8 فيبروري مسئلن جو فل اسٽاپ
رياستي ڪاروهنوار ڳجهين ايجنسين جي هٿن ۾ آهن سا خبر ۽ چرچ عام ماڻهوءَ کي پوڻ مشڪل آهي ته رياست جي نيت ۾ ڇاهي يا ماضيءَ جا تجربا ڏسي اها شيءِ چئي سگهجي ٿي ته هاڻي ڇا ٿيندو يا ڪير کٽيندو يا ڪير هارائيندو، پر هڪڙي ڳالھه واضح آهي ته ملڪ ۾ جڏهن به اليڪشن صاف شفاف ۽ ايمانداريءَ واري ٿي آهي ته ملڪ ٽٽي ڦٽي ويو آهي، هيل به جي ايتري صاف، شفاف ۽ ايماندار اليڪشن ٿي ته ملڪ ٽٽي ويندو يا ملڪ هن حال کان به هليو ويندو، ان ڪري هن مهل تائين زرداري، نوازشريف ۽ جيل ۾ بند (لڳي ٿو ته تاحيات) عمران خان به پنهنجي ليکي کٽيو ويٺو آهي ته پوءِ هارائيندو ڪير؟ يا مذهبي پارٽيون ته الله رسول جي نالي تي ووٽ جي فرمائش ڪيو ويٺيون آهن ۽ ماڻهو سمجهن ٿا ته تبديلي ته ايندي ئي ڪا نه ان ڪري هيل ووٽ جي عيوض ثواب کٽجي ۽ ووٽ مذهبي گروهن کي ڏجي ۽ ڪجھه قوم پرست ڌرين جو وهم آهي ته هيل اهي کٽي عوام جي خدمت ڪنديون، جيڪي هيل تائين ڪامياب ناهن ٿيون.