سنڌ جو هڪ قابل ۽ ڏاهو انسان
Haseeb Nayab Mangi تعليمدان (ليڪچرار)، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار
سنڌي ۽ اردو ۾ ڪهاڻيون ۽ مقالا لکندا رهندا آهن. 5 ڪتابن جو مصنف.
اڄ هڪ عظيم شخص کي ياد ڪندي خوشي به محسوس ٿي رهيو آهي ته ڏک واري ڪيفيت به طاري اٿم. جنهن کي نه صرف تاريخ سان دلچسپي هئي، پر علم ۽ ادب جي ڄاڻ به هئي. هو صحافت ۾ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو. سياست ۾ به خاص دلچسپي رکندڙ هو. پنهنجي دور جي وڏن وڏن عالمن، اديبن، صحافين ۽ سياستدانن جي صحبت کيس نصيب ٿي هئي، پر افسوس جو مفلسي هن جي آڏو ڦرندي رهي، هو جنهن مقام جو ماڻهو هو تيڏيون ئي سختيون برداشت ڪندو رھيو. محمد صالح “عاجز” جو نالو اسان جي علمي، ادبي، صحافتي ۽ سياست ۾ دلچسپي رکندڙن ساٿين جي لاءِ نئون نه هوندو. مون کي پڪ آهي ته قدر شناس ماڻهو اهو ڄاڻندا هوندا ته هو نه صرف علم ۽ ادب جو ڄاڻو هو، پر خوددار ۽ سچو انسان به هو. پنهنجي اصولن تي قائم رهندي هن پنهنجي ڄمار گذاري هئي.
محمد صالح “عاجز” ذات جو ميمڻ هو ۽ ملا محمود فقير جو فرزند هو سندس والد کي به پنهنجي ڌرتيءَ سان بيحد پيار هو. جيڪو حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رح جي صحبت ۾ رهندڙ شخص ۽ سندس مريد هو. ملا محمود فقير ميمڻ ٻني ٻارو ڪندو هو، پر انگريز سامراج کان مڪمل بيزار هو. محمد صالح “عاجز” جي جنم جو سال ڪٿي 1918ع ته ڪٿي 1920ع ڄاڻائي وئي آهي، پر حقيقت ۾ هو 20 فيبروري 1921ع تي شڪارپور جي ڳوٺ نور محمد شجراع ۾ ڄائو هو.
محمد صالح “عاجز” ابتدائي تعليم جا ڪجھه سبق ٺل مان ورتا. هن جي والد کيس دري خان کوسي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو، هڪ ڀيري ڪورس جي ڪتاب ۾ درج، جارج ڇهين جي شان ۾ ڇپيل قصيدو ياد ڪري رهيو هو ته والد کيس تمام گهڻي مار ڏني هئي ۽ کيس چيو هو ته “تون منهنجي گهر ۾ پليت فرنگيءَ جي حڪومت جي مضبوطيءَ لاءِ دعائون گهري رهيو آهين.” (چار نوان درويش عبدالواحد آريسر ). بس ڏينهن اهو ڪيائين ٻيهر ڪڏهن به اسڪول جو منهن نه ڏٺائين ۽ تعليم کي ٺل توڙي شڪارپور جي ديني مدرسن ۾ حاصل ڪندو رهيو. غوثپور مان عربيءَ ۽ فارسي ٻولين تي عبور حاصل ڪيائين.
گهر ۾ سياسي ماحول کي ڏسندي سندس لاڙو ننڍپڻ کان ئي سياست ڏانهن رهيو. ڪانگريس سان مضبوط تعلق گانڌي واري ڌڙي سان جڙيل رهيو. ڪانگريس جي جلسن ۾ شرڪت ڪري جوشيلون تقريرون ڪندو هو. علم جي ڄاڻ ۽ خطابت جي فن جي ڪري هو نوجوانيءَ ۾ ئي گانڌيءَ کان سردار پٽيل تائين مولانا آزاد کان محمد صادق کڏي واري تائين، الله بخش سومري کان جي ايم سيد تائين گهڻن ئي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ رهبرن جي وچ ۾ رهيو. سياسي تحريڪن ۾ رهندي وقت به وقت گرفتار به ٿيو. اول هڪ سال جي قيد ماڻيائين جنهن تي سنڌ جو قومي ۽ عوامي شاعر نياز همايوني لکندي نظر آيو ته “سنڌ جو زنده دل فرزند، محب وطن مجاهد ۽ جنگ آزاديءَ جو اهو سپاهي، جيڪو انگريزي استعمار خلاف لڙندي آڪٽوبر 1939ع ڌاري ڊفينس آف انڊيارولس جي سيڪشن نمبر 38 جي “سي” فقري هيٺ گرفتار ٿي جيل ويو، سنڌ مان هي پهريون شخص هو، جنهن کي انهيءَ ڪاري قانون تحت قيد ڪيو ويو، ان کانپوءِ ٻين ماڻهن جون گرفتاريون شروع ٿيون.” ( ماهوار پيغام ڪراچي مارچ اپريل 1984ع ص 29).
هو ڪانگريس سان گڏوگڏ جميعت العلماءِ هند ۽ مجلس احرار اسلام جو به حصو ٿي رهيو. 1940ع ۾ ڇهه مهينا جڏهن ته 1942ع ۾ اڍائي سال قيد ۾ گذاري انگريزن جون صعوبتون سٺائين. سندس چوڻ هو ته “اسان نه مسلمانن جا مخالف هئاسين نه وري هندن جا حمايتي! اسان ته آزاديءَ جا عاشق هئاسين.”
محمد صالح “عاجز” سير ۽ سفر جو به ڪوڏيو هو، سموري سنڌ سان گڏ هندستان به گهمي ڏٺو هئائين. سندس قرب ۾ رهندڙ ماڻهو ٻڌائين ٿا ته “سياسي هلچل دوران هو ايترو ته گهميو جو سموري سنڌ جي تاريخ کي نه صرف پڙهندي يا ٻڌندي ياد ڪيائين، پر جيڪي واقعا اکين سان ڏٺائين سي ته کيس ياد هوندا هئا، پر جڏهن به ڪنهن ڳوٺ يا شهر جو نالو سندس اڳيان وٺبو هو ته سموري علائقي جي تاريخ کان جاگرافيائي نقشو آڻي اڳيان بيهاريندو هو.” پاڻ سنڌ جي سياسي هلچل جي تاريخ جو اکين ڏٺو شاهد ۽ حقيقي تاريخ جو تمام وڏو ڄاڻو هو. سنڌ جي ناليوارن اديبن سان تاريخ جي معاملي ۾ اختلاف رکندو هو. سياسي هلچل دوران سندس ويجهو اهي ڪردار آيا جن پنهنجي حياتيءَ ۾ جدوجھد سان گڏوگڏ علم جي شمع کي به روشن رکيو هو. وقت بوقت هي صاحب پاڻ به قلم کڻي مضمون لکندو هو. سندس هڪ ڪتاب “سنڌ جا سورهيه” پڻ ڇپيل آهي.
مولانا محمد صالح “عاجز” صحافت ۾ به حصو ورتو. 1945ع کان هفتيوار “چئلينج” جيڪب آباد جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، بعد ۾ هفتيوار “عدل” حيدرآباد جو ايڊيٽر ٿيو. مئي 1947ع ۾ شڪارپور مان مولوي عبدالڪريم چشتي سان گڏ “جمهور” جاري ڪيائين جنهن کانپوءِ روزاني “مجاهد” ڪراچي جو سب ايڊيٽر ٿيو. ڪراچيءَ مان ئي 1948ع ۾ هفتيوار “شهباز” جاري ڪيائين. 1945ع کان 1962ع تائين هفتيوار “ستاره سنڌ” نوابشاهه کي جاري رکندو آيو. هفتيوار “صبح صادق” نوابشاهه کي به زندگيءَ جي آخري ايامن تائين شايع ڪرائيندو رهيو. سنڌ جو نالي وارو محقق ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي هڪ هنڌ لکي ٿو ته “محمد صالح “عاجز” نوابشاهه شهر جي صحافين ما هڪ بيباڪ، جرئتمند ۽ مستقل ارادي وارو صحافي هو. صحافت جي ميدان ۾ هن وڏي بيباڪيءَ سان نوابشاهه جي عوام جي خدمت ڪئي.” (نوابشاهه ص 294 ۽ 295).
اهڙي ريت ڊاڪٽر مظهر الدين سومرو جو پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز “تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌ جي عالمن جو حصو” ۾ خيال آهي ته “مولانا صاحب صحافت شروع ڪرڻ کان اڳ الحنيف (جيڪب آباد) ۾ مضمون لکندو هو.” (ص 403).
سنڌ جو ناليوارو اديب ۽ قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر سنڌ جي هن يگاني سياسي ۽ صحافتي ڪردار متعلق لکي ٿو ته “هو هڪ قلندر صفت انسان هو، جنهن جي هن ڪائنات ۾ پنهنجن نظرين کانسواءِ ڪابه دولت نه هئي، هو هڪ وڏو بهادر ماڻهو هو، جنهن جو ڪنڌ وقت جي ڪنهن به لات ۽ منات جي سامهون نه جهڪيو. هو جنگ آزادي جو عظيم ۽ بيغرض مجاهد هو، جنهن جواني جون ڪيتريون بهارون ۽ امنگن ڀريا سال برطانوي سامراج جي جيلن جي حوالي ڪري ڇڏيا. هو سنڌ جي تاريخ جو وڏو عالم هو جنهن کي سنڌ جي تاريخ ۽ ان سان لاڳاپيل مقام، ماڳن، هنڌ، پيچرا، گس، گهيڙ، درياءَ جا وهڪرا ۽ بندر برزبان ياد هئا. هو لطيف جو عاشق ۽ حافظ هو. بهترين اديب، سٺو نقاد ۽ شعلا بيان مقرر ۽ اڻٿڪ محقق هو.” (ماهوار پيغام ڪراچي مارچ اپريل 1984ع ص 29 ۽ 30).
افسوس اهو آهي ته اسان وٽ قابل ماڻهو جو قدر نه ٿي سگهندو آهي. سنڌ جو ايڏو وڏو ماڻهو سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان پنهنجي حياتيءَ جو وقت گذاري ڏکن ۽ تڪليفن ۾ صبر جو دامن نه ڇڏيندي 21 جولاءِ 1982ع تي حيدرآباد ۾ گذاري ويو. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ نور محمد شجراع (شڪارپور) ۾ آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟