مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٿر جي ماروئڙن سان گذاريل منهنجي زندگيءَ جا 4 سال (قسط 2)

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

احمد عليءَ جو کليل آواز رات جي خاموشيءَ ۾ گونجي رهيو هو ۽ پريتام، احمد علي سان گڏ مان ان واريءَ جي ڀٽ تي ويٺو هوس. لطيف جي بيت کانپوءِ جڏهن اسان جي گفتگو تعليم ۽ اسڪولن جي ويرانيءَ ڏانهن مڙي، ته ماحول ۾ هڪ عجيب خاموشي اچي وئي. پريتام پنهنجي گوڏن تي هٿ رکندي چيو، “بليدي صاحب، ڳالهيون سڀ سٺيون آهن، پر اسان جو اصل مسئلو هي واريءَ جا دڙا ۽ پيٽ جي باهه آهن.”
رات جو اٽڪل يارھين بجي جو وقت هوندو، پريتام جي گهر مان هڪ ٻار جي روئڻ جو آواز آيو. موهني (پريتام جي گهر واري) جيڪا ڏينهن جو ميلن جو پنڌ ڪري کارو پاڻي ڀري آئي هئي، سا ٻار کي هنج ۾ کنيون ٻاهر نڪري آئي. ٻار جو جسم تيز تپ(بخار) سان ٻري رهيو هو. مون جڏهن پنهنجي کيسي مان موبائيل جي لائيٽ ٻاري، ٻار کي ڏٺو، ته هن جون اکيون اندر هليون ويون هيون اهو سڌو سنئون سخت ڊائريا (اُلٽين) جو ڪيس هو، جيڪو ٿر ۾ کاري ۽ گندي پاڻيءَ سبب عام آهي.
مون احمد عليءَ کان پڇيو، “احمد علي، ٻار جي حالت خراب آهي، هتي ويجهو ڪو ڊاڪٽر يا علاج جو بندوبست ناهي؟”
احمد عليءَ پنهنجي پٽڪي جو ور درست ڪندي ۽ سفينا پُڙي (جيڪا گٽڪي واري کاري سوپاري ھوندي آھي) وات ۾ اڇلائيندي چيو، “سائين، هتي ايل اڇ وي (LHV) جي هڪڙي ڪوارٽر جي عمارت ٺهيل آهي، پر اتي ڪوبه موجود ناهي هوندو. وڏي اسپتال مٺي ۾ آهي، جيڪا هتان ٽيهه چاليهه ڪلو ميٽر پري آهي. هن وقت نه ڪو چيڪڙو ملندو ۽ نه ئي ڪا ٻي سواري. خدا ڪندو، صبح تائين اڳڙين جا گھاٽا ٻڌي تپ لاهينداسين.”
احمد عليءَ جو اهو جواب ڪو سنگدلي نه هئي، پر اها ان لاچاريءَ جي حقيقت هئي جيڪا ٿر جي هر ٻئي گهر جو مقدر آهي. جتي وڏي شهر جا ماڻهو معمولي مٿي جي سور تي به ڊاڪٽر ڏانهن ڊوڙندا آهن، اتي ٿر جو پورهيت پنهنجي ٻار جي زندگي رڳو “صبح ٿيڻ” جي اميد تي ڇڏي ڏيندو آهي. هتي پورهيو صرف ٻنين تائين محدود ناهي، پر بقا جي جنگ جو نالو آهي. احمد عليءَ جي نظر ۾ وڌيڪ ٻار هجڻ جو مطلب وڌيڪ پورهيت هئا، ڇاڪاڻ ته هن تپندڙ رڻ ۾ بنا هٿن جي جيئڻ ناممڪن هو.
صبح جو سوير، اڃان اوندوهه هئي ته موهني وري مٿي تي گهڙا رکي، پنهنجي بيمار ٻار کي سمهاري، پاڻيءَ جي ان ساڳئي سفر تي رواني ٿي وئي. صبح جو اٺين وڳي مون پريتام کي چيو ته هلي ڳوٺ جو اسڪول ڏسون. اسان جڏهن ڳوٺ جي سرڪاري پرائمري اسڪول جي عمارت اڳيان پهتاسين، ته اتي ڪو به استاد يا شاگرد موجود نه هو. اسڪول جي ورانڊي ۾ هڪ مقامي ماڻهوءَ جون ٻڪريون ٻڌل هيون ۽ ڪلاس رومن جون دريون ٽٽل هيون، جن مان ريت اڏامي اندر گڏ ٿي وئي هئي. پريتام اسڪول جي بليڪ بورڊ تي آڱر سان ڄميل مٽي صاف ڪندي چيو، “اوشاق صاحب، هي اسڪول رڳو ووٽن جي ڏينهن تي کلندو آهي يا وري ڪڏهن وڏيرو پنهنجي ڪنهن خاص مهمان کي ترسائي. اسان جا ٻار ڪتابن جو منهن ڪيئن ڏسن؟”
اهو منظر ڪنهن به باشعور انسان جي اکين ۾ پاڻي آڻڻ لاءِ ڪافي هو. اسان ڪاغذن تي ترقيءَ جا جيڪي به مينار کڙا ڪيا آهن، ان سان ڪوبه فرق نه پيو پوي. سچ اهو آهي ته ٿر جا اڪثر اسڪول اڄ به رڳو ڀتين جا اڏا آهن، جتي علم جي روشني وڏيرن جي اوطاقن ۽ سياسي اثر رسوخ جي اونداهيءَ ۾ گم ٿي چڪي آهي.
ٻپهريءَ جو جڏهن مان مٺي واپس وڃڻ لاءِ چيڪڙي تي سوار ٿيس، ته پريتام مون کي اٺ جي لغام تائين ڇڏڻ آيو. هن جي هٿن ۾ پورهئي جا سخت چمڙا هئا. هن الوداعي هٿ ملائيندي چيو، “بليدي صاحب! شهر وڃي اسان جو حال ڪنهن وڏي آفيسر کي ضرور ٻڌائجو. چئجوس ته اسان کي روڊ نٿا کپن، اسان کي رڳو پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ ٻارن لاءِ هڪڙو استاد ڏئي ڇڏين.”
چيڪڙو واريءَ کي چيريندڙ پڪي سڙڪ ڏانهن وڌي رهيو هو، پر منهنجو ذهن ان بيمار ٻار، پاڻيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ويندڙ موهني ۽ ان ويران اسڪول ۾ ئي اٽڪيل هو. ٿر مان ڪوئلو ڪڍي پوري ملڪ کي بجلي ڏيڻ وارا منصوبا پنهنجي جڳهه تي، پر حقيقي سوال اهو آهي ته ان اربين رپين جي منصوبي مان ٿر جي پنهنجي نياڻيءَ کي اڃ اجهائڻ لاءِ مٺو پاڻي ڪڏهن ملندو؟
جيستائين ان زميني حقيقت کي تسليم نه ڪيو ويندو، تيستائين ٿر جي ترقيءَ جون سڀ ڳالهيون رڳو اخبارن جا بيان ۽ ڪاغذي ڪارروايون ئي رهنديون. … (هلندڙ)

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو