مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هوا ڏئي رهيو آهي، سندن ارادا بي نقاب ڪنداسين: وزيراعظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي صحافي جي انڪشافن مودي سرڪار ۽ ڀارتي ميڊيا جي ناپاڪ ڳٺ جوڙ کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته مان 2019 ۾ گڏيل قومن جي تقرير دوران ڀارتي سازشن کي بي نقاب ڪيو. مودي چونڊون کٽڻ لاءِ خطرناڪ فوجي ايڊوينچر ڪيو جنهن سان سڄو خطو عدم استحڪام جو شڪار ٿي پئي سگهيو، پر پاڪستان ذميواري جو مظاهرو ڪري خطي کي بچايو. وزيراعظم چيو ته ڀارتي صحافي جي تازي ڳالهه ٻولهه ڀارتي ميڊيا ۽ مودي سرڪار جي ناپاڪ ڳٺ جوڙ کي ظاهر ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان ڀارتي ارادن کي بي نقاب ڪندو رهندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چونڊون کٽڻ لاءِ خطرناڪ ايڊوينچر ڪيو ويو. عالمي برادري ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي. پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته مودي ڀارت کي اهڙو ملڪ ٺاهي رهيو آهي جيڪو ٻين ملڪن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو