڊاڪٽر بلوچ جي ان راءِ سان مڪمل مطابقت رکي ٿي، جنهن ۾ هن لکيو هو ته هي رسالو “1925ع ڌاري يا ان کان اڳ” جو ڇپيل آهي. ائين ڊاڪٽر بلوچ واري لکت سان ڀيٽ ڪرڻ تي تحقيقي طور ثابت ٿئي ٿو ته هي رسالو بلوچ صاحب واري اندازي کان به 20 سال وڌيڪ قديم يعني 1905ع جو آهي.
رسالي جي ٻولي، لکت، سرن جي شروعات توڙي ختم ٿيڻ جو نمونو پڻ هوبهو بمبئي ڇاپي جهڙو آهي. بمبئي ڇاپي وانگر ڇٽيھه سرن جي فهرست رسالي جي آخري صفحي تي ڏنل آهي.
انهن تمام هڪ جهڙائين جي بنياد تي تحقيقي طور تي اهو چئي سگهجي ٿو ته آرڪائيوز مان هٿ آيل هي نسخو، ڊاڪٽر بلوچ جو ذڪر ڪيل 1925ع وارو شاهه جو رسالو ئي آهي. جنهن جا شروعاتي ڇھه صفحا ضايع ٿي ويا. تنهنڪري سنڌ جي سڄاڻ ڌرين، لطيف شناس محققن ۽ علمي ادارن جي سربراهن کي گهرجي ته هن رسالي جا پهريان ڇھه گم ٿيل صفحا ڳولهڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن حتمي طور تي اها خبر پئجي سگهي ته هن نسخي جي ڇپجڻ جو اصل سال ڪهڙو هو ۽ ان کي علمي طور تي مرتب ڪندڙ ڪير هو؟
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟