مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سعودی عرب جي انا پرستي واري تاريخ جو مختصر جائزو

Tufail Magsi

ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڄ ڪلھه جو سعودي عرب صرف هن وقت ئي نادان ناهي، بلڪه اهو 1922ع کان بغض معاويه جي پيروي تي عمل ڪندو پيو اچي. ڇاڪاڻ ته 1922ع تائين سعودي عرب سلطنت عثمانيه هيٺ ترڪيءَ جو حصو هو. 1922ع کان اڳ سعودي عرب جو نالو سعودي عرب نه، بلڪه حجاز مقدس هو. خلافتِ عثمانيه دنيا جي ٽن براعظمن تي 623 سال (1299-1922) تائين قائم رهيو. جڏهن به دنيا ۾ مسلمانن تي ظلم و ستم ٿيندو هو ته ترڪي حڪومت ان جو سخت جواب ڏيندي هئي. آمريڪا، برطانيه، نصراني ۽ يهودين کي جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ خوف هو ته اهو خلافت عثمانيه جي حڪومت کان هو. آمريڪا ۽ يورپ جهڙن ملڪن کي پتو هو ته جيستائين خلافت عثمانيه آهي، اهي مسلمانن جو ڪجھه نٿا بگاڙي سگهن. آمريڪا ۽ يورپ خلافت عثمانيه کي ختم ڪرڻ جي سازش شروع ڪئي. 19 صدي ۾ سلطنت عثمانيه ۽ روس جي وچ ۾ ڪافي جنگيون به ٿيون. ڇاڪاڻ ته مڪو ۽ مدينو مسلمانن جي ويجهو احترام جي لائق آهن، ان ڪري سڀ کان پهرين فتنو اتان کان ئي شروع ڪرايو ويو. آمريڪا ۽ يورپ سڀ کان پهرين هڪ شخص کي تيار ڪيو جيڪو عيسائي هو، اهڙي عربي ٻولي ڳالهائيندو هو جو ڪنهن کي انهيءَ تي ڪو شڪ نه ٿيو. هن عربن کي خلافت عثمانيه خلاف اهو چئي گهمراھ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ته توهان عربي آهيو ۽ اهي ترڪي عجمي (غير عربي) آهن، توهان عجما حڪومت کي ڪيئن برداشت ڪري رهيا آهيو، پر ماڻهن هن جي هڪ نه مڃي. اهو شخص “لارنس آف عربيا” جي نالي سان مشهور ٿيو. پوءِ وري آمريڪا هڪ شخص کي پڻ عثمانيه سلطنت جي خلاف بيهاريو جنهن جو نالو عبدالوهاب نجدي هو. عبدالوهاب نجدي جي ملاقات عرب جي هڪ سوداگر سان ٿي جنهن جو نالو ابن سعود هو، هن ابن سعود کي عرب جو حڪمران بنائڻ جي لالچ ڏني. پوءِ ابن سعود مڪي، مديني ۽ طائف ۾ ترڪي جي خلاف جنگ شروع ڪري ڇڏي. مڪي، مديني شريف ۽ طائف جا لکين مسلمان ابن سعود جي فوج هٿان شهيد ٿيا. جڏهن ترڪيءَ ڏٺو ته ابن سعود اسان کي عرب کان ڪڍڻ ۽ پاڻ عرب تي حڪومت ڪرڻ لاءِ مڪي، مديني ۽ طائف جي بي ڏوهي مسلمانن کي شهيد ڪري رهيو آهي، تڏهن ترڪي عالمي طور تي اهو اعلان ڪري ڇڏيو ته “اسان هن پاڪ سر زمين تي قتل و غارت پسند نٿا ڪريون.” انهيءَ سبب کان خلافت عثمانيه کي ختم ڪيو ويو، جنهن سبب 40 نوان ملڪ وجود ۾ آيا. پوءِ عرب جي مسلمانن جو زوال شروع ٿيو. حجاز مقدس جو نالو 1400 سال جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بدلجي ويو ۽ هاڻي ابن سعود حجاز مقدس جو نالو پنهنجي نالي تي سعوديه رکي ڇڏيو. ان فتني جو ذڪر حديثن ۾ به ملي ٿو. انهيءَ نجد ۾ عبدالوهاب نجدي جنم ورتو، جنهن سان انگريزن هڪ نئين مذهب جو بنياد وڌو ۽ اهوئي شهر مسلمه ڪذاب جي جنم جو پڻ هنڌ آهي، پر سڄي دنيا جي مسلمانن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ انگريزن ان “نجد” شهر جو نالو به تبديل ڪري “رياض” رکي ڇڏيو، جيڪو اڄڪلھه سعوديه جي گادي جو هنڌ آهي. جنت البقيع ۽ جنت المعليٰ ۾ اصحابي سڳورن ۽ اهل بيت عليهم السلام جي مزارن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. حرم شريف جي جن دروازن جا نالا اصحابن ۽ اهلبيت جي نالن تي هئا انهن جو نالو آل سعود جي نالي تي رکيو ويو. انگريزن پنهنجي انهيءَ سازش جي ڪاميابي تي 1962ع ۾ بالي ووڊ “لارنس آف عربيا” جي نالي تي فلم به ٺاهي، جيڪا ڪافي ڀيرا ڏٺي وئي آهي. يهودي ۽ نصاري کي عرب ۾ اچڻ جي اجازت ملي وئي، جنهن ڏينهن ابن سعود عرب جو بادشاھ بڻجي ويو، ان ڏينهن هڪ جشن ٿيو جنهن ۾ آمريڪا، برطانيه ۽ ٻين ملڪن جا وزيراعظم ابن سعود کي مبارڪ باد ڏيڻ اچي ويا، جنهن عرب جي نالي کان يهود ۽ نصاري ڏڪندا هئا اهو سعوديه آمريڪا جي اشاري تي نچڻ لڳو ۽ اڄ به رندن سان گڏ نچي رهيو آهي. يهود و نصاري جي انهيءَ ناپاڪ سازش جو ذڪر ڪندي.
اقبال پنهنجي ڪلام ۾ لکيو آهي:
وه فاقه ڪش جو موت سي ڊرتا نهين ذرا،
روح محمد ﷺ اس ڪي دل سي نڪال دو،
فڪر عرب ڪو دي ڪر فرنگي تخيلات،
اسلام ڪو حجاز اور يمن سي نڪال دو.
اڄ به سعودي صرف ايران دشمني سبب معاهدا ڪندو رهي ٿو باقي هن جا اصل دوست ۽ ڀرجهلا آمريڪا ۽ اسرائيل آهن، جنهن جو هو بار بار اظهار پڻ ڪندو رهيو آهي ته منهنجي پسنديده قوم يهودي آهي. ڇاڪاڻ ته منهنجي امڙ ايٿوپيا جي يهودي نسل منجهان هئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو