ماتلي ۾ جبري لوڊشيڊنگ ۽ رات جو دير تائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند رکي ماڻھن جون گرمي ۾ ننڊون خراب ڪرڻ ۽ کاٽڙين چورن کي چورين جا موقعا مھيا ڪرڻ جا مسئلا وڌي ويا آھن، ھونئن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جا ڪي به جواز نه آھن. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار انگن اکرن مطابق 24 ڪلاڪ سپلاءِ جاري رکڻ باوجود 13 ھزار ميگا واٽ اضافي پيداوار آھي. 24 ڪلاڪ بجلي جاري رھي تڏھن به ملڪ کي 31 ھزار ميگا واٽ گھرجن جڏھن ته ملڪ وٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش 44 ھزار ميگا واٽ آھي، جنھن جي سرڪاري خزاني مان پاور پلانٽس کي ادائگي به جاري آھي، ان باوجود لوڊ شيڊنگ کي لاڳو ڪيو ويو آھي، ماتلي ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ لاڳو ڪيل آھي، جنھن جو ڪو شيڊيول به پڌرو ڪيل نه آھي، جڏھن ته ان لوڊشيڊنگ جي آڙ ۾ روزانو سراسري طور تي 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي بند رکي وڃي ٿي جنھن سان ماتلي ۽ آسپاس جي علائقن جا ماڻھو عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، ھزارين مزدورن جو روزگار بجلي سان جڙيل آھي، درزي، ڌوٻي، آرا ميشينن، رائيس ملن سميت بيشمار ڪمن تي لڳل ھزارين پورھيت بجلي بند رھڻ سبب بيروزگاري ڀوڳين ٿا، شاگردن جي پڙھائي متاثر ٿئي ٿي ۽ آفيسن جي ڪمن ۾ به خلل پوي ٿو، سڀ کان وڏو مسئلو واٽر سپلاءِ جو پيش اچي ٿو، گھرن تائين پاڻي بجلي کانسواءِ نه ٿو پھچي.