مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پاڪستان ۽ ڀارت ڪنهن به فوجي ڪارروائي کان پاسو ڪن؛ آمريڪا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو پاڪستان ۽ ڀارت تي زور ڏنو آهي ته موجوده صورتحال ۾ وڌيڪ ڪنهن به فوجي ڪارروائي کان پاسو ڪيو وڄي. ڀارت پاران پاڪستان جي سرحدن جي ڀڃڪڙي بابت پڇيل سوال ۾ مائيڪ پومپيو چيو ته هن جي سشما سوراج ۽ شاهه محمود قريشي سان ڳالهه ٿي آهي، جنهن ۾ هن ٻنهي کي چيو آهي ته ٻئي ڄڻا ترجيحي بنيادن تي رابطا ڪن ۽ وڌيڪ ڪاررواين کان پاسو ڪن. هن وڌيڪ چيو ته ٻئي ملڪ صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪن ۽ ڪيشيدگي کان پاسو ڪن. ياد رهي ته سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات ڀارت پاران پاڪستان جي فضائي سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي هئي، جنهن بعد پاڪستان جوابي ڪارروائي جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو